احسان دانش ڪهاڻي
پاتال
هن جي نيڻن ۾ جا التجا هئي، تنهن کي ڪنهن محسوس ئي نه پئي ڪيو. ڪاسائي پنهنجو ڪم ڪندو رهيو، اَڏيءَ تي ڪاتُ هلندو رهيو، گوشت جون ٻوٽيون ٻوٽيون ٿينديون رهيون، ٻوٽين مان قيمو ٺهندو رهيو...... ڳاڙها ساوا نوٽ مَٽبا رهيا پر هو پوڙهو، جنهن جي چهري تي صدين جو سوداءُ ۽ پيشانيءَ تي پريشانيءَ جا اڻ ڳڻيا گُھنج هيا، تَنهن جي نيڻن ۾ جا التجا هئي تنهن کي ڪنهن محسوس ئي نه پئي ڪيو....
وقت جي بار کان جھڪي ويل پوڙهو ڪيئي پَلَ ڪاسائيءَ جي دڪان تي ٽنگيل رانن کي غور سان گھوريندو رهيو. تازو ڪٺلَ جانور جو گوشت اڃا ڪٿان ڪٿان ڦڙڪي رهيو هو.
”پوڙها ڇا کپئي؟“ ڪاسائي سندس ميري پهراڻ ۽ ڇڳل چپل ڏي ڏسي ڪجھ کُهري انداز ۾ ڳالهايو.
”ابا گوشت.“ سِيرَ ايندڙ جانور جهڙو آواز نڪتس.
”گھڻو کپئي؟“
”ابا! صاحب کي ران مان ٽي ڪِلو تازو گوشت کپي.“ مئجسٽريٽ جي خاص نائڪ امالڪ اچي حڪم ڪيس.
”حاضر بابلا اجھو ٿو ڪري وٺان.“
”۽ ها ناشتي لاءِ ميڄالو به کپي..... جلدي ڪڍي وٺ.“
”ڇورا ايڏانهن مغز کڻي وٺ.“ ڪاسائي پريان ويٺل همراهه کي هڪل ڪئي.
”ٻيو حڪم بابا؟“
” ها ٽيون ڏينهن جيڪي جيرا ۽ بُڪيون موڪليون هيئي ......... اهي بيگم صاحبه کي نه وڻيئي...... ڏاڍي ناراض پئي ٿئي...... چئه پاروٿا ڏنا اٿائين..... ٻيلي خيال ڪر ڪٿي چالان نه ٿي وڃين.“
”هي نور ڀٽاري جو قسم آ صاحب کي تازي شي ڏيندو آهيان.“ ڪاسائي ڏهه ئي آڱريون کڻي اکين تي رکيون. ”ڪوڙي تي لعنت ڪريس نائڪ..... پاروٿو گوشت ڏئي صاحب جي ٻچن کي بيمار ڪندا سي؟“
”ها صاحبن جو خيال رکڻو پوندئي، ڌنڌو روزي به ته هن ئي شهر ۾ ڪرڻو اٿئي نه....؟“ نائڪ رازداري واري انداز ۾ آهستي چيس ”اسان کي خبر ناهي ڇا ته تون مئل ڍورن جو گوشت کپائي لکاپتي ٿيو آن.......... ڊاڪٽر ڪوڙا سرٽيفڪيٽ ڪيئن ڏيندا آهن، اهو به پتو آ........“
ڪاسائيءَ جي منهن جو پنو لهي ويو. تڪڙ ۾ رڙ ڪيائين ”ڇورا نائڪ لاءِ ٿڌو کڻي آ.“ هٿ جوڙي، اک ڀڃي چيائينس ”بس پارت ٿئي بابا........... بيگم صاحبه کان معافي وٺي ڏجانءِ، جيئن صاحب منهنجي مٿان نه ڏمرجي.“
نائڪ هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏي مُڇَ کي تاءُ ڏنو، ٿڌو اچي ويو ۽ ميڄالو ٿيلهيءَ ۾ لهي ويو.
”هي تازو مغز منهنجا سائين...... “ ڪاسائي نائڪ ڏي ٿيلهي وڌائي ”۽ گوشت هاڻي ئي ٺهرائي بنگلي تي موڪلي ٿو ڏيان.“
نائڪ بوتل مان آخري ڍُڪ ڀري ڪپڙا ڇنڊي ميڄالو کڻي ٻانهون ٺوڪيندو دڪان ٻاهران گذريو ته ڀرسان تازي ڪُٺل پهروءَ جي رتُ تي ويٺل مَکيون اڏامي وري اچي ويٺيون.
ٿوري ئي دير ۾ ڪاسائيءَ جي دڪان تي ماڻهن جو ميڙو مچي ويو. پوڙهو هر ايندڙ گراهڪ جي پٺيان ٿيندي ٿيندي پري وڃي ٺُلهه سان لڳو.
ٻه ڪِلو....... اڍائي ڪلو......... چار ڪِلو...... پاوا....... بُڪيون............. جيرا .......... ميڄالو ........... قيمو............ ٻه سوء .............. پنج سوء ................ هزار ........... ڳاڙها ساوا نوٽ........
پوڙهو ڳيتون ڏيندو پير پير اڳتي وڌندو آيو.
”پيرسن ڪلاڪ ٿيو اٿئي رڳو پيو ٿو مُنهن تڪين، گھڻو گوشت ڏيانءِ؟“ ڪاسائيءَ ران ۾ هٿُ وجھندي چيس.
”پُٽ .............“ لفظ پوڙهي جي حلق ۾ ڦاسي پيا.
”ها اڌ ڪِلو ڪيان ............ هان...“
”نه نه.“
”باقي؟“
”هي ..........“ پوڙهي ڏڪندڙ هٿ ۾ مروڙيل ويهه رپئي جو نوٽ ڪڍي ڏانهس وڌايو.
”پوڙها مٿو خراب ٿيو اٿئي ڇا؟!“ ڪاسائيءَ ڇينڀ پٽيندي چيس. ”گھر وڃي مهل سان ننڊ ڪر........ ويهه رپيا کڻي هليو آن گوشت وٺڻ. ويهين رپئين ۾ هٽ تان دال به نه ملندئي......... هل بابا هل......“
”ابا ٻه مهينا ٿيا هن ٻچڙن ٻوٽي نه کاڌي آ.“ پوڙهي جي لفظن ۾ رحم جي درخواست ۽ بي وسي هئي.
”ٺيڪ آ پر ٻيهر ايترا پئسا کڻي نه اچجانءِ جھونا.“ ڪاسائيءَ کي پوڙهي جي اکين ۾ ترندڙ لڙڪ ڏسي رحم اچي ويو. ”گوشت ڏيڍ سوء رپيا ڪلو ٿي ويو آ خبر اٿئي نه ..........“
ڪاسائيءَ گوشت جو هڪ چرٻيءَ مليل ننڍڙو ٽُڪرو ڪروڌ سان ڪَپيو ۽ اڏيءَ تي رکي ڪاتَ سان ننڍيون ننڍيون ٻوٽيون، جهڙوڪر قيمو ڪري ٿيلهيءَ ۾ وڌيون. اهي سڀ ٻوٽيون ننڍڙي ٿيلهيءَ جي هڪ ڪُنڊ ۾ ماپي ويون. اهي ٻوٽيون ماجسٽريٽ جي هڪ لقمي کان وڌيڪ نه هيون .................. پوڙهو ڄڻ خالي ٿيلهي کڻي اڳتي وڌيو. اها ٿيلهي ڏاڍي هلڪي هئي پر هن جي اندر جو غم ڏاڍو ڳورو هيو...... هو پنهنجا ڳورا قدم کڻي مُڙيو، سندس هڪ هڪ وک ڄڻ پاتال ڏانهن کڄي رهي هئي.
پوڙهو دُڪان مان نڪتو ته ڪُتو پڇ لوڏي نماڻن نيڻن سان ڪاسائيءَ جي دڪان اڳيان اچي ويٺو.
ڪاسائيءَ صبح کان گوشت مان بچيل ڇڇڙا ڪُتي اڳيان اڇليا، ڇڇڙن ۾ چنبڙيل ٿورو ٿورو گوشت پوڙهي جي ٿيلهيءَ ۾ وڌل گوشت کان وڌيڪ هيو.“
احسان دانش ڪهاڻي
اجگر
محمد خان جي گھر 11 سالن جي ٿڪائيندڙ انتظار کان پوءِ سڪيلڌي سدوري ڄائي هئي، پشم جهڙي ڀوري ۽ خوبصورت. سدوري تي پڻهس جهڙو نالو رکيو پنهنجي سڀاءَ ۾ به هوءَ اهڙي ئي هئي، هوءَ ننڍي هوندي کان ئي ٻين ٻارن کان نرالي ۽ نرمل هئي، ڳوٺ جون ٻيون نينگريون نه رڳو رنگ ۾ هن کان ڪوجھيون هيون پر هنر ۾ به گھڻو گھٽ. سدوري ڪڏهن پنهنجي حسن ۽ هنر تي ناز نه ڪيو، هوءَ سراسر نماڻي هئي جهڙي نوري. سامائي ته سندس جوڀن اهڙو نکري پيو جو چئي چپ ڪجي......
محمد خان ڳوٺ جو هڪ مسڪين ۽ شريف ماڻهو هيو، سندس ڪُلُ ملڪيت ٻنيءَ جا چار ٻارا هئي، جيڪا سندس ننڍڙي ڪٽنب جي پيٽ قوت لاءِ ڪافي هئي. سندس ڪٽنب هيو به ڪهڙو... پوڙهو پيءُ جيڪو ڏهن سالن کان دم جي مرض ۾ مبتلا، سندس سگھڙ زال حاجران ۽ سهڻي سدوري. حاجران جوان هئي ته نه رڳو گھر جو سڄو ڪم ڪار ڪندي هئي پر ڀرت ۽ سيبي ٽوپي جو ٻيو ڪم به شوق سان ڪندي هئي، سدوري وڏڙي ٿي ته سندس هٿ ونڊائڻ لڳي، هن کي ماءُ سان به پيار هيو پر پيءُ تان اصل اول گھول ويندي هئي. شام ٽاڻي گھر جي در ۾ اکيون اٽڪائي ويٺي هوندي، هن کي هر پل بابل جو انتظار هوندو هو، گرميءَ جي ڏينهن ۾ ٻني تان پگھر ۾ شل ٿي موٽندو هيو ته جھٽ ۾ مٽ مان ٿڌو پاڻي ڀري ايندي هئي جيئن پيءُ جي پياس پوري ٿئي. کٽ تي ويهندو ته پکو جھليندي، ڊڪندي ماني کڻي ايندي، پڻهس ڏانهنس ٻاجھ ڀريون نظرون کڻي نهاريندو ۽ دعائون ڏيندو هو.....
حاجران ننڍي هوندي کان ئي سدوريءَ کي هڪ سٺي گھر ڌياڻي ٿيڻ جا سبق سيکاريندي هئي، جنهن ۾ هن ايڏي دلچسپي ورتي جو ماءُ کان به ٻه هٿ اڳتي نڪري وئي. هن جي هٿ ۾ جا نفاست ۽ نزاڪت هئي سا ڳوٺ جي ٻي ڪنهن عورت ۾ نه هئي، سندس جيڏيون سرتيون هن جي ڀرت تي ريس ڪنديون هيون، ڪيتريون ئي هرمچي، ڪشميري ۽ ڪُنڍيءَ جو ڪم وٽس سکڻ اينديون هيون. شهر جون ڇوڪريون فرمائش تي وٽائنس ويس ڀرائينديون هيون، ڇوته سوڪهڙي جي ڏينهن ۾ ان هنر مان گھر جي خرچ لاءِ ٻوپيسي جي مدد ملي پوندي هئي.... تنهن ڪري گھڻو تڻو ماءُ ڌيءُ ان ڪم ۾ رڌل هونديون هيون.
سدوريءَ جو ڏاڏو جواني ۾ کٽون واڻيندو هو، هو پنهنجي وقت جو بهترين ڪاريگر هيو، هو سچو ۽ سڌو ماڻهو هيو، شوقين مڙس يا وڏيرا سنهي مڃَ مان کٽن ۽ منجين جون من پسند ڊزائينون ٺهرائيندا هئس. هن اهو ڪم ڪندي ڪيئي واهڻ ۽ شهر لتاڙيا هئا پاڙا ۽ گھٽيون گھميون هيو ۽ قسمين قسمين ماڻهن سان ملاقاتي ٿيو هو. سياري، سانوڻ محلن ۽ ميدانن تي مڃ کولي هئي..... هن وڏو زمانو ڏٺو هو زماني جا رنگ ڏٺا هئا.... سدوري واندڪائي ويل ڏاڏي جي کٽ تي ويهي سندس وقت جا قصا ڏاڍي چاھ سان ٻُڌندي هئي. هو هڪ هڪ ڳالھ ائين کوليندو هو جيئن واڻ جون ويڙهوٽيون کوليندو هجي..... سدوريءَ کي ڏاڍو مزو ايندو هيو. هوءَ جڏهن کانئس پڇندي هئي ته ”بابا وڏا اڳي ۽ هاڻي ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“ ته ڄڻ سندس من ۾ ڪا ڇيت لهي ويندي هئي. ٿڌو ساھ ڀري چوندو هو ”ڌيءَ هاڻي اهو زمانو نه رهيو آ نه ئي اهي ماڻهو، هاڻي اشراف جي جاءِ ناهي... ۽ ڪمينو زور آ، اڳي شرافت ۽ عزت ئي ماڻهوءَ جي ملڪيت هوندي هئي ڌيءَ، هاڻي ته ڄڻ شرافت کي ڪنهن ڍڪَ ۾ وجھائي ڇڏيو آهي، هر پاسي لُچ ۽ لوفر جو راڄ آهي، امان...... ماڻهو رڳو پئسي جي پٺيان آهن، هاڻي خلق جو دين ايمان بس ڏوڪڙ آهي.... ڪاڏي وئي اها همدردي..... ڪاڏي وئي اها مهمان نوازي، ڪاڏي ويا اهي مڙس مهان جيڪي سامون جھليندا هئا.........“ هو جڏهن به تڪڙو ڳالهائيندو هو ته کيس سهڪو ٿي پوندو هو، جيئن سهڪو ٿيندو هيس ته سدوري سٽ پائي مٽ مان هن لاءِ پاڻي ڀري ايندي هئي.
محمد خان کي پٽ جو اولاد نه هيو پر سدوري هن کي پٽن جيان ئي پياري هئي.... پر گھر ۾ نياڻي جو جوان وياءُ پيءُ ماءُ لاءِ سدائين ڪنهن سُٺي رشتي جي سچ جو سبب بڻبو آهي، هن کي اهو ته فڪر نه هيو جو سندس ڀاءُ هن سان پنهنجي موڀي پٽ سوڍي لاءِ سدوري جي سڱ جي ڳالھ گھڻو اڳ ڇڏي هئي...... پر هو جڏهن به سدوريءَ جي رخصتيءَ جو سوچيندو هيو ته سندس پنبڙيون پُسي پونديون هيون، نيٺ سياري جي هڪ سرد رات حاجران سانجڻ مان واندي ٿي جڏهن هنڌ ۾ سهڙي هئي ته، ساڻس سدوري جي سڱ جي ڳالھ چوري هئائين.
”سدوريءَ جا پيءُ هاڻي ڌيءَ اچي جوان ٿي آهي، ڌيءُ ڌڻ هونءَ ئي امانت هوندي آهي، ڀلا ادي وارن جو ڇا ارادو آهي....؟“
”حاجران ادو ته چوي ٿو ته هن فصل تي ئي شادي ٿي وڃي پر......“
”پر وري ڇا...؟“
”اڙي سوچيان ٿو سدوري هلي ويندي ته گھر جو اڱڻ ٻُسو ٿي ويندو.“ محمد خان جي نيڻن جا ڪنارا آلا ٿي پيا هئا.
”سدوريءَ جا پيءُ اهو ته دنيا جو دستور آهي، نياڻي نماڻي ڀلا ڪيترو وقت پيءُ جي گھر ۾ رهندي، نيٺ ته هڪ ڏينهن شينهن ڪُلهي چڙهڻو اٿس.... تون دل نه لاھ، هونءَ به ادا وارن جو ڳوٺ رڳو اٺ ڪوهن جي پنڌ تي ئي ته آهي، جڏهن سِڪ لڳئي ته کڻي ڌيءَ سان ملي اچجانس. ٻيو ته سوڍو سوٽ اٿس، ڪو ڏکيو ڪونه رکندس، هاڻي ته سيڌي جو دڪان پڪو ڪري ٺهرايو اٿائين، پنهنجي مڇيءَ ماني لائق آهي ۽ وڏي ڳالھ ته ٻئي سنُ آهن. رب ڪندو سدوري سدا سُکي رهندي.“
”پوءِ مان هائو ڪيانس...“
”منهنجي ته اها ئي مرضي آهي، ٻيو ته توکي خبر آهي ته مان پنهنجي سيبي ٽوپي مان سدوري جي ڏاج جو گھڻو سامان ته گڏ ڪري چڪي آهيان، الله ڪندو هن ڀيري فصل سُٺو ٿيو ته باقي سامان به ٿي پوندو.“
”ها رب وڏو آهي، ان رازق ۾ آسرو آهي، هن دفعي وڏيري ججھو قرض ڏيڻ جو به واعدو ڪيو آ، باقي هر سال جيان ڀر واري ڳوٺ ۾ هن جي وانگار وهڻي پوندي. رب سڀ چڱي ڪندو، بس تون رڳو دعا ڪر ته هيل سنڌوءَ ۾ جام پاڻي اچي ته جيئن فصل سُٺو ٿي پوي نه ته سوڪهڙي جي ڪري اڌ زمين اُڃي رهجي ٿي وڃي......“
”ڌڻي ڪندو ته هن ڀيري اسان جي سدوريءَ جي ڀاڳ ۾ جَلُ جام ٿي پوندو.“
سدوري ۽ سوڍو هيا به ڄڻ سهڻي ۽ ميهار. ننڍي لاءِ هڪ ٻئي لاءِ جا اُڪير هين سا جواني تائين اهڙي محبت ۾ مٽجي وين جنهن جا مثال داستانن ۾ ملندا آهن، پر سدوري اها سهڻي هئي جنهن پنهنجي سوڍل لاءِ ڪڏهن پنهنجي پيءُ جي عزت جي چانئٺ نه اورانگھي ۽ سوڍو به اهڙو ميهر نه هو جيڪو سدوريءَ جي چادر ۽ چوديواري اورانگھڻ لاءِ اتاولو هجي......
نيٺ هڪ ڏينهن محمد خان جو ڀاءُ برادري جي چئن چڱن سان گڏجي وٽس سدوري جي سڱ جي ڳالھ پڪي ڪرڻ لاءِ پهتو، دنيا جي رسم رواج کي پاڻي ڏيڻو هيو نه ته ٻئي ڌريون اڳي ئي راضي هيون، طئي ٿيو ته ايندڙ فصل تي شادي جو ڪاڄ ڪيو ويندو. محمد خان جي ڀاڄائي نياڻي کي رئو وڌو، سڀني وات مٺو ڪيو ۽ سرتين سهيلين لاڏا چيا. سياري جي جنهن رات سوڍي ۽ سدوريءَ جي رشتي جي ڳالھ پڪي ٿي ان رات وڏو پارو پيو هو، پر هنن ٻنهي جي من ۾ ڪو مچ ٻري پيو هو. سدوري ته سڄي رات اکين تي ڪاٽي هئي، ان رات هن کي انَ جي سوڙ ۾ به سيئاندو پئي ٿيو، هوءَ تڏن جي تڪ تڪ ۽ ڏور ويٺل گدڙ جي اُلڪي بنا سڄي رات رڳو سوڍي لاءِ پئي سوچيو. مڱڻي کان اڳي سوڍو چاچي جي گھر ايندو هو ته سدوريءَ سان اکين ۾ ڳالهائيندو هيو پر جڏهن جڳ ۾ سندن ٻنڌڻ جي ٻاٻور ٻُري ته سدوري سندس اڳيان شرم ٻوٽي بڻجي وئي. سوڍو سندس گھر ۾ پير پائي ته هوءَ وڃي ڪمري ۾ لڪي، ڄڻ هو کيس ڇُهي ڪومائي ڇڏيندو.
انتظار ۾ راتيون ۽ ڏينهن ڏکيا گذرندا آهن، سوڍو پنهنجي مڱ ماڻڻ لاءِ مهينن مان ڏينهن ڳڻيندي گذاريندو رهيو ۽ سدوري پنهنجي نيڻن ۾ انيڪ خواب پالي جوان ڪيا. حاجران، نياڻيءَ جو لاڳ گڏ ڪندي وئي... ويس، وڳا، هنڌ ويهاڻا ۽ ٿانوَ ٿپا ته گھڻو اڳ تيار ڪري ڇڏيا هيائين، هاڻي ڌيءُ جي زيورن جي ڳڻتي هيس، هن کيس دهري، هس، ڪڙيون، ٻانهيون، جھومڪ، نٿ، گُجريون، چوڙيون مطلب سمورا عورتاڻا زيور ڏيڻ جو سوچيو هيو ۽ ڪجھ ٺهرائي به ورتا هئا، سدوري سندن سڪي لڌي ڌيءَ هئي، تنهن ڪري کيس اهڙو ڏاج ڏيڻ پئي چاهيائين، جنهن تي ڀلي جڳُ ريسون ڪري.
راتيون ڏينهن کي ڳهنديون ويون سيارو سانوڻ ۾ مٽجي ويو، زمين تي هر هلڻ لڳا، ٻجُ ڇٽجي ويو، رونبا ٿي ويا، سانوڻيءَ جو مينهن ڪڙڪا ڏئي وسيو، سڄو تَرُ سرسبز ٿي ويو، هر چهرو ٻهڪي پيو، آسوند جون اکيون چمڪي پيون..... سوڍو سينڍون وڄائي گھمڻ لڳو، سدوريءَ کي هر هر هِڏڪي ٿيڻ لڳي، جا سوڍي جي نانءَ سان ختم پئي. شاديءَ جون تياريون تيز ٿي ويون.... هاڻي رڳو اوسيئڙو هيو فصل جو. سانوڻيءَ جي مينهن سُڪل تل تراين به ڀري ڇڏيون هيون محمد خان مالڪ جي مهر تي ڏاڍو خوش هيو جو هن ڀيري فصل ڀلو ٿيڻ جي اميد هيس. هن اڳي کان وڌيڪ زمين تي رونبو ڪيو هو، پر هنن مان ڪنهن به خبر نه هئي ته هن سانوڻيءَ جيڪو مينهن خوشين جو پيغام کڻي آيو هو ان جي پٺيان درد جو ڪيڏو وڏو سيلاب لڪل آهي....!
اها رات پورنماس جي رات هجڻ باوجود محمد خان جي زندگيءَ جي تاريڪ رات هئي، جنهن رات درياھ جو بند ٽٽو هو ۽ پاڻي شينهن جي گاج وانگر هيانءُ ڏاريندو تيز ڊوڙندو پئي آيو، لانڊيون ۽ لوڙها ڊهي پيا، وستيون ۽ واهڻ ٻڏي ويا، اڱڻ ۽ اوطاقون نه رهيون، مال ۽ چارا چٽُ ٿي ويا، اَن ۽ اٽا آلا ٿي ويا، هر پاسي دانهون ۽ ڪوڪون پئجي ويون، لاش ماڻهو لڙهڻ لڳا، روڄ ۽ راڙو شروع ٿي ويو... ڪيئي ونين ور وڇڙي ويا، ڪيئي ٻاتا ٻول ٻُڏي ويا.... درياھ جو بند نه ٽٽو هو ڄڻ موت جي راڪاس راڙو ڪيو هو.
چوڏهينءَ جو چنڊ چِٽو هيو، درياھ جي موجن ۾ اجگر واري اُٿل هئي، اجگر جي ڦوڪ دليون دهلائي ڇڏيون. محمد خان جي پيءُ جي هٿ مان لٺ ڇڏائجي وئي، ٿاٻڙجي ڪري پيو، چيلھ ۾ چُڪ پيس، سهڪو وڌي ويس، اٿي نه سگھيو ۽ اجگر کيس ڳڙڪائي ويو. محمد خان کي اندازو به نه هيو ته وڏيري جي وانگار کيس ايڏي مهانگي پوندي، اها رات جا هن ٻنيءَ جي ٻارن تي گذاري هئي سا هن جي زندگيءَ جي ايڏي ڀيانڪ رات هوندي هن ته اهو سوچيو ئي نه هيو. سهري کي سنڀالڻ حاجران جي وس ۾ نه هيو هن جو هيانءُ هٿن مان نڪري ويو هو، هر ڪو پنهنجي سِرَ بچائڻ ۾ پورو هو، پاڻي ۾ چپڪا هيا، ڀاڄ هئي......... حاجران کي ڪجھ به ياد نه هيو نه دهري، نه چوڙيون، نه هس، نه جھومڪ ....... سدوريءَ جي ڏاج جو سارو سامان جيڪو وڏن سورن سان ٺاهيو هئائين ان وقت کيس ياد ئي نه آيو جو پاڻي ٻرانگھون ۽ ٻاڪون هڻندو چڙهندو پئي ويو، ان گھڙيءَ سرن جي سلامتي ئي ڏاج ۽ ڏيوڻ هيو. سدوري هيسيل هرڻيءَ ٿي پئي هئي، سندس دل زور زور سان ڌڙڪي رهي هئي، هن جا نيڻ سڙي رهيا هئا، خواب سڙي رهيا هئا، من سڙي رهيو هو...... ۽ پاڻي تيزيءَ سان چڙهي رهيو هو. جھٽ ۾ گوڏي کان چُتر ۽ چيلھ تائين پهچي ويو..... ماءُ ڌيءُ کي چيلھ جيڏو پاڻي اچي ڪلهن تار ٿيو، حاجران پاڻيءَ ۾ هئي، سدوري سير ۾ هئي، ڄڻ سهڻي سير ۾ هئي..... هو پاڻي جھاڳينديون رڙهنديون، رڙنديون، روئينديون ۽ رمنديون رهيون.....
محمد خان چئن ڏينهن کان ڪراچيءَ جي ڪيمپ جي هڪ ڪنڊ ۾ ويٺل آهي، هن جا چپ سبيل آهن ۽ اڃا نيڻ سُڪيا ناهن.
احسان دانش ڪهاڻي
اُساٽ
ان هڪ حادثي منهنجي دنيا اجاڙي ڇڏي هئي. سچ پچ هو هڪ جينئس ماڻهو هيو. منهنجو مڙس، منهنجو جيون ساٿي جنهن کي ان حادثي کانپوءِ هڪ جنوني شخص سمجھو پئي ويو. مڃان ٿي ته هن جو جنون بي ضرر هيو، پر هو اڳي ائين بلڪل نه هيو. هو جيڪو منهنجي هڪڙي مرڪ جو متوالو هوندو هو، جيڪو منهنجي نيڻن جي پيالن مان پيئندي ڪڏهن نه ڍاپندو هو… ان حادثي کانپوءِ مان سندس ان نظر لاءِ پل پل تڙپي هيس. اها نظر جنهن ۾ اٿاھ محبت هوندي هئي.... ائين نه آهي ته هن مونکان نفرت پئي ڪئي، ڪوئي ائين به نه ٿو چئي سگھي ته هن جي جذبن مٿان برف ڄمي وئي هئي. ان حادثي کان پوءِ هن کي ڇا ٿي ويو هو… مان سندس حرڪتن کي ڪو نالو نه ٿي ڏئي سگھان. هن جي چريائپ ۽ جنون عام پاڳلن جهڙو نه هو.
جيڪڏهن مونکي خبر هجي ها ته ان ڏينهن اهڙو واقعو پيش ايندو جيڪو منهنجي زندگيءَ ۾ طوفان آڻي ڇڏيندو ته مان هرگز گھر کان ٻاهر نه هجان ها. اهي بد نصيب لمحا هيا جيڪي مون پنهنجي ڀيڻ جي گھر ۾ سندس پٽ جي سالگره ملهائيندي گذاريا هئا. جيڪڏهن مان گھر ۾ هجان ها ته شايد سنگھار کي سنڀالي سگھان ها، مان ته گھر ۾ ان پل پهتي هيس جڏهن هو نيم بيهوشيءَ واري حالت ۾ زمين تي ڪريو پيو هو، ائين ٿي لڳو ڄڻ هن جو ساھ گھٽجي رهيو هجي، تيز تيز ۽ وڏا وڏا ساھ کڻي رهيو هو. ٿوري دير اڳ گھر جي ٻاهران فائرنگ ٿي هئي. اها فائرنگ يونيورسٽي جي ٻن شاگرد ڌرين وچ ۾ هئي، هڪڙي ڌر جا ڪجھ شاگرد لڪندي ڀڄندي اسان جي بنگلي ۾ داخل ٿي چڪا هئا. اسان جي بنگلي مان به فائرن جا آواز گونجڻ لڳا هئا. سنگھار انهن فائرن جي آوازن کان گھٻرائجي ويو هو انهي خوف ۽ گھٻراهٽ ۾ هو زمين تي ڪري پيو هو.... مونکي پهرين نظر ۾ ئي محسوس ٿيو ته هن تي برين هيمريج جو شديد حملو ٿيو آهي. مون هن کي هاسپيٽل تائين پهچايو هو پر هن جو بچڻ مشڪل هيو. منهنجي اندر جا سمورا ڏيئا وسامي چڪا هئا. ڊاڪٽرن جي چهرن تي به بيوسيءَ جا آثار نظر اچي رهيا هئا…
اهي يارنهن ڏينهن جن ۾ هو بي هوش هيو مان ڪيڏي پيڙا ۾ گذاريا هئا ان جو شايد ڪو به اندازو نه ٿو ڪري سگھي. يارنهن ڏينهن کان پوءِ هن جي هوش ۾ اچڻ واري خبر منهنجي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي خوشيءَ جي خبر هئي. پر هوش ۾ اچڻ کان پوءِ ڄڻ هن جي چپن تي تالو لڳي ويو هو. مان هن سان ڳالهائيندي رهي هيس مسلسل ڳالهائيندي رهي هيس پر هو ڪنهن ڀت وانگر خاموش ............. مان کيس ڳراٽي پائي روئڻ لڳي هيس، سڏڪڻ لڳي هيس. پر هو خاموش… شايد هو مونکي سڃاڻي ئي نه پيو. مان ڊاڪٽرن کان پڇيو ڇا هن جي ياداشت گم ٿي چڪي آهي. چيائون ”نه هن کي ڪجھ آرام جي ضرورت آهي.“ پر هن جي آرام مونکي بي آرام ڪري ڇڏيو هو. ڪجھ ڏينهن کان پوءِ هن مونکي سڃاڻڻ ته شروع ڪيو پر اها گرم جوشي نه هئي. انهن ئي ڏينهن ۾ اچانڪ هن تي الائي ڪهڙو جنون طاري ٿيو، هن بيڊ تان اٿي پنن تي ڪجھ لکڻ شروع ڪيو، تمام تيز تيز لکندو رهيو، هن جو قلم ايڏو تيزيءَ سان لکي رهيو هو جو مان حيران ٿي ويس. ان کان اڳ ۾ مون ڪنهن ماڻهوءَ کي ايڏو تيزيءَ سان لکندي نه ڏٺو هو. ائين پيو لڳي ڄڻ هن جي من ۾ ڪو لاوو آهي جيڪو لفظن جي صورت ۾ ٻاهر نڪرندو ٿو رهي. مان پنا کڻندي ويس اهي نظم هيا، پر بي ترتيب ۽ منجھيل سُٽَ وانگر. مونکي حيرت لڳي ته هن اهي نظم ڪيئن لکيا، ڇوته مون هن جي لائبريري ۾ ڪڏهن ڪو شاعريءَ جو ڪتاب ئي ڪونه ڏٺو هو ۽ ان کان اڳ ڪڏهن به هن ڪو شعر ڪونه لکيو هو. مونکي ڪجھ به سمجھ ۾ نه آيو هو ته اهو ڇا ٿي رهيو هو.
ان واقعي کان پوءِ اسان يونيورسٽيءَ وارو گھر ڇڏي سٽي ۾ هڪ بنگلو ورتو هو. هاڻي سنگھار بظاهر ٺيڪ هيو. پر هن جي اندر جو لاوو اڃا ٻڙڪي رهيو هيو. هو جڏهن به لکندو هيو ته لڳندو هيو ڄڻ ڪو جنوني شخص پنهنجي بي انتها جنون ۽ وجد ۾ اچي ويو هجي. ڪڏهن ڪڏهن پنا ختم ٿي ويندا هئا ته هو پنهنجي هٿن ٻانهن ۽ پيرن تي به لکندو هو، هن جي اندر ۾ ڪا اڃ ۽ اساٽ هئي جيڪا ختم ئي نه پئي ٿِي. مان کانئس ان جنون جو سبب پڇندي هيس ته هو چوندو هو ”منهنجي اندر ۾ ڪجھ آهي جيڪو مان ٻاهر ڪڍڻ ٿو چاهيان اهو ڇا آهي ان لاءِ مان به ڪجھ نه ٿو ڄاڻان شايد ڪا پياس آهي، جيڪا پوري ئي نه ٿي ٿئي ۽ مان جيترو لکندو ٿو وڃان اوترو اها پياس مونکي ستائي ٿي.“
مان ڊاڪٽرن سان مشورو ڪرڻ شروع ڪيو پر ڪنهن به مونکي مطمئن نه ڪيو. ڇو ته ڪنهن به علاج ڪو فائدو نه ڏنو. مان ڏاڍي پريشان هيس.
هڪ ڏينهن اچانڪ مون ڏٺو ته هن جي هٿن ۾ رنگ ۽ برش هئا، هو خالي ڪينواس تي مختلف رنگن جا برش ڦيري رهيو هو، مونکي هڪ لمحي لاءِ به نه لڳو ته هو ڊاڪٽر سنگھار آهي، ڪيميسٽري ڊپارٽمينٽ جو جينئس پروفيسر. ڪمال ذهانت سان گڏ ڊيشنگ پرسنالٽي رکندڙ ۽ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻن جو آئيڊيل …
ڏسندي ئي ڏسندي هن ڪينواس تي رنگن جي بوڇاڙ شروع ڪئي. مان ڏسندي رهيس، سوچيندي رهيس، تڙپندي رهيس..... مان هن کي ڪجھ به نه چئي سگھيس. ڪينواس مان چهرا اڀري آيا، عجيب چهرا، مونکي خوف پئي لڳو.... مان ڪجھ نه ٿي چئي سگھان ته ان پل هن ڇا پئي سوچيو.... هو مسلسل رنگن سان ڀريل برش ڦيريندو رهيو، مونکي پهريون دفعو محسوس ٿيو هو ته رنگن جي به پنهنجي ڪائنات هوندي آهي، رنگ خوشي به ڏيندا آهن، غم به ۽ خوف به.....
مان هن جي قريب اچي بيٺي هيس، پر هو پنهنجي آس پاس کان بيخبر هيو. هو هڪ عجيب ڪيفيت مان گذري رهيو هيو، ان ڪيفيت ۾ جنون هيو. ان پل مونکي ائين ئي محسوس ٿيو هو ته هُو پنهنجي وس ۾ نه هيو اهو سڀ ڪجھ هن کان بي ساخته ٿي رهيو هو. مان اهو پهريون ڀيرو ڏسي ڏاڍي پريشان ٿي هيس.
مون کانئس پڇيو هيو ته ”هي سڀ ڪجھ ڇا آهي، اها ڪهڙي ڳالھ آهي جنهن ڪري هي سڀ ڪجھ ڪري رهيو آهين..؟“
”مان خود حيران آهيان ته هي ڇا پيو ٿئي، پر ائين ڪندي ڪجھ پلن لاءِ منهنجي اندر جي اُساٽ ختم ٿئي ٿي. شايد مان ڪٿي وڃائجي ويو آهيان ۽ هنن رنگن ۾ مان پنهنجو پاڻ کي ڳولهي رهيو آهيان، جيڪڏهن مان ائين نه ڪندس ته مان گھُٽجي مري ويندس.....“ چيو هيائين.
هڪ ڏينهن آءٌ آفيس کان موٽي گھر پهتيس ته غم جي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويس، ڇوته گھر جون ديوارون هن جي پينٽنگس سان ڀريل هيون..... ظاهر آهي اهو ڪنهن به نارمل ماڻهوءَ جو ڪم نه پيو ٿي سگھي. مونکي انهيءَ لمحي پنهنجي اندر ۾ گھٽ محسوس ٿي رهي هئي ۽ هڪ لمحي لاءِ لڳو هو ته هاڻي مان هن سان گڏ نه رهي سگھنديس.... پر ائين ڪرڻ شايد منهنجي وس ۾ نه هيو. مان هن سان محبت ڪئي هئي ۽ جنهن سان محبت ڪبي آ تنهن جي خطا به ادا لڳندي آ. مون هن جي هر خطا کي ادا سمجھي اکين تي رکيو..... پر ظاهر آهي مان پنهنجي ذهن مان ان پريشانيءَ کي دور نه پئي ڪري سگھان جيڪا هن جي جنون مان جنم وٺي پئي.
مان ملڪ جي سڀ کان وڏي نيورو فزيشن سان رابطو ڪيو، جنهن سنگھار جو چڱي نموني معائنو ڪيو، فائيل ڏٺا ۽ ڪيس هسٽري معلوم ڪئي، ۽ پنهنجي ماهراڻي راءِ ڏيندي هن ٻڌايو ته ”شديد خوف ۽ دٻاءَ سبب هن جي دماغ جون ٻه رڳون برسٽ ٿيون آهن، ان حالت ۾ بچڻ محال هوندو آهي، پر پروفيسر صاحب خوشنصيب آهي. هن جي دماغ جي ساڄي پاسي واري حصي ۾ خون جي دٻاءَ سبب سندس اهي دٻيل صلاحيتون اڀري آيون آهن. ڪڏهن ڪڏهن برسٽ ٿيل رڳن جي جاءِ تي نيون رڳون ٺهڻ جو عمل (Neo Vascularization) سبب پڻ اهڙيون صلاحيتون اڀرنديون آهن. خير....... هن جي پينٽنگس ۾ جيڪي چچريل ۽ خوفناڪ چهرا آهن انهن ۾ هو پنهنجي ان ڪيفيت کي اظهاري رهيو آهي جيڪو حادثي واري رات ان تي طاري ٿي هئي. ان ۾ گھٻرائڻ جي ڪا ڳالھ نه آهي. بلڪه ان تخليقي وهڪ کي روڪڻ هر حال ۾ خراب آهي. توهانکي پريشان نه ٿيڻ کپي سنگھار صاحب هڪ جينئس آرٽسٽ آهي....“
╣╬╬ ◙ ◙ ◙ ◙ ◙ ◙ ╬╬╠
اڄ جڏهن سنگھار نه آهي ته مان پاڻ کي ڪيڏو تنها محسوس ڪيان ٿي. هن آرٽ گئلري ۾ سوين ماڻهو آهن، جيڪي هن جي ساراھ جا ڍڪ ڀرين ٿا، هن جي پينٽنگ ايگزيبيوشن ڏسڻ لاءِ ملڪ جا وڏا وڏا آرٽسٽ جمع ٿيا آهن. پر سنگھار نه آهي، هو نه آهي پر هن جون يادون ۽ ڳالهيون مونسان گڏ آهن. هو چوندو هو ته ”مان مري ويندس پر ڪنهن به ڪينواس ۾ پنهنجو اندر سمائي نه سگھندس، ڇا سمنڊ کي پيالي ۾ وجھي سگھجي ٿو؟ ڇا آسمان کي ڪڇي سگھجي ٿو، ڇا ڪائنات کي هنج ۾ ڀري سگھجي ٿو؟ منهنجي اندر ۾ به هڪ اهڙي ئي وشال ڪائنات آهي، جنهن کي آءٌ تسخير ڪرڻ چاهيان ٿو....... پر شايد اهو ممڪن نه آهي.“
سنگھار جون ساروڻيون هڪ اهڙو دائرو آهن جن مان آءٌ پنهنجو پاڻ کي ڪڍي نه ٿي سگھان، مونکي ياد آهي، ها مونکي هر اهو پل ياد آهي جيڪو مون سنگھار سان گڏ گذاريو هو. هڪ ڀيري مون هن جي ڀرسان بيهي هڪ پينٽنگ بابت کانئس پڇيو هو ” آخر ان پينٽنگ ۾ ڇا آهي جيڪا هڪ مهيني کان وٺي مڪمل نه ٿي ٿئي.؟ “
چيو هئائين ”هي ڏس هن پينٽنگ ۾ دائرا آهن، دائرا ڪڏهن به مڪمل نه ٿيندا آهن، دائرن مان نوان دائرا جنم وٺندا آهن، منهنجي زندگي کُٽي ويندي پر اهي دائرا نه کٽندا، اهي دائرا ئي مون لاءِ دوزخ آهن، اهي دائرا ئي مون لاءِ جنت آهن، مان نه هجان ته مونکي هنن دائرن ۾ ڳولجانءِ، ڇو ته مان انهن دائرن ۾ ئي گم ٿيڻو آهيان.“
ahsandanish1@yahoo.com
احسان دانش ڪهاڻي
اڻٽيهين اونداهه
”امان ڏاڍي بک لڳي آ“. ننڍڙي سارنگ جي التجا.
”ها پٽ ٻوڙ پچي ٿو“. ماڻهس جو اداس لهجو.
”منجھند کان اهو ئي ٿي چوين ته ٻوڙ پچي ٿو، هاڻي ته رات ٿي وئي آ!“
ماڻهس رَئي جي ڪنڊ سان آليون اکيون اگھندي خاموش.
”امان........ او امان!“
”....................“
”امان ڇا پچايو اٿئي؟“
”هان......... دال“.
”مان دال نه کائيندس............ تون جو چيو ٻوڙ ٿو پچي، مونکي رَسُ ۽ ٻوٽيءَ وارو ٻوڙ کپي“.
سوچي ٿي چئي نه ٿي سگھي ”وس پڄي ته پنهنجون ٻوٽيون پٽي رڌي ڏيانءِ......... ڪيئين ٻڌايانءِ ته ديگڙيءَ ۾ رڳو پاڻي ٿو ٽچڪي.......... تون منهنجي درد کي نه ٿو سمجھي سگھين منهنجا ٻچا! هيروئن جي زهر رڳو تنهنجي پيءُ کي موت جي کڏ ۾ نه ڪيرايو، پر منهنجي زندگي به زهر ڪري ڇڏي...... عورت ذات آخر ڪيسيتائين درد در جا ڌڪا کائيندي....... کائڻ لاءِ ٻن ويلن جي ماني کپي پر مون لاءِ سڀ در بند آهن........ تنهنجو پيءُ مونکي ايڊز جو اهڙو مرض ڏئي ويو آهي، جنهن مونکي ماڻهن جي دنيا مان ڪڍي ڦٽي ڪيو آهي...... مون لاءِ سڀني جي نظرن ۾ نفرت آهي........... مان اهو سڀ ڪجھ توکي نه ٿي سمجھائي سگھان منهنجا پٽ...... تون اڃا ڇهن سالن جو ٻارڙو ئي ته آهين........ ۽ مان شايد ڇهن مهينن جي مهمان......“
”امان ٻوڙ ڏي نه....؟“
”ها! پٽ مان ڏسي ٿي اچان، بس ٿيڻ وارو هوندو“.
رڌڻي ۾ وڃي ديگڙيءَ جو ڍڪُ لاهي ٿي، رڳو ٻاڦ....... ۽ ٽچڪندڙ پاڻي.... ديگڙيءَ جي ڍڪ مان ٻاڦ جي پاڻيءَ جا ٽيپا ائين ٿا ڪرن جيئن سندس نيڻن مان لڙڪ......... ها لڙڪ جيڪي درد جي ٻاڦ مان ٺهندا آهن........ دل چويس ٿي هيانءُ ڦاڙي روئي، دانهون ڪري، پر ڪجھ ڪري نه ٿي سگھي....... موٽي اچي سارنگ کي هنج ۾ ويهاري مٺيون ٿي ڏيس.
”امان هاڻي اسان کي الله جي نالي تي ماني ڇو نه ٿا ڏين!؟“
”پٽ هاڻي اسان پنهنجي ماني پچائيندا سين“. دل تي پٿر رکي چوي ٿي.
”امان اٽو وٺي آئي آن؟“ سارنگ جو معصوم سوال.
”ها منهنجا ٻچا!“
”پو ماني پچاءِ نه.......“
”بس رڳو ديڳڙي لاهيان پوءِ ماني ۾ ڪهڙي دير.....“ ماڻهس جي بيوسيءَ تي ٽهڪ ڏيندڙ جملو....... ۽ پو ٿوري خاموشي.
خاموشيءَ کي ٽوڙن ٿا سارنگ جا لفظ ”امان هو منهنجو دوست آهي نه وسيم، اهو پيو چوي ته تنهنجي ماءُ به تنهنجي پيءُ وانگر جلدي مري ويندي.... ها امان!؟“
سارنگ جا لفظ ماڻهس جو هيانءُ وڍي ٿا ڇڏين. اندر مان اڀرندڙ سُڏڪي کي گھٽيندي چوي ٿي ”تون ان سان نه گھمندو ڪر...... ڪوڙ ٿو ڳالهائي“.
”امان بابا هيروئن ڇو پيئندو هو؟“
سوچي ٿي ڇا چوي ”اڙي دال ۾ لوڻ وجھڻ وسري ويو، تون ويھ مان وجھي اچان“.
”امان جلدي اچ مونکي ننڊ ٿي اچي.“
ڪمري مان ٻاهر اڱڻ ۾ وڃي ٿي جتي اڻٽيهين اونداهي آهي، ڪو ڏيئو، ڪو ڪرڻو ڪونهي....... اها اونداهي رات هن کي بلڪل پنهنجي زندگيءَ وانگر ٿي لڳي. هن جي هٿن مان اميد جا سارا ڏيئا اجھامي چڪا آهن......... ٻوڏ رڳو سندس ڳوٺ کي ئي نه ٻوڙيو هو پر سندس مائٽن کي به لوڙهيو هيو....... مال ۾ مرض ۽ ماڻهن ۾ وبا ڄڻ اڏوهيءَ ٿي لڳي هئي، جنهن ڪجھ نه بچايو هو. هيءَ بچي هئي شايد دُکَ جي طويل رات ڪاٽڻ لاءِ. مڙسهنس کي ٻه ٻارا زمين جا پيٽ گذر لاءِ ڪافي هيا، پر هن کي شهر جو شور پسند هيو...... ۽ شهر ئي کيس زهر ڏنو.
ڀنل نيڻ کڻي اونداهي آسمان ڏانهن ڏسي ٿي. لڳيس ٿو ڄڻ ڌرتيءَ کان آسمان تائين سندس درد کي سمجھڻ وارو ڪوبه نه آهي....... سوچي ٿي ”مان نه هونديس ته سارنگ جو ڇا ٿيندو..... هو ڪنهن جي سهاري جيئندو...... هن ننڍڙي شهر ۾ جتي هر ڪو هڪ ٻئي کي سڃاڻي ٿو، اتي مونکان پوءِ نفرت ۽ بڇان جي باهه سارنگ کي جيئڻ ڏيندي.......! بک ۽ لاوارثي هن کي پينو ۽ هيروئني ته نه بڻائي ڇڏيندي.........! هو به ته پيءُ جي کوٽيل کڏ ۾ نه ڪرندو!!“ هوءَ سوچي ٿي......... کيس اچانڪ زندگيءَ کان تڪڙي آجپي جو خيال ٿو اچي. ” خودڪُشي......... ها! درياهه ۾ ٽپو.... سارنگ سوڌو.“ پر اهو سوچندي پل ۾ تڙپي پوي ٿي...... ”مان ائين نه ٿي ڪري سگھان..... مان ائين ڪيئن ڪنديس....! سارنگ کي جيئڻو آهي، مان ان کي موت جي ننڊ نه ٿي سمهاري سگھان........ ان جو ڪهڙو ڏوهه آهي“.
”پوءِ ڪنهن جو ڏوهه آهي...؟“ ڄڻ سندس اندر ۾ ڪو آهي جو کانئس پڇي ٿو. ”ماڻهن جو يا ماڻهن کي پيدا ڪندڙ جو.....؟!“ سوال سندس اندر جي ڪُن ۾ ئي ڦيراٽيون ڏئي ٻڏي ٿو وڃي. سوچي ٿي ”سارنگ کي جيئارڻ لاءِ ماني کپي، ٻوڙ کپي........ هو منجهند کان بکيو آهي، پر شهر ۾ هڙتال آهي ۽ هن لاءِ ماڻهن جي نظرن ۾ ڌڪار آهي...... ڪاڏي وڃي، ڪنهن کان ماني پني......! ڪير آهي جو سندس صدا تي در کوليندو. کيس ڪجھ سمجھ ۾ نه ٿو اچي....... ڪمري ۾ اندر اچي ٿي، جتي ننڍڙو ڏيئو ٻري ٿو. سارنگ جا نيڻ ٻوٽيل آهن...... هوءَ ڪو به کڙڪو نه ٿي ڪرڻ چاهي، ڇو ته کڙڪي تي سارنگ اُٿي پوندو ۽ وري کيس چوندو ”امان ڏاڍي بک لڳي آهي.........“
احسان دانش ڪهاڻي
اوجاڳيل اکيون
منهنجو نالو نعيم آهي، مان سرڪاري آفيس ۾ ڪلارڪ آهيان، منهنجي اها ئي نوڪري منهنجي روزيءَ جو واحد وسيلو آهي. عورتون پنهنجي عمر نه ٻڌائينديون آهن ۽ مرد پنهنجي پگھار. پر مان پنهنجي پگھار ٻڌايان ٿو. ان مان ائين نه سمجھڻ کپي ته مان مرد نه آهيان، پر مان ڪابه ڳالھ لڪائڻ کان ظاهر ڪرڻ بهتر سمجھندو آهيان. ها ته منهنجي پگھار 4 هزار رپيه آهي. ٻه سو رپيا روزانو خرچ ٿيندو آهي ۽ مهيني جا پويان پنج ڇھ ڏينهن اوڌر وٺندو آهيان. گھر ۾ ڪُل ڀاتي آهيون ساڍا چار امان، ثمينه، رابيل (منهنجي ست سالن جي ڌيءَ) ۽ مان. امان جي بيماريءَ تي يارنهن هزار خرچ اچي ويو آهي. ملائي سلائي آءٌ مختلف ماڻهن جو 20 هزارن جو قرضي آهيان. سدائين قرض لاهڻ جي فڪر ۾ منجھيل هوندو آهيان..... ها توهان کي اهو به ٻڌائيندو هلان ته مان هڪ سڻڀي سرڪاري کاتي ۾ ملازم آهيان..... پر اٺن سالن جي نوڪريءَ ۾ پنهنجي ضمير کي ماري نه سگھيو آهيان...... هزارن جي ونڊ ٿيندي ڏسندو آهيان پر مون ڪڏهن پنهنجي نالي جو حصو نه ورتو اٿم..... پورت نه ٿي پوي تڏهن هاڻي سوچيان ٿو ته شام جو ڪا پرائيويٽ جاب به ڪيان......
مان پنهنجي باري ۾ توهان کي ڪافي خبر چار ڏئي ڇڏي پر ”هو“ جنهن جي عمر يارنهن ٻارنهن سال مس ٿيندي ۽ جيڪو منهنجي ٽيبل جي ڀرسان ڪاري بوٽ کي برش سان چمڪائي رهيو آهي ان جي باري ۾ مونکي به ڪا خاص خبر نه آهي تنهن ڪري توهان کي به ڪجھ ٻڌائي نه ٿو سگھان. مان رڳو اهو ئي ڄاڻان ٿو ته هو بوٽ پالش ڪرڻ وارو آهي، پالش ۾ هٿ ڪارا ڪري بوٽ چمڪائيندو آهي. آفيس ۾ اڪثر ايندو آهي رڳو هڪڙو لفظ ”پالش....“ چئي نماڻن نيڻن سان نهاريندو آهي، ماڻهن جي نيڻن جي نهڪر کي به هو سمجھندو آهي. مان اهو ڄاڻان ٿو ته هو اکين جي ٻولي ڄاڻيندو آهي. ڪجھ پل اڳ منهنجي آفيس ۾ گھڙي آيو هو، منهنجي بوٽ ڏانهن نهاري هٿ ۾ جھليل ڊگھي برش کي منهنجي بوٽ ڏانهن اشارو ڪندي چيو هيائين ”پالش..“
مان رجسٽر تي وهندڙ قلم روڪي ڏانهنس ڏسي نظرن ۾ ئي نهڪر ڪئي هئي. رجسٽر تي وري قلم وهڻ لڳوهو..... هو اڪثر اهڙي نهڪر ٻڌي هليو ويندو آ پر اڄ هو اتي ئي بيٺو رهيو. هن هڪ نظر وري منهنجي بوٽ تي وجھي چيو ته ”صاحب پالش ڪراءِ نه...“ مون هن ڏي ڏٺو هو منهنجي بوٽ ڏي ئي ڏسي رهيو هو. ڄڻ نظرن ئي نظرن ۾ مونکي احساس ڏياري رهيو هو ته ”شرم ڪر ايڏو گندو بوٽ ڪيئن پاتو اٿئي.“ مون قلم بند ڪري ڪرسيءَ کي ٽيڪ لڳائي ڄنگھون اڳتي سوري پنهنجي بوٽ تي هڪ نظر وڌي. بوٽ دز ۽ داغن جي ڪري ڏاڍو خراب پيو لڳي. بوٽ جا پاسا به چِڪَ ۾ ڀريل هئا. هڪ دل چيو ”پالش ڪرائڻ کپي.“ هن جون سواليه نگاهون مون ۾ کتل هيون. پر وري سوچيم اڄ 23 تاريخ آهي پيسا بچائڻ کپن. اها فضول خرچي آهي....
مونکي خاموش ڏسي هن وري ڳالهايو ”صاحب سستي ۾ ڪري ڏيندس...“ هن جي لفظن ۾ التجا هئي.
پنهنجي سوال کي رد ڪيو هيم ته بوٽ پالش ڪرائڻ فضول خرچي آهي. سوچيم پئي صبح شيو ڪرڻ لاءِ بليڊ وٺندي به اهوئي فضول خرچيءَ وارو فضول خيال آيو هو..... يڪدم فيصلو ڪيو هيم ته بس بوٽ پالش ڪرائڻ کپي ۽ چئن ڏينهن کان وڌيل ڏاڙهي به صبح جو ضرور لاهيندس. مون هن جي منهن ۾ گھوريندي چيو هو ”گھڻا وٺندين...؟“
”سائين ساڍا نوَ رپيا.“
”ساڍا نوَ رپيا معنى آڌيءَ جي رعايت. نه اٺ رپيا وٺ.“
”نه اٺ رپيا ٿورا هن صاحب.“
”چڱو ساڍا اٺ رپيا ڏيندو سانءِ.“ مون ڪنهيون کولي هن کي بوٽ لاهي ڏنو هو.
هن هڪ ڇڳل چپل منهنجي پيرن ڀرسان رکي پنهنجي کٻي ڪلهي مان ميري ڪپڙي وارو ٿيلهو لاٿو هو، جنهن مان ڪارو برش ۽ پالش جي دٻي ڪڍي پنهنجي ڪرت سان لڳي ويو هو.
ها مونکي هن جي باري ۾ رڳو ايتري ئي خبر آهي.
مان لکي لکي ٿڪجي پيو آهيان، تنهن ڪري پنهنجي آڏو رکيل رجسٽر کي بند ڪري هن جو معصوم چهرو پڙهڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو. الاجي جي ڇو مونکي سندس مک جي ڪتاب جي ميرانجھڙن پنن تي درد جون دٻيل تصويرون نظر اچن ٿيون. منهن مهانڊن ۾ هو ڏاڍو خوبصورت ۽ نفيس لڳي رهيو آهي. سندس هٿ پالش ۾ ڪارا ضرور آهن پر سندس چهرو صبح جي نور وانگر اڇو اجرو آهي. هن جي گول منهن تي ڊگھو نڪ، سنهڙا گلابي چپ ۽ فيروزي اکيون... ڏاڍيون سونهن ٿيون، پر ها سندس اکين ۾ خمار آهن....
هو پنهنجي ڪرت ۾ مصروف آهي. مان پڇانس ٿو: ”نالو ڇا ٿئي؟“
”فيروز، صاحب.....“
”پڻهين ڇا ڪندو آ؟“
برش پالش ۾ هڻندي چيائين ”مري ويو آ.“
”پو ڪنهن سان رهندو آن؟“ مان هن سان ڳالهائي پنهنجو ٿڪُ مٽائڻ جي ڪوشش پيو ڪيان.
”ريل بند جي ڀرسان، پنهنجي ماءُ سان.“
”ٻيو ڪو مٽ مائٽ ڪونهئي؟“
”نه سائين.“ هو بوٽ مٿان برش ڦيري رهيو آهي.
”نالو ڇا ٻڌايئي... ها فيروز.... سچ سچ ٻڌاءِ نشو ڪندو آن نه...؟“
”نشو!“ خماريل اکيون ڦاڙي چوي ٿو ”نه صاحب طوبهن ڪر...“
”ڀلا ڪا ٻيڙي ويڙي....؟“
”لعنت ڪرينس سائين.“
اڄ آءٌ آفيس ۾ بلڪل اڪيلو آهيان. هون ڪُل ٽي ڪلارڪ هوندا آهيون جن مان هڪ زال جي ڊليوري جي ڪري موڪل تي آهي ۽ ٻيو وري وڏي صاحب سان گڏ فيلڊ ۾ ويل آهي. تنهن ڪري اڄ ڊاڙون هڻڻ وارو ڪوبه ناهي، تنهن ڪري پالش واري سان ڪچهري ڪري ٻاڙ ماري رهيو آهيان.
”ها ته جيڪڏهن تون نشو نه ڪندو آن ته جھوٽا ڇو ٿا اچني؟“
بوٽ جو هڪ پادر رکي ٻئي ۾ هٿ لنگھائي برش سان مهٽڻ لڳو آهي ”سائين رات ننڊ نه ڪئي اٿم.“
”ڏس پٽ ڪوڙ نه ڳالهاءِ. نه ته هتان ٿاڻو ويجھو اٿئي.!“ مان اکيون ڦوٽاري کيس ڊيڄاريندي چوان ٿو.
هو ڇرڪي هراسجي ويو آهي ”سائين الله جو قسم آ مان نشو نه ڪندو آهيان.“
”پوءِ رات هوٽل تي فلم ڏٺي هيئي ڇا؟“
”نه صاحب.“
”پوءِ سچ سچ ٻڌاءِ اهي خمار ڇا جا اٿئي.“ مان کانئس ان ڪري پيو سچي ڪرايان ته جيئن کيس سمجھايان ته نشو خراب علت آهي اهو ماڻهوءَ کي تباھ ڪري ڇڏيندو آهي.
هنو بوٽ جا ٻئي پارد خوب چمڪائي منهنجي پيرن ڀرسان رکي پنهنجي ڇڳل چپل هٿ ۾ ڪري منهنجي سوال جو جواب ڏيڻ بدران چوي ٿو ”صاحب پيسا ڏي.“
”پهريان منهنجي سوال جو جواب ڏي.“ چوانس ٿو ”۽ ويھ.“
سامهون رکيل بينچ تي ويهندي چوي ٿو ”صاحب سچ ٻڌايانءِ.“
”ها.“
”اعتبار ته ڪندين نه.“
”ها ها تون ٻڌاءِ ته سهي.“
”منهنجي امان کوڙ ڏينهن کان بيمار هئي، ڪلھ سرڪاري اسپتال وٺي ويومانس جو هن جي طبيعت ڏاڍي خراب ٿي وئي هئي. ڊاڪٽر چيو آ امان کي ڪينسر آ....“ هن جو آواز ڀرجي آيو آهي ۽ اکين ۾ لڙڪ ترڻ لڳا آهن. مان سندس خماريل نيڻن ۾ درد جو درياھ ڏسي ورتو آهي. ”صاحب رات سڄي رات امان دانهون ڪندي گذاري آهي. مان هڪ منٽ به ننڊ نه ڪئي آهي......“ هو سڏڪي پيو آهي لڙڪ هن جو مک ڌوئي رهيا آهن. مونکي لڳي ٿو لڙڪن جي بارش هن جي اوجاڳيل اکين جو اوجاڳو ختم ڪري ڇڏيندي.
احسان دانش ڪهاڻي
مسافر
هو اندر جي اونداهي راهن جو مسافر آهي. هن جو سفر ڪڏهن ۽ ڪٿي پڄاڻيءَ تي رسندو، تنهن جي ڪنهن کي ڪائي ڪل نه آهي. هن اهو سفر تڏهن شروع ڪيو هو جڏهن اچانڪ هن کي محسوس ٿيو هو ته هن جي اندر ۾ هڪ غار آهي. غار جنهن ۾ هر طرف اوندھ آهي، اهڙي اوندھ جنهن جو ڪو انت نه آهي. انهي ڏينهن کان هو روشنيءَ جي تلاش ۾ آهي.
هو پنهنجي اندر جي غار ۾ جھاتي پائي ڪجھ ڏسڻ چاهي ٿو. هو پنهنجي اندر جي ڪائنات کي روشن ڪرڻ چاهي ٿو. کيس ڪنهن ڏيئي ڪنهن لاٽ جي ضرورت آهي. هن اندر جي اونداهي واٽن جي طويل مسافت طئي ڪئي آهي، کيس ائين ٿو لڳي ڄڻ هاڻي ڪو ٽانڊاڻو به سندس اندر جي ڪائنات کي جرڪائي سگھي ٿو.، پر هن کي ڪٿي روشنيءَ جو ڪو ترورو به نظر نه ٿو اچي. بيچيني هن جي وجود کي وڻ ويڙهيءَ جيان وڪوڙيندي ٿي وڃي. منجھي پيو آهي ته هو پنهنجي اندر جي ڪائنات کي ڪيئن روشن ڪري…! پر ها هن آس جو دامن هٿان نه ڇڏيو آهي ..... هن جي ڳولا جاري آهي.
رات جي پوئين پهر هن ماءُ جي گوڏي تي مٿو رکي کانئس پڇيو آهي ”امان منهنجي اندر ۾ روشني ڪڏهن ايندي؟“
ماڻهس کيس نرڙ تي مٺي ڏيئي مٿي تي هٿ ڦيري چيو آهي ”ٻچا تون ٿڪو ته ناهين..... روشني تنهنجو مقدر آهي.“
پل ۾ ڪنهن ننڍڙي ٻار جيان کيس ماءُ جي هنج ۾ ننڊ وٺي وئي آهي. هن جي نيڻن جي ڪشتيءَ خوابن جا سڙھ کولي ڇڏيا آهن. کيس لڳي ٿو ڄڻ هن جي اندر جي اونداهي غار ۾ روشنيءَ جا ڪرڻا چمڪندي آهستي آهستي اجالو آڻي رهيا آهن. اجالو هوريان هوريان تيز ٿي رهيو آهي.... هاڻي هن جي اندر جي ڪائنات ۾ هر طرف روشني آهي..... تيز روشني، جنهن اونداهيءَ کي گھٽي ماري ڇڏيو آهي. هو ان روشنيءَ ۾ غور سان ڏسي رهيو آهي.... هاڻي هن کي اونداهي غار بدران چوڌاري صحرا ٿو نظر اچي. صحرا جتي ٿوهر ڦٽل آهن. هو اهو سڀ ڪجھ ڏسي حيران ٿي ويو آهي. هو ساڳي اونداهي غار ۾ گم ٿيڻ چاهي ٿو. پر اوچتو روشنيءَ جي تيز تکن ڪرڻن جي وچ مان هڪ حسين ناري ظاهر ٿي آهي، جنهن جي پير ڌرڻ سان ئي صحرا آلي مٽيءَ ۾ مٽجي ويو آهي........ هو امالڪ کانئس پڇي رهيو آهي ”تون ڪير آهين؟“
هوءَ چپن تي مرڪ جا پوپٽ سجائي چوي ٿي ”مان اطمينان جي ديوي آهيان.“ ديويءَ جي مُک تي ساڳي مرڪ رقص ڪري رهي آهي. ” مان توکي ڪجھ ڏيڻ آئي آهيان، ڪو تحفو، جنهن جي توکي حفاظت ڪرڻي آهي.“
هو اطمينان جي ديويءَ سان مخاطب ٿي چوي ٿو ”ها مان ان تحفي جي حفاظت ضرور ڪندس پر .....“ هو حيران آهي وڌيڪ ڪجھ نه ٿو چئي سگھي.
اطمينان جي ديوي هڪ نازڪ نفيس ٻوٽو آلي زمين تي پوکيندي هن کي چوي ٿي ”هن کي ڪڏهن سڙڻ نه ڏجانءِ.“
”پر ڇو؟!“
”ڇو ته جنهن ڏينهن اهو ٻوٽو سڙي ويو ان ڏينهن وري تنهنجو اندر اونداهي غار بڻجي ويندو.“
”پر ديوي اهو ڇا جو ٻوٽو آهي؟“
ديوي پنهنجن لبن تي مرڪ جون ريکائون وڌيڪ چٽيون ڪندي کيس چئي رهي آهي ”اهو محبت جو ٻوٽو آهي، جيڪو تنهنجي دل کي آباد رکندو.“
هو ڇرڪ ڀري جاڳي پيو آهي هاڻي هن کي اوندھ انڌوڪار ۾ به روشني ٿي نظر اچي.
احسان دانش
مختصر ڪهاڻيون
ڏوهي
”هليو وڃ هتان، تيسيتائين منهنجي نظرن اڳيان ٽري وڃ جيسيتائين منهنجي دل ۾ ٻريل باھ ٿڌي نه ٿئي.“ هن جي لهجي ۾ تلخي هئي.
”پر توهان مونتي ايڏي ڪاوڙ ڇو ٿا ڪيو.“ چيو مانس
”تون ڏوهي آن تنهنجو ڏوھ معافي لائق ناهي.“ منهن ڦيري چيائين
چيم ”مان اهڙو ڪهڙو ڏوھ ڪيو آهي، جنهن جي معافي نه ٿي ملي سگھي!“
”ايڏو معصوم نه بڻج.“ اشهد آڱر مون ڏي سڌي ڪندي چيائين ”تون دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڏوھ ڪيو آهي.“
سمجھ ۾ نه آيو چيومانس ”دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڏوھ ........ ڏسو توهان کي ٻڌائڻو پوندو ته مان ڪهڙو ڏوھ ڪيو آهي؟“
چيائين ”تون جابر دادا کي ظالم، سفاڪ ۽ قاتل سڏيو آهي.“
چيم ”مون غلط نه چيو آهي هو واقعي وڏو رهزن ۽ قاتل آهي.“
غصي ۾ چيائين ”تون وڏو بي وقوف ۽ جاهل آهين جو توکي پنهنجي عظيم ڏوھ جو احساس به ناهي.“
روشني
”ٺا“
”روشني مري وئي!“ سڄي پاڙي ۾ هُل
پڻهس جي وارن ۾ ڌوڙ ڳلن تي ڳوڙها ۽ رڙيون.
روشنيءَ جو جنم ڪيڏيون خوشيون کڻي آيو هو، سڄي ڪٽنب لاءِ.
ابي امڙ ٻارنهن سال بي اولاديءَ جو عذاب سهڻ، پيرن تي باسون باسڻ، چلا ڪڍائڻ کان پوءِ روشني حاصل ڪئي هئي.
پڻهس کيس هنج ۾ کڻي چيو هو ”هيءَ منهنجي وجود جي روشني آهي.“
روشني ائين ماري ويندي ڪنهن کي ڪَل نه هئي.
هن جڏهن گھر جي آڳر تي پهريون وکون کنيون هيون ته ماڻهس اول گھول وئي هئي. پڻهس ٻانهن ۾ ٻکي مٺيون ڏنيون هيس.
هوءَ ڳوٺ جي پهرين نينگري هئي جيڪا يونيورسٽيءَ مان تعليم پرائي آئي هئي. پڻهس لوڪ جا ڪيڏا طعنا تنڪا سَٺا هئا روشنيءَ کي پڙهائڻ عيوض. روشني هن جي اکين جو نور هئي. هو هڪ پل ۾ ائين بي نور ٿي ويندو، هن ڪڏهن سوچيو نه هيو.
روشنيءَ جا لفظ گلن جهڙا ڪومل. هن جي سوچ آبشارن جيان اجري. پر اها ڪوملتا ۽ اوجر بندوق جي هڪ ٺڪاءَ سان پکين وانگر ڪنهن ڏسا اڏامي وئي.
”روشني مري وئي.“ خوف جو هڪ طوفان سڄي ويڙهي کي ويڙهي ويو.
روشني ڳوٺ جي نياڻين کي شعور جي روشني ٿي ڏني. اهو ئي سندس ڏوھ هيو.
روشنيءَ جو سوٽ، ڪورو جاهل، ڪڪڙن جو خفتي، وڏيري جو چمچو. وڏيري جي اک ۾ روشني چڀي رهي هئي ڪنڊي وانگر. هو انڌيرنگريءَ تي راڄ ڪرڻ جو هيراڪ هيو، تنهن ڪري روشني هن جي دشمن هئي.
ڪوري جاهل، ڪڪڙن جي خفتي، وڏيري جي هڪ اشاري تي بندوق جي هڪ ٺڪاءَ سان روشنيءَ کي راھ تان هٽائي ڪارنهن جو الزام هنيون.
”روشني .... ڪاري!“ سڄو لوڪ حيران
”نه نه روشني ڪاري ٿي نه ٿي سگھي.“ شعور جو آواز چوڏسا ڦهليل.
ڌرتـي
باز دنيا جو چڪر لڳائي پنهنجي تيز ۽ تکين نظرن سان سڀ ڪجهه ڏسي ٿڪجي واپس انهيءَ بلند پهاڙي چوٽيءَ تي آيو جتي سندس ٻچا هن جو انتظار ڪري رهيا هيا. هڪ ڪمزور ٻچي ڪنڌ لوڏيندي کانئس پڇيو:
”بابا تو پنهنجي تيز نظرن سان هن دنيا ۾ ڇا ڇا ڏٺو؟“
باز چيو: ”مونکي خواهش هئي ته بلندين تان هن سڄي جهان کي پنهنجي تيز نگاهن سان چڱي طرح ڏسان، منهنجي اها خواهش ته پوري ٿي آهي پر مون هن دنيا کي ڏسي خوشيءَ بدران ڏک پرايو آهي.“
ٻئي ٻچي جيڪو ڪجهه چُست هيو کانئس فورن پڇيو: ”بابا سو وري ڪيئن؟“
باز جهيڻي آواز ۾ چيو ”منهنجا ٻچا هيءَ دنيا پري کان جيتري خوبصورت نظر اچي ٿي قريب کان غور سان ڏسندؤ ته اوتري ئي بدصورت آهي.“
سڀ کان ننڍڙي ٻچي آکيري جي ڪکن مان منڍي ڪڍي چيو ” ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. “
باز پنهنجون تيز نگاهون اولهه طرف اُڇليون جتي سج ڌرتيء کان روشني کسي پهاڙن جي گود ۾ سمهي رهيو هو.
”منهنجا ٻچا مان ان آس ۾ ويو هوس ته هن دنيا جو حسن ۽ رنگيني پنهنجي اکين ۾ اوتي پنهنجي نور کي وڌائيندس، پر هن دنيا جي سڀ کان اُتم مخلوق کي جڏهن هڪ ٻئي جون سِسِيون لاهيندي، هڪ ٻئي مٿان بم وسائيندي ۽ خون جا درياءَ وهائيندي ڏٺم ته لڙڪ لڙي پيم ۽ پنهنجي اکين جي روشني جهڪي محسوس ڪيم، ۽ سوچيم ”هيء ته وحشي جانورن جي جاءِ آهي، هتي انسان ڪيئن ٿا رهن؟!“
باز هڪ نظر پنهنجي سڀني ٻچن تي وجهندي چيو ” منهنجا ٻچڙئو! توهان خوش نصيب آهيو جو ڌرتيءَ کان دور آهيو. توهان ڀاڳوند آهيو جو توهانکي اوچائين تي ئي شڪار ملي ٿو وڃي. ڪڏهن هن ڌرتيءَ جي ويجهو به نه وڃجو، ڇو ته اها ڌرتي دوزخ جو ٻرندڙ گولو آهي، جتي قدم قدم تي موت آجيان ٿو ڪري!!“
احسان دانش (ڪهاڻي)
جڏهن کان ماڻهن جي هجوم ۾ اچانڪ ٿيل خود ڪش بم ڌماڪي کان پوءِ روڊ تي ڳڀا ڳڀا ٿيل لاشَ ۽ خون جا داغ ڏٺا اٿم تڏهن کان من ۾ اچي اهڙو خوف ويٺو آهي، جو پنهنجي پاڇي کان به ڇرڪي رهيو آهيان. ڏينهون ڏينهن منهنجو خوف منهنجي وجود ۾ سرائيت ٿو ڪندو وڃي....
مسجد ۾ ڀرسان بيٺل ماڻهوءَ مان ڀئو ٿو ٿئي، متان سندس جسم سان بارود ٻڌل هجي..... مارڪيٽ ۾ شاپنگ ڪندي آس پاس گذرندڙ هر ماڻهوءَ تي خودڪش حمله آور جو گمان ٿو ٿئي..... هوٽل ۾ چانهن نه ٿو پي سگھان...... منهنجو ڊپ منهنجي وجود سان ڊنل ٻار وانگر چنبڙي پيو آهي.... مان جلسن ۽ محفلن ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي. منهنجي خوف منهنجي پيرن ۾ سنگھر وجھي ڇڏيا آهن.
مونکي هر پل ائين ٿو محسوس ٿئي ته اجھو بم جو زوردار ڌماڪو ٿيڻ وارو آهي، جنهن ۾ سڀ ماڻهو ٻوٽيون ٻوٽيون ٿي ويندا. پوليس منهنجي جسم جون ٻوٽيون به ميڙيندي.... چوڌاري رت هوندو ۽ دونهون.... ٽي. ويءَ تي بريڪنگ نيوز هلندي ” ..... خود ڪش بم ڌماڪي ۾ 13 ڄڻا فوت ..... ماڻهن جي جسمن جا ٽڪرا ٽريفڪ سگنلس ۾ اٽڪيل..... هر طرف خوف ۽ حراس.....“
مان ائين بي درديءَ سان مرڻ نه ٿو چاهيان..... شايد منهنجي اندر لڪل خوف ئي مونکي زنده رکي سگھي ٿو..... پر نه ان ته منهنجي اندر مان اعتبار جي تند ڇني ڇڏي آهي. من مان خوشيءَ جا موتيا مرجھائي ڇڏيا آهن. اهو ڊپ ته تيزاب بڻجي منهنجي اندر کي ڳاري رهيو آهي. منهنجون صلاحيتون مفلوج ٿي رهيون آهن..... منهنجي اندر ۾ اهو خوف وڻ ويڙهيءَ جيان وڌندو ٿو وڃي ۽ آهستي آهستي منهنجي وجود تي ويڙهبو ٿو وڃي..... بس ۾ ويهان ٿو ته لڳي ٿو ڀرسان رکيل هر ٿيلهي ۾ بم آهي، بم ڄاڻ ڦاٽو.... ڌماڪي ۾ دانهون نڙيءَ ۾ ئي گھٽجي وينديون، رڳو رتُ هوندو، ٽڪرا ٽڪرا ٿيل جسم هوندا ..... منهنجو چهرو چچرجي ويندو، بدن تي اَکٽ زخم هوندا..... منهنجي سڃاڻپ ڪارڊ تي ڪيئي لاشن مان هڪ لاش طور سڃاڻپ ٿيندي...... نه نه مان اهڙي سڃاڻپ نه ٿو چاهيان....!!
”بس اڄ کان بس ۾ نه چڙهندس.“ پاڻ سان واعدو ٿو ڪيان.
”مسجد به نه ويندس.“
”جلسن جلوسن کان به توبهن ڪئي ... نعرا نير ٿا ڏين... نه ويندس.“
مارڪيٽ به .....! پر مارڪيٽ ته وڃڻو پوندو ڀاڄيءَ لاءِ .....!!“
”پر..... بس ۾ نه چڙهندس ته آفيس ڪيئن پهچندس.....؟!“
”متان آفيس ۾ منهنجي ٽيبل هيٺان ڪو بم فٽ ڪري ويو هجي....! نوڪريءَ تان استعفى ڏيان.....؟! ڪيئن ڏيان.... ٻار ڪٿان پاليندس.“
”مان مري ويندس ته ٻارن جي سڀال ڪير ڪندو، مهراڻ کي اسڪول ڪير ڇڏي ايندو، ماڻهس ته موڳي آهي روڊ به ڪراس ڪندي ڏڪندي آهي... ڪائنات ڪنهن سان ڀاڪي پائي سمهندي....؟!“ مان سوچيان ٿو ”يوٽيلٽي بلَ ڪيئن ادا ٿيندا؟ مان مري ويندس ته گھر ڪيئن هلندو.؟؟“
”ڪيئن...؟“
”ڪيئن...!“
”ڪير....؟!”
”ڪڏهن.....!!“
”مان ان خوف جي ڄار مان ڪڏهن نڪرندس...؟“
”مان سڪون جو ساھ ڪڏهن کڻندس...؟“
”مونکي ڊپ جي ڌٻڻ مان ڪير ڪڍندو....؟!“
”منهنجي اندر ۾ اعتبار جو سلو ڪڏهن ڦٽندو...؟“
سوالن جا ڏينڀو ڏنگيندا ٿا رهن، مان انهن کي ڪچلڻ چاهيان ٿو، پر ڏنگ هڻي تڙپائي ڏور ڏسائن ۾ اڏرندا ٿا وڃن. خوف کان من پڄري ٿو.... ميڻ وانگر ڳرندو ٿو وڃي.
وري ٽي. ويءَ تي بريڪنگ نيوز هلي آهي ”...... خود ڪش حمله آورن جي بارود سان ڀريل گاڏي عمارت سان ٽڪرائي، ابتدائي اطلاعن موجب 25 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ ڪيترائي زخمي....“
منهنجي من تي پيٽرول هارجي پيو آهي. ڊپ اماڙون ڏئي ٻريو آهي.... ڪمرو ساھ ٻوساٽي ٿو، ٻاهر سج لهي ٿو، آسمان ڳاڙهو آهي......! زمين ڳاڙهي آهي..... ۽ منهنجي دل ڪاري...... رکَ.
سج زمين کان ڊڄي ويو آهي، ڊڪندو، سهڪندو، ٻڏندو ٿو وڃي..... رات ڪاري آهي منهنجي دل جهڙي...... بجلي بند آهي، ٻار ستل آهن.... اوندھ ڊيڄاري ٿي..... مان ٻار ٿي وڃان ٿو. ڏڪان ٿو. اوندھ رات جي ماءَ ٿي لڳي.... رات جي ماءَ جا نهن وڏا آهن، وار کليل آهن، اکين ۾ رت آهي، ڏند ڊگھا آهن...... اجھو منهنجي ڳلي ۾ چڪُ وجھندي، مونکي تڙپائي تڙپائي ماريندي.... منهنجون دانهون ڪوبه نه ٻڌندو. ڊپ کان، رات جي ماءُ کان مان ويڙهجي سيڙجي سمهان ٿو.... پر خوف جي گرميءَ ۾ ننڊ اکين مان ايواپوريٽ ٿي وئي آهي....
منهنجي اندر جو خوف مونکي واچوڙي وانگر ويڙهيندو ٿو وڃي، لڳي ٿو ته منهنجي ذهن ۾ ڪو ٽائيم بم فٽ ٿيل آهي، جيڪو اجھو ڦاٽڻ وارو آهي. منهنجي بدن ۾ ڏڪڻي اچي وئي آهي، منهنجي دل زور زور سان ڌڙڪي رهي آهي....اکيون ٻوٽي لنوايان ٿو پر ڌيان نه ٿو مٽجي، لڳي ٿو دل نه ٿي ڌڙڪي ٽائيم بم ٽڪ ٽڪ ٿو ڪري..... ڪوئي رمورٽ جو بٽڻ دٻائيندو ۽ مان پرزا پرزا ٿي ويندس.