هن بلاگ تي احسان دانش طرفان سڀني سڄڻن کي دل جي گھراين سان ڀليڪار

My Prose



   احسان دانش
شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ موسيقيت

هن وقت تائين دنيا ۾ شاعريءَ جون ايتريون تشريحون ۽ توضيحون پيش ڪيون ويون آهن جو عظيم شاعريءَ جي عظمتن جي ڪٿ لاءِ ڪي ٿورا نه پر اڪيچار ماڻ ۽ ماپا اڳيان رکڻا پون ٿا. ”ڊاڪٽر جانسن (Dr. Johnson) شعر کي موزون تصنيف (Metrical Composition) چيو آهي..... ڪارلائل (Carlyle) شاعريءَ کي ”مترنم خيال“ ٻڌائي ٿو. شيلي (Shelley) ’تخيل جي اظهار‘ کي شاعري چوي ٿو. هيزلٽ (Hazlitt) وٽ ”شاعري تخيل ۽ جذبات جي زبان“ آهي..... ورڊس ورٿ (Wordsworth) جي لغت ۾ ”شاعري سمورن انساني علمن جي جان ۽ ان جو لطيف ترين روح آهي. شاعري جذبات جي اهڙي پُر جوش علامت آهي جيڪا سموري علم ۽ حڪمت جي چهري ۾ چٽي هوندي آهي.“ ايڊگر ايلين پو (Edgar Allen Poe) جي خيال مطابق ”شاعري حسن پُر آهنگ ۽ مترنم تخليق جو نالو آهي. وائيس ڊنلٽن (Wais Dunlton) جو قول آهي ته ”شاعري جذباتي ۽ مترنم زبان ۾ انساني شعور جي محسوس ۽ جمالياتي اظهار جو نالو آهي.“ (1)
شاعريءَ جي انهن سمورين تشريحن مان بهرحال اها ڳالهه ته واضح آهي ته شاعريءَ ۾ لئي ۽ ترنم جي موجودگي لازمي آهي، ڇوته جيسيتائين شاعر جا لفظ روح جي تارن کي نه ٿا ڇيڙين، تيسيتائين اها بي ساهي ۽ بي ست محسوس ٿئي ٿئي. عظيم شاعريءَ جو وڏو ڪمال اهو ئي آهي ته اها پنهنجي پڙهندڙ جي وجود ۾ ائين سرائيت ڪري ويندي آهي جو سندس اندر ۾ ’مي رقصم‘ جي ڪيفيت پيدا ٿي ويندي آهي. اها ڪيفيت ۽ اهو جادو لفظن جي ترنم ۽ موسيقي سبب ئي پيدا ٿيندو آهي ۽ شاعري انهيءَ منزل تي اچي ساحري بڻجي ويندي آهي.
محمد ابراهيم جويو لکي ٿو ته ”عام طور جڏهن ڪنهن شاعر جو ڪو شعر ٻڌبو يا پڙهبو آهي، تڏهن ان ۾ ڪٿي ڪو لفظ يا اکر گھٽ وڌ يا اَجوڳي انداز ۾ آيل هوندو آهي، ته هڪ دم اهو ذهن ۾ کٽڪندو آهي. شعر ۽ موسيقيءَ جو هريل ڪَنُ، آواز توڙي لفظن جي تار مڪان، لئي ۽ ترنم تي ايڏو ته ٺهي وڃي ٿو، جو اهڙو جهڙو ڪو سقم شايد ئي ان کان ڪڏهن بچي وڃي. آءٌ سمجھان ٿو ته ڪنَ جي اها چستي ۽ ٻوجھ شعر ۽ راڳ جي هر پياسيءَ جي قسمت ۾ آيل آهي، تنهن ڪري ان کي ڪا خاص اهميت به ڪانه ٿي ڏجي. پر شعر ۽ راڳ مان پورو لطف حاصل ٿئي، ان لاءِ اهو ڪن جو رس ضروري آهي ۽ ان لطف جي صحيح ۽ پيڙهائتي هجڻ جي يڪ ٽڪ ڪسوٽي پڻ اها ئي ڪن رس آهي.“ (2)
شاعريءَ ۾ هونءَ ته آوازي عڪسن (Auditory Images) جو به وڏو عمل دخل آهي پر شاعريءَ جي موسيقي (Music of poetry) ان کان هڪ جداگانه شي آهي. تنوير عباسي آوازي عڪسن ۽ شاعريءَ جي موسيقي ۾ فرق هن طرح بيان ڪيو آهي ”آوازي عڪس ۽ شاعريءَ جي موسيقي ۾ فرق آهي، اهو هي ته آوازي عڪسُ رڳو ڪنهن ٻڌل آواز جي ٻيهر تخليق ٿو ڪري، پر شاعريءَ جي موسيقي لفظن جي اچارن مان ترنم پيدا ڪرڻ جو فن آهي. (3) اهو ترنم ۽ آهنگ شاعريءَ ۾ اهڙن مڌر سُرن کي جنم ڏئي ٿو، جيڪي سماعتن کي صوتي سرور عطا ڪن ٿا. ”شعر جو ترنم نالو آهي انهيءَ آهنگ جو، تال ۽ لئي جو ۽ حرڪت جو جيڪا لفظن کي پڙهڻ ۽ لکڻ مهل اسان جي ذهني سوچ (thinking) ۾ پيدا ٿئي، نه رڳو ايترو ته اها ڳالهه سوچ ۾ پيدا ٿئي بلڪه ٻين ذهني عملن جهڙوڪه ادراڪ، تخيل ۽ وجدان ۾ به پيدا ٿئي. اهڙي ريت نظم (شاعريءَ) بابت اسان جي رد عمل جو لازمي حصو ترنم بڻجي ٿو. ڊبليو پي ڪر (W.P ker) بيان ڪري ٿو ته ”خيال کي لفظن جي موسيقيءَ تي نچڻ گھرجي ۽ جيڪي فطرتي خيال شاعر جي خوابن ۾ لهي اچن ٿا، اهي لفظن کي به نچڻ تي مجبور ڪن ٿا.“ (4) لفظن ۾ اهڙو رقص ۽ تخيل ۾ اهڙو ترنم تڏهن ئي پيدا ٿيندو آهي جڏهن شاعر، شاعريءَ جي فني پيچيدگين کان اڳتي تخليق جي فطري لقائن کي با معنى لفظن سان مرتب ڪندو آهي.
شاعري ۽ موسيقي جي ميل بابت سنڌي ٻوليءَ ۾ ذوالفقار راشدي جي مضمون کي اهميت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي، جنهن ۾ هن موسيقيءَ کي شاعريءَ کان مٿاهون قرار ڏيندي، اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته شاعري موسيقيءَ جي محتاج آهي. هو لکي ٿو ته ”موسيقيءَ کي اُچي شاعريءَ جي ڪاڻ ڪڍڻ جي ايتري ضرورت ڪانهي. جڏهن به اسين ڪنهن راڳيءَ کي ڪجھ ڳائڻ لاءِ چوندا آهيون، ته ان جو مطلب بنيادي طور راڳ سان هوندو آهي، ۽ نه اُچن لفظن جي ٻڙن سان جڙيل ۽ جھنجھيل شاعريءَ سان.“ (5) ان راءِ تي بحث جي وڏي گنجائش آهي، ڇوته راشدي صاحب جي اها راءِ عوامي ته ٿي سگھي ٿي پر ادبي هر گز نه. ادب ۾ لفظن جي وڏي حرمت ۽ تقدس آهي. بهرحال انهيءَ راءِ مان اها ڳالهه ته ضرور سمجھي سگھجي ٿي ته سٺي شاعريءَ ۾ موسيقيت موجود هوندي آهي، تڏهن ئي گائگ ان کي موسيقيءَ جي تند ۽ تار سان ملائيندو آهي. ها! ان حقيقت کان انڪار ممڪن نه آهي ته جيسيتائين ڪنهن شاعر کي ترنم جي آگهيءَ جو احساس نه هوندو، سندس ڪَن سريلا نه هوندا، ربابن جي رون رون تي رنو نه هوندو، سازن جي سوز کي هنئين سان نه هنڊايو هوندو، تبل ۽ تيج جي تال کي محسوس نه ڪيو هوندو ۽ سندس منُ آبشارن جي آوازن کان وٺي، پکين جي ٻولين تائين فطرت جي سُر ۽ ساز کان آشنا نه هوندو، تيسيتائين سندس شاعريءَ ۾ اهو جادوئي اثر ناپيد هوندو، جنهن کي اسين شاعري جي موسيقيت چئون ٿا.
سنڌي ٻولي جي وڏي ڏاهي فلسفي علامه آءِ آءِ قاضي، جڏهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ کي دنيا جي وڏن نقادن جي راين کي سامهون رکندي پرکيو هو، تڏهن هن اسڪاٽلينڊ جي وڏي نقاد ٿامس ڪارلائل (Thomas Carlyle) جي قائم ڪيل ان معيار کي به سامهون رکيو ته ”عظيم شاعري اها آهي، جنهن ۾ ڳائڻ جي صلاحيت هجي.“ يعني جنهن شعر ۾ ترنم يا رڌم جي خوبي نه آهي ته اهڙي شعر کي عمدو ۽ اعلى شعر نه چئبو. ان مان ظاهر ٿيو ته شاعريءَ ۾ موسيقي جو هجڻ هڪ اڻٽر ڳالهه آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري ان خوبيءَ سان مالامال آهي، پر جڏهن اسين جديد سنڌي شاعريءَ جي ڳالهه ڪيون ٿا ته ان ۾ شيخ اياز هڪ اهڙي شاعر طور نظر اچي ٿو، جنهن جي ڪوتائن ۾ هڪ عجيب لئي ۽ تال محسوس ٿئي ٿي. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ رڳو لفظي طور سُرندي، ڪينري، چڙي ۽ چنگ جي ڳالهه نه ڪئي آهي، پر هن جي لفظن مان انهن سازن جي گونج ٻرندي به محسوس ڪري سگھجي ٿي.
تون نانهه ته هي چنگُ، چڙو، چنڊ نه ڏي ساءُ
اي سير ـــ مئي! آءُ، هلي آءُ، هلي آءُ
                    (وڄون وسڻ آئيون ص 77)
ابراهيم جويو ”جل جل مشعل جل“ جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته ”اياز جي شاعريءَ جي ترنم ۽ موسيقيءَ کان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ هروڀرو شعر جي فني مهارت جي ضرورت به ڪونهي، ڇوته ان کي پڙهندي ۽ ٻڌندي، ازخود ان جي لئي ۽ ترنم کان ماڻهو متاثر ٿئي ٿو. اها فطري موسيقي اياز جي شعر ۾ ڪيئن ٿي پيدا ٿئي، ان تي ڪجھ ڌيان ڏيڻ ضروري آهي.“ (6) جويي صاحب جي ان راءِ مان اهو ئي ظاهر ٿئي ٿو ته موسيقيت، شاعريءَ کي فن جي معيار کان به مٿاهين حيثيت ڏئي ٿي. خاص طور اسين جڏهن اياز جي شاعريءَ کي ڏسون ٿا ته اها موسيقيت سان ايتري ته ڀرپور نظر اچي ٿي، جو اندر ۾ احساس جون اجھل لهرون اٿڻ لڳن ٿيون. هن جي شاعري ڪڏهن تڙپائي وجھي ٿي ته ڪڏهن پڙهندي پڙهندي ماڻهوءَ جو من جھومي پوي ٿو.
شاعري طبيعت تي
ايترو ته ڇانئي آ
هي اڀام ڇولين جي
ڄڻ ته ٻوڏ آئي آ
مڌ ۾ رتا ڪيئي
شعر لڙکڙائن ٿا
پوءِ به اُت آنڀوءَ سان
ڪينرو وڄائن ٿا
جيءَ ۾ جھمر آهي
پيار سوَ ڪٺا آهن
ڪير شعر ٿو جوڙي؟
بند ڪير ٿو ٽوڙي؟
هي اڀام ڇولين جي
هي اڏام ڇولين جي
اڳ ڪڏهن نه آئي آ
ڪيتري سُهائي آ
(راڄ گھاٽ تي چنڊ ص 177)
هن نظم مان نه رڳو لفظن جي سهائي بکي ٿي پر ڇولين جي اڀام ۽ اڏام جو احساس موسيقيءَ جا مڌر ساز به ڇيڙي ٿو. ڪينري جي وڄت هڪ پاسي پيار جون عجيب ڪيفيتون پيدا ڪري ٿي ته ٻئي طرف ان ساز جي آواز تي جيءُ جھومڻ لڳي ٿو. نظم جي ترتيب ۽ بيهڪ نظم جي ترنم کي هيڪاندو وڌائي ڇڏيو آهي.
هونءَ ته شيخ اياز جي سموري شاعريءَ ۾ اها غنائيت ۽ موسيقي سمايل آهي پر خاص طور هن جا نظم، غزل، گيت ۽ منظوم ڊراما ان خوبي سان سرشار آهن. انهن کي پڙهندي ماڻهو پاڻ کي سُرن جي لهرن ۾ لُڙهندي محسوس ڪري ٿو. اياز جا لفظ پڙهندڙ کي احساس جي هندورن ۾ لوڏين ٿا ۽ اندر جي تارن کي ڇيڙي هڪ اهڙي سرور واري ڪيفيت پيدا ڪن ٿا، جيڪا ڪڏهن خوابن جي رنگينين سان هم آهنگ ڪري ٿي ته ڪڏهن جاڳ ۾ جوڳ جون رمزون پسائي ٿي.
اياز جي نظمن ۾موسيقيت
”شاعري هڪ گھڻ ــ تارو ساز آهي، جنهن جي هر تار ۾ مختلف سُر سمايل آهن. انهن سُرن کي مناسب طريقي سان ڇيڙي منجھائن وڻندڙ موسيقي  پيدا ڪرڻ لاءِ سمجھدار، ڄاڻو ۽ استاد جي ضرورت آهي ۽ اها خوبي اياز ۾ اتم درجي موجود آهي. هن جا لفظ هر طرح ۽ هر طرف کان مندائتي مينهن جيان وڏ ــ ڦڙو وسڪارو لائي ڏين ٿا. پاڻيءَ جي ان پالوٽ ۾ دل چوي ٿي ته جيڪر وچ پڌر تي بيهي خوب پاڻ پسائجي ۽ پنهنجي پاڻ کي ڇاٽن، اوهيڙن ۽ وسڪاري جي ڇر ۾ اڪيلو ڇڏي اهو ڪيف، سرور ۽ سڳنڌ ماڻجي جيڪو بن ۾ مور کي ملندو آهي.“ (7) شيخ اياز جا نظم پڙهندي ماڻهو اهڙي ئي ڪيف ۽ سرور ۽ اهڙي ئي سڳنڌ ۾ ويڙهجي وڃي ٿو ۽ من ان مور وانگر رقصان ٿي وڃي ٿو، جيڪو ٿر تي سانوڻيءَ جي پهرين بارش ويل پنهنجا کنڀ کولي نچندو آهي.
اچو اچو!
نچو نچو!
تمام ڪائنات رقصِ جام ۾ رچي وئي
سرود و ساز جي صدا ڪلام ۾ رچي وئي
حياتِ مختصر خيالِ خام ۾ رچي وئي
شباب جي عظيم انتقام ۾ رچي وئي
اچو اچو!
نچو نچو!
(ڀونر ڀري آڪاس ص 147)
هن نظم ۾ ”اچو اچو، نچو نچو“ جا لفظ پنهنجي اندر عجيب ترنم ۽ موسيقي رکندڙ آهن. تمام ڪائنات رقصِ جام ۾ رچڻ واري ڪيفيت ۽ سرود و ساز جي صدا ان سرور ۾ گم ڪري ڇڏي ٿي، جنهن جي منزلِ رقصِ درويشان تي کُٽي ٿي. هن نظم ۾ رچي وئي جي خوبصورت رديف جو استعمال ان ڪري به سڀاويڪ آهي جو اهو هڪ نغمگيءَ جو احساس ڏياري ٿو.
شيخ اياز جا نظم مختلف هئيتن ۽ گھاڙيٽن ۾ چيل آهن ۽ هو سنڌي ٻولي ۾ نظم جي صنف ۾ گھڻي ۾ گھڻا هئيتي ۽ موضوعاتي تجربا ڪندڙ شاعر آهي، انهيءَ ڪري سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان کيس جديد نظم جو خالق چيو وڃي ٿو. انهن هئيتي تجربن باوجود شيخ اياز جي نظمن مان ترنم جي خوبي غائب ٿيل محسوس نه ٿي ٿئي. ايتري تائين جون هن ان خوبي کي پنهنجن آزاد نظمن ۾ به برقرار رکيو آهي. شيخ اياز پنهنجي ڪتاب ’ڀونر ڀري آڪاس‘ ۾ پاڻ لکيو آهي ته ” نظم ۽ آزاد نظم ۾ به مون ترنم ۽ نغمگي برقرار رکڻ چاهي آهي. ترنم جي تخليق لاءِ نه قافيو لازمي آهي ۽ نه نظم جي ڪائي خاص هئيت.“ (8) محمد ابراهيم جويو ’ڪي جو ٻيجل ٻوليو‘ جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته ”اياز جي شعر جي فني تجربن کان مون هميشه پاڻ کي مجبور پئي سمجھو آهي ۽ شايد هي ڪم سواءِ خود اياز جي ٻئي ڪنهن نقاد کان پوريءَ طرح نه به ٿي سگھي. خاص طرح اياز جا نظم انهي لحاظ کان مونکي ڏاڍا انوکا پئي معلوم ٿيا آهن. انهن کي نظم جو ڪو به مروج روپ نه آهي ۽ ائين ٿو لڳي، ڄڻ ڪنهن نشي ۾ آيل مصور ڪيئي رنگ ڪينواس تي هاري، برش جي زوردار جھٽڪن سان، گھڙيءَ ۾ عجيب غريب نقش ٺاهي ورتا هجن.“ (9) شيخ اياز جا مختلف هئيتون رکندڙ ڪجھ اهڙا نظم ڏسو، جيڪي انوکي لئي ۽ ترنم رکندڙ آهن ۽ جن جو عڪس ۽ اولڙو ڪٿي ڪٿي اڄ به جديد سنڌي شاعريءَ ۾ نظر اچي ٿو:
ڌرتي ماءُ!
صدين جو ساءُ
وساريان ڪيئن؟ وساريان ڪيئن؟.......... (وڄون وسڻ آئيون ص 185)
ــــــــ
او انسان او انسان
ڪنهن کي ٿو مارين!
هي ماڻهوءَ جو ٻچڙو آهي
هي جو پٿر کان ڏاڍو آ
ڪونپل کان ڀي ڪچڙو آهي!
او حيوان!
اوحيوان!
ڪنهن کي ٿو مارين......... (وڄون وسڻ آئيون ص 187)
ــــــــــ
جھونجھڙڪي ۾ ڪارو ڪڻڇي ــ
منهنجو من،
جيون بن:
اڏري اڏري، پوندو ٿڪجي
تنها تن،
منهنجو من.....
جھونجھڙڪي ۾ ڪارو ڪڻڇي
           (ڀونر ڀري آڪاس 159)
شيخ اياز جا نظم مترنم لفظن، انوکين تشبيهن ۽ تجنيسن سان ڀريل آهن. انهن ۾ جيڪو رڌم (Rhythm) ۽ ميلوڊي (Melody) آهي، جيڪا سُريلي (Lyrical) لَئي آهي، جيڪا نغمگي ۽ موسيقيت آهي اها سندس لفظن جي جوت مان جھلڪي ٿي. اها جوت اکين تي اهڙا کيپ چاڙهي ٿي جو پل ۾ رقص جي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي.
هي ننڊ به امرت وانگي آ!
اڌ رات وڇوڙيل وهه جهڙا
پل پهر نه آهن پيالن ۾
اڄ منهنجا نيڻ اجالن ۾
هن ڌرتيءَ جي انڌيارن مان
واجھائن ٿا،
۽ توکي ويجھو پائن ٿا،
هي ڌرتي ڪيڏي ڪاري آ!
انڌياري آ!........
                  (راج گھاٽ تي چنڊ ص 190)
ڪو سپنو سرجي اڀري ٿو
هن تنبوري جي تارن مان
تون چندرما جي ناوَ جھلي
ٿي نڪرين دور ستارن مان

۽ منهنجي سيرانديءَ ڀرسان
هٿ ڦيري منهنجي وارن تي
تون ڪوئي گيت ٻڌائين ٿي
هن تنبوري جي تارن تي.........
                 (وڄون وسڻ آئيون ص 286)
اياز جا نظم رڳو تنبوري جي تارن سان ٻڌل نه آهن، رڳو انهن تارن جي ڇيڙ من ۾ مڌرتا جا نغما نه ٿي ڇيڙي پر موضوعاتي لحاظ کان اگر سندس نظمن ۾ مزاحمتي ۽ انقلابي رنگ، شڪوو يا تلخي به آهي ته اها به ترنم جي آهنگ (Harmony) سان جڙيل آهي.
مان توکي گيت ڏيان اي ڌرتي!
تون مون تي زنجير وجھين!

هي گيت گلابي جھڙ ڦڙ جا
هي گيت شرابي جھڙ ڦڙ جا
هي سانوڻ جا، من ڀانوڻ جا
هي آگم آگم آوڻ جا
هي گيت اڃايل مورن جا
ريتيءَ تي ڪنٺ ڪٺورن جا
هي گيت سنهريءَ سنڌوءَ جا
جا سپنا آهي سانجھيءَ جا ــ ....... الخ
               (وڄون وسڻ آئيون ص213)
ڇا ته آبشار واري رواني آهي، ڇا ته لفظن جي ترتيب آهي، ڇا ته اندازِ تخاطب آهي. ائين ٿو لڳي ته ڪنهن راڳيءَ تال سان تال ملائي آهي. اياز جا لفظ، لفظ نه پر ساز ٿا لڳن جيڪي پڙهندي پڙهندي هڪ بي خودي جي ڪيفيت طاري ڪندا ٿا رهن. هن جا گلابي ۽ شرابي گيت، سانوڻ ۽ من ڀانوڻ جا نغما اهڙو آلاپ پيدا ڪن ٿا، جيڪو لفظن ۾ موسيقيءَ جي گونج وانگر محسوس ٿئي ٿو. اياز جا مشهور نظم ”مان ڏوهي هان“، ”سچ وڏو ڏوهاري آهي“، ”ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا“، ”اي ڪاش اهو تون ڄاڻين ها“ کان علاوه ”ماڻهو سڀ هڪ جهڙا آهن“، ”تون آ ته چئون ڪي گيت محبت وارن جا“، ”تون نه ايندينءَ پو به منهنجي شاعري“، ”پيار تي ڪهڙي ميار“، ”زندگاني سڀ فنا“، ”گھاوَ کي گھاوَ سان ڇٽائي ٿو“ ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي نظم انهيءَ غنائيت ۽ موسيقي سان ڀرپور آهن.
اياز جي غزلن ۾ موسيقيت
شاعريءَ ۾ تيسيتائين موسيقيت پيدا نه ٿي سگھندي، جيسيتائين سريلن لفظن جو سنگ ۽ ساٿ موتين جي مالها وانگر خاص ترتيب سان موجود نه هوندو. لفظن جي اهڙي ترتيب ۽ توازن نه رڳو شاعريءَ ۾ نغمگي پيدا ڪندو آهي پر ان جي جمالياتي گھرجن جو پورائو به ڪندو آهي. قمر شهباز چوي ٿو ته ”لفظ انسانن جيان هوندا آهن. کلندا آهن، روئندا آهن، مرڪندا آهن، ڪُرڪندا آهن، سوچيندا ۽ لوچيندا آهن، رسندا ۽ پرچندا آهن، اگھا ۽ عليل ٿيندا آهن، ۽ ڪن حالتن ۾ مري کپي صفحهِ هستيءَ تان مٽجي ويندا آهن. شاعرُ انهن کلندڙ، ڪڏندڙ، روئندڙ ۽ سڏڪندڙ، شرمائيندڙ، لڄائيندڙ لفظن کي ڀنڀوريءَ جيان ڄاريءَ ۾ ڦاسائي، هٿ وس ڪندو آهي.“ (10) شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ لاءِ جيڪي لفظ چونڊيا ۽ گھڙيا سي لئي ۽ ترنم جي خوبين سان مالا مال آهن، سي اگھا ۽ عليل نه پر چست ۽ چوبن آهن. ان ڪري اهي مري مات ٿيڻا نه آهن، ڇوته انهن جو تال ميل روح جي ربابن سان آهي. اهي پنهنجي سُرن ۾ ساز ۽ آهنگ سان رچيل آهن. خاص طرح شيخ اياز پنهنجي غزلن ۾ لفظن جي چونڊ ويل مترنم لفظن جي موجود رهڻ جو خاص ڌيان رکيو آهي.
غزل جي صنف ايران مان محبوب جي ناز و ادا جون لطافتون کڻي جڏهن سنڌ ۾ پهتي ته ڪجھ عرصي بعد ان ۾ سنڌ جي جديد شاعرن نه رڳو هئيتي پر موضوعاتي تجربا پڻ ڪيا. خاص طور شيخ اياز ان ۾ فڪري ۽ موضوعاتي وسعت آندي، اياز پنهنجن غزلن کي نه رڳو فارسي زبان جي چوغي مان آزاد ڪيو ۽ نج سنڌي زبان جي سونهن سان سلهاڙي گيڙو ويس غزل بڻايو، پر ڪن فني تجربن وسيلي به ان جو روپ سنواري سهڻو ڪيو. غزل پنهنجي فني لوازمات جي لحاظ کان علم عروض جي اصولن تحت سرجيو ويندو آهي پر جڏهن ”اياز غزلن لاءِ مترنم هندي ڇند متعارف ڪرايا ته انهن جي موسيقي ۽ مڌرتا کان متاثر ٿي سنڌي غزل جي هن گلاب واسئين واٽ تان جديد شاعرن، قطار در قطار سفر شروع ڪري ڇڏيو.“ (11) اياز جي غزلن ۾ جيڪي تجنيسون ۽ ترڪيبون، استعارا، علامتون ۽ تشبيهون ڏنل آهن، اهي نه رڳو سندن لسانياتي حسن جو باعث آهن پر اهي ادراڪ ۽ آگهي جون نيون راهون به کولين ٿيون. اياز جي غزل جي معنوي تهداري ۽ ترنم گڏجي پڙهندڙ / ٻڌندڙ تي اهڙو اثر ڪري ٿو، جنهن جي سحر مان جلدي نڪرڻ مشڪل ۽ محال ٿي وڃي ٿو.
ڪير چوندو ته هي غزل آهن؟
پيار جا ڪي ٻه چار پلَ آهن
ڳل تنهنجا ائين لڳا مونکي
ننڊ ۾ موتيا ستل آهن.
(سورج مکي سانجھ ص 150)
غزل جي صنف هونءَ ئي غنا ۽ آلاپ سان جڙيل هوندي آهي، پر اياز جا غزل هن صنف جي ان فطري خوبيءَ کان اڳتي پنهنجي اندر اهڙي مڌرتا ۽ انوکي موسيقيت رکن ٿا، جيڪا رڳو سماعتن نه پر سڌو دل تي به اثر ڪري ٿي. اياز جا غزلَ، غزل جي مروج موضوعن جي انحرافي توڙي جدت باوجود ڪٿي به لفظي سُرن ۽ لئي جي سنگم کي ٽوڙين نه ٿا ۽ اهي حسنِ تغزل ۽ موسيقيت سان لبريز آهن.
ڪا جھرمر جھرمر جگنوءَ جي ڪا ٽِم ٽِم ٽِم ٽِم تاري جي
گھنگھور گھٽا جو گھيرو آ، ڪنهن جي ته سهاري ويندا سين
(ڪي جو ٻيجل ٻوليو ص 98)
غزل جي هن شعر ۾ جتي جگنوءَ جي جوت، تارن جو ٽمڪو ۽ گھنگھور گھٽائن جو گھيرو آهي، اتي لفظن ۾ عجيب رواني ۽ ترنم به آهي. خاص طور جھِرمر جھِرمر ۽ ٽِم ٽِم ٽِم ٽِم جا لفظ صوتي حسن سان ٽمٽار آهن ۽ جيڪي ڪنهن به اٻاڻڪي من ۾ جلترنگ ڇيڙڻ جي سگھ رکن ٿا.
ڪولرج چيو هو ته ”عظيم ۽ ڀرپور شاعري روح جي هڪ هڪ تار کي لوڏي ڇڏيندي آهي.“ شاعريءَ ۾ اها سگھ تڏهن ئي پيدا ٿيندي آهي، جڏهن منجھس تازي فڪر سان گڏ مناسب لفظي توازن ۽ تال ميل موجود هوندو آهي، جنهن کي اسين موسيقيت سڏيون ٿا. شيخ اياز جا غزل پنهنجي اندر اهو جادوئي اثر رکن ٿا، جنهن جي سحر ۾ جڪڙجي ماڻهو جھومڻ لڳندو آهي.
هي سين نه ڏيندي چين، اُٿي ڏسُ! ڪوئي آيو آ پيارا!
هي شايد ساڳيو رمتو آ، اڳ جيئن اُڃارو آ پيارا
جنهن وقت چراغِ شام ٻري ۽ ميخاني ۾ جام ٻري
تنهن وقت اسان جو پنڌ پري، پنهنجو به پرايو آ پيارا
جنهن وقت اسان جي تند تپي ۽ سازُ ٽپي آواز جھپي
تنهن وقت ڀلي ڪو ڪنڌ ڪپي، جو آيو، ڳايو آ پيارا ...... الخ
                                         (وڄون وسڻ آئيون ص 78)
اياز جي هن غزل ۾ نه رڳو لفظي ترتيب ڪنهن خوبصورت مالها وانگر آهي، پر سٽن ۾ سُر ۽ تال جو توازن به ڪمال جو آهي. هڪ پاسي ”جنهن وقت چراغِ شام ٻري ۽ ميخاني ۾ جام ٻري“ جا لفظ من ۾ هڪ عجيب سرگم ڇيڙين ٿا ته ٻي پاسي ”پنڌ، پري، پنهنجو، پرايو ۽ پيارا“ جي لفظي بيهڪ تجنيسِ حرفي (Alliteration) جي خوبي کي ظاهر ڪندي مصرع ۾ انوکي لئي ۽ ترنم پيدا ڪري رهي آهي. اهڙي طرح ”تند تپي، سازُ ٽپي، آواز جھپي“ جهڙا هم آواز لفظ غزل جي خوش آهنگيءَ جو سبب بڻيا آهن. اهڙي لئي ۽ ترنم جي لهرن ۾ لڙهندي وجدانيت ۽ خود سپردگيءَ جو احساس ڪر موڙي اٿي ٿو ۽ اهڙي حالت ۾ ”ڪو، ڪنڌ، ڪپي ۽ آيو، ڳايو“ جا لفظ تجنيسي خوبي ۽ لفظي ترنم کان اڳتي وڌي هڪ بي خودي ۽ مستيءَ جي ڪيفيت پيدا ڪن ٿا. اهڙي جذب ۽ مستيءَ جي ڪيفيت ئي اياز جي شاعريءَ کي موسيقيت سان ڀرپور بڻائي ٿي.
شيخ اياز جا طويل بحر وارا اڪثر غزل ترنم جي خوبيءَ جا سرشار آهن، پر ان جو اهو مطلب هر گز نه آهي ته ننڍن بحرن ۾ لکيل سندس غزل ان خوبي کان وانجھيل آهن. هونءَ ته سندس لاتعداد خوبصورت غزل ان نغمگيءَ جي خوبيءَ سان پُر آهن، پر مثال طور رڳو ڪجھ غزلن جا هي شعر ڏسو:
ٿي ماڪ وسي ميخاني تي، ڪي رِندَ ڪَڙو کڙڪائن ٿا
ڪجھ ڳاٽ ڳهر مان ڇرڪن ٿا ۽ جام جھلي واجھائن ٿا
مون سهڻا! تنهنجي ساکَ کنئي ۽ لوئيءَ تنهنجي لاک هَنئي
سي ڪانئر ٻي ڪنهن ڪُڙم منجهان، جي پريت ڪري پڇتائن ٿا
                                           (ڪي جو ٻيجل ٻوليو ص 97)

شبِ تاريڪ کان تاريڪ تر آ زندگي منهنجي
ڪٿي آهين اڙي او روشني، او روشني منهنجي
                              (ڀونر ڀري آڪاس ص 210)

ڪونج ڪرڪي پئي ڪا اتر پار جي
ياد آئي اسان کي وري يار جي
                         (ڪي جو ٻيجل ٻوليو ص 79)

دور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا
تون اڃا ٿو جيئن هاءِ ڙي جيئڙا
                        (ڪي جو ٻيجل ٻوليو ص 80)

جنهن وقت گھٽا گھنگھور اچي، ۽ مورَ نچن ٿو جام ڀريان
ٻي آءٌ عبادت ڪيئن ڪريان، چوء ڪيئن ڪريان، چوء ڪيئن ڪريان؟
                        (ڪتين ڪرَ موڙيا جڏهن ــ ڀاڱو ٽيون ص 78)

تون نه آئين، نه آئين، نه آئين اڃا
ٿو اسان کي پيو آزمائين اڃا!
آ گھڙو ڪا گھڙي، ڏس ٻُڏين ٿي ٻَڙي
پريت ميهار سان ٿي نڀائين اڃا!
                         (ڪي جو ٻيجل ٻوليو ص 96)

وري عشق بازي اڙي دل! اڙي دل!
اُئين ئي مجازي، اڙي دل! اڙي دل!
سدا سانگ تنهنجا، نوان نانگ تنهنجا
گھُرين چوٽَ تازي، اڙي دل! اڙي دل!
                          (وڄون وسڻ آئيون ص 75)

جي هانءُ نه هارين ڪوهيارل! هي ڏينهن به گھاري ويندا سين
ڇو پير پساري ويٺو آن، اُٿ ڏونگر ڏاري ويندا سين
                          (ڪي جو ٻيجل ٻوليو ص 98)

مون ڌرتي تنهنجا ڌڱ ڏٺا، مون تن جا لويل لڱ ڏٺا
جن وڙهندي وڙهندي جان ڏني، سي وارا وير وڄائي ويا
                          (گيڙو ويس غزل ص 190)

اياز جي گيتن ۾ موسيقييت
گيت سنسڪرت لفظ ’گيه‘ مان ورتل آهي، جنهن جي معنى ئي آهي ”ڳائڻ“. ان جو مطلب ته گيت جو سُرَ، سازَ، آوازَ ۽ گائڪيءَ سان گھرو سٻنڌ آهي، تنهن ڪري گيت پنهنجي وجود ۾ سراپا موسيقي آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻن قسمن جا گيت ملن ٿا. 1. لوڪ گيت 2. جديد گيت. لوڪ گيت جو ماخذ سنڌ جي قديم شعري صنف ”ڳيچ“ آهي، جڏهن ته سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ جديد گيت هندي شاعريءَ کان متاثر ٿي لکيل آهي ۽ لوڪ گيت جي ڀيٽ ۾ اهو جديد دور جي صنف آهي، پر هڪ ڳالهه واضح آهي ته ٻنهي قسم جي گيتن جو بنياد سُر ۽ رس آهي. ”هڪ سٺي گيت کي روان ۽ سَرل هجڻ کپي، جيئن نديءَ جي لهر ۽ جيئن ڳوٺاڻي جي گفتگو ـــ گيت مشڪل ۽ نثري آهنگ وارن بحرن، ڳهرن ۽ کُهرن لفظن جي سٽاءَ جي اجائي پيچيدگي، جنهن سان ان جي لَئي متاثر ٿيندي هجي، ناپسند ڪري ٿو. گيت جو حسن ئي ان جي نغمگيءَ ۾ آهي، جنهن ۾ موسيقيت، لفظي آهنگ ۽ روانيءَ جو لطف ڀرپور نموني سمايل هجي.“ (12) شيخ اياز لوڪ ۽ جديد گيت ۾ گڏ و گڏ تجربا ڪيا آهن، تنهن ڪري سندس گيت روايت ۽ جدت جو سنگم محسوس ٿين ٿا. هن جا گيت اهڙا مترنم نغما آهن، جن کي ٻڌندي ۽ پڙهندي ڪنن ۾ مڌر موسيقيءَ جا ساز ٻُرڻ لڳن ٿا.
محبت نه ڪڏهن مات ڪئي موت، هلي آءُ ـــ
سندم هوت هلي آءُ
ٽڙي آهه رتن جوت نه ڳڻ ڳوت، هلي آءُ
سندم هوت هلي آءُ

هلي آءُ نوان ڏينهن، نوان نينهن هلي آءُ
هلي آءُ، هلي آءُ
هلي آءُ، پيا مينهن ڀنا ڏينهن، هلي آءُ
هلي آءُ، هلي آءُ

سندم سونهن، سندم ساهه، هلي آءُ، هلي آءُ
هلي آءُ، هلي آءُ
نئون چنڊ، نوان چاهه، هلي آءُ، هلي آءُ
هلي آءُ، هلي آءُ

نيئن رات، نئين بات، هلي آءُ، هلي آءُ
هلي آءُ، هلي آءُ
نئين تانگھ، نئين تات، هلي آءُ، هلي آءُ
هلي آءُ، هلي آءُ

جھلي لاٽ، ڏسي واٽ، ٿڪا نيڻ، هلي آءُ
نه ڏي ويڻ هلي آءُ
جڙين شال، مڙي وڃ نه جيئن ميڻ، هلي آءُ
نه ڏي ويڻ هلي آءُ

ڏسي آس سندم پياس، اَچي اوت، هلي آءُ
سندم هوت هلي آءُ
محبت نه ڪڏهن مات ڪئي موت، هلي آءُ ـــ
سندم هوت هلي آءُ
(ڀونر ڀري آڪاس ص 52 ــ 51)
هي گيت آهي يا ڪو جادو، لفظ آهن يا وڏ ڦڙي جي برسات ــ هي لئي ۽ ترنم، هي باترتيب لفظن جون قطارون، هي لفظي ورجاءَ جو وهڪرو، هي سٽن جي سَرلتا، هي قافيه پيمائي جو ڪمال، سچ ته هي بي خوديءَ جي ڪيفيت ۾ چيل اهڙو نغمو آهي، جيڪو سڌو دل تي اثر ڪري ٿو. هن گيت جي تخيلي اڇل ۽ تخليقي وجدان هڪ پاسي پر هن جي لفظن مان اڀرندڙ سُر ۽ موسيقي ئي في الحال مدهوشي طاري ڪندڙ آهي. ”هلي آءُ، هلي آءُ“ جو لفظي ورجاءَ ڪنهن پراڻي پپر ۾ ٻڌل پينگھ ۾ جھولڻ جو لطف ڏئي ٿو. قمر شهباز پنهنجي مضمون ”اياز لفظن جو جادوگر“ ۾ لکي ٿو ته ”اياز کي پڙهندي مون شدت سان محسوس ڪيو آهي ته ”ورجاءَ“ واري عمل مان هو وجد واري ڪيفيت پيدا ڪرڻ جو ماهر آهي. لفظن کي سٽن ۾ وري وري دهرائڻ سان، جيڪو مانڊاڻ مچي ٿو، سو انسان جي بنيادي جبلت (Instinct) يعني ناچ لاءِ هٿ پير، اکيون ۽ آڱريون بي ساخته موڙڻ، مٽڪائڻ ۽ مچلائڻ لاءِ مجبور ٿو ڪري.“ (13)
تون آءُ، هلي آءُ، هلي آءُ، هلي آءُ
اي پيار، ڀلي آءُ، ڀلي آءُ، ڀلي آءُ

هي هيج ڀري سيج، هلي آءُ، هلي آءُ
هي چاهه ڀريو ساهه، هلي آءُ، هلي آءُ
هي سنگ ڀريا انگ، هلي آءُ، هلي آءُ
هي نينهن ڀريا ڏينهن، هلي آءُ، هلي آءُ........ الخ
                           (ڀونر ڀري آڪاس ص 90)
”اياز جا گيت رس ڀري ٻوليءَ، لهجي جي تاثير، نازڪ خياليءَ، پيشڪش جي ڳنڀيرتا ۽ ويچارن جي گھرائيءَ سان پچي راس ٿيل آهن. جنهن ۾ وڻ ۾ پڪل ميوي جهڙو مٺاس ۽ هڳاءُ آهي. هن جي گيتن ۾ قدرتي ترنم، رواني ۽ غنائيت آهي..... اياز جو گيت پڙهي اهو اندازو ڪري سگھجي ٿو ته اهو غير روايتي ترنم ۾ ڳوهيل آهي، جنهن کي سکيا، علم ۽ تجربي سان حاصل ڪري نه ٿو سگھجي، بلڪه اهو ترنم فقط شاعريءَ جي روح ۾ روانيءَ هجڻ سان ئي ممڪن ٿي سگھي ٿو.“ (14) اياز جي گيتن جي جادو بياني، لطيف انداز، هم آواز لفظن مان پيدا ٿيندڙ سُر ۽ انهن جي اندروني موسيقي، سنڌي موزون شاعريءَ جو هڪ معجزو آهن. هن جا انيڪ گيت انهيءَ رمزيت ۽ غنائيت سان ٽمٽار آهن.
روئڻ سان رهن ها جي سُپرين
مان نيڻين نير نه روڪيان ها

مان ڳوڙها ڳاڙي ڳايان ها،
مان وک وک وار وڇايان ها،
وَرُ واريان ها، گھر گھوريان ها
مان سهسين سانگ رچايان ها
روئڻ سان رهن ها جي سُپرين
مان نيڻين نير نه روڪيان ها
            (وڄون وسڻ آئيون ص 53)
ـــــــــــــــــــــ
وهندي رهندي، وهندي رهندي، سون ورنُ سنڌو ــ
                                      سون ورنُ سنڌو
ويرون اينديون، ويرون وينديون
آلڙَ ۾ به اسهندي رهندي، سون ورنُ سنڌو
           (ڪپر ٿو ڪُنَ ڪري ص 311)
ــــــــــــــــ
جان جان جيان آنءُ
تان تان تنهنجو نانءُ
          مون کان مور نه وسري
              (لڙيو سج لڪن ۾ ص 43)
ـــــــــــــــ
موٽي هَلُ
موٽي هَلُ
موٽي هَلُ

توکي رستا روڪِن ٿا
ٽاڻي ٽاڻي ٽوڪِن ٿا
موٽي هَلُ
موٽي هَلُ
موٽي هَلُ
       (چنڊ چنبيليءَ ول ص 112)
مٿيان گيت نه رڳو پنهنجي سٽاءَ جي اعتبار کان مختلف ۽ منفرد آهن، پر سُرن جو هڪ جداگانه احساس ڏياريندڙ به آهن. پهرين گيت ۾ ”ڳوڙها ڳاڙي ڳايان“ ۽  ”وک وک وار وڇايان“ لفظن مان تجنيسِ حرفي جي خوبي اڀري گيت ۾ رڌم پيدا ڪري ٿي. ٻئي گيت ۾ ”وهندي رهندي، وهندي رهندي“ ۽ ”ويرون اينديون، ويرون وينديون“ جا لفظ پنهنجي اندر ساز ۽ آواز جو جادو رکن ٿا. ٽين گيت ۾ ”جان، جان“ ۽ ”تان تان“ جا لفظ پڻ ساڳي خوبي رکندڙ آهن. جڏهن ته چوٿين گيت جي لفظي ورجاءَ مان هڪ انوکي لَئي ۽ تال اڀري ٿي. شيخ اياز جا اڪثر گيت اهڙي سُر، ساز ۽ آهنگ سان رچيل آهن، جيڪي روح کي ڪيف ۽ سرور بخشين ٿا.
لوڪ رس جي حوالي سان اياز جي ”گيت پرولي“ سُر ۽ آهنگ جو هڪ انوکو مثال آهي. ”رُت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي“ ۾ اياز جا لوڪ گيت ”لمڪيان ڙي لو“، ”سانوڻ ـــ ٽيج“، ”مڻيارُ“ ۽ ”ڪرهو“ يا ”ڇيڄ“، ”همرچو“ ۽ ”لوليون“ نج سنڌي ٻوليءَ جي هڳاءَ، نرم لهجي، نفيس احساسن، ثقافتي سونهن ۽ موسيقيت سان ڀرپور آهن. شيخ اياز جي گيتن لاءِ رسول بخش پليچي جي اها راءِ ڏاڍي وزنائتي آهي ته ”سندس (اياز جا) گيت لفظن جي خوبصورتيءَ، سٽاءَ جي سونهن، موسيقيت ۽ اثر ڪري فن جا ڄڻ تاج محل آهن.“ (15)
اياز جي منظوم ڊرامن ۾ موسيقيت
جڏهن اسين منظوم ڊارامن جي ڳالهه ڪيون ٿا ته ان حوالي سان اسان کي ٻن قسمن جا ڊراما ملن ٿا. ”راڳ ناٽڪ“ (Opera) ۽ ”نرتيه ناٽڪ“ (Dance Drama). سنڌ جي آڳاٽي ادب ۾ منظوم ڊراما ناپيد آهن، البته انگريزن جي دور ۽ ان کان پوءِ سنڌي ادب ۾ منظوم ڊرامن جي حوالي سان رڳو ٻن چئن شاعرن جا نالا ملن ٿا. اهڙن شاعرن مان شيخ اياز جو نالو وڏي اهميت جو حامل آهي، جنهن سنڌي شاعريءَ کي ٽي منظوم ڊراما ”دودي سومري جو موت“ ”رني ڪوٽ جا ڌاڙيل“ ۽ ”ڀڳت سنگھ کي ڦاسي“ ڏنا. حقيقت اها آهي ته شيخ اياز جا سنگيت ناٽڪ (Opera) موسيقيت جي معراج تي نظر اچن ٿا. ”دودي سومري جو موت“ جو آغاز يعني ايڪٽ پهريون ئي ايڏو ته شاندار ۽ لفظي سُر، سنگيت ۽ ساز سان ڀريل آهي جو ڇا ڳالهه ڪجي.
جيئو جيئو، پيئو پيئو!
               ڇَنن ڇَنن ڇن ڇن
ڪاري رات اٻهرو ليئو!
              ڇَنن ڇَنن ڇن ڇن
ٽمڪي نيٺ وسامي ڏيئو!
             ڇَنن ڇَنن ڇن ڇن
پيئو پيئو، جيئو جيئو
             ڇَنن ڇَنن ڇن ڇن
ڇن، ڇن، ڇن، ڇن، ڇن، ڇن، ڇن، ڇن
             ڇَنن ڇَنن ڇن ڇن
ڇن........ ڇن...... ڇن.......
(ڪي جو ٻيجل ٻوليو ص 43)
سنڌي شاعريءَ ۾ اهڙي سُر تال ۽ موسيقيءَ جو مثال ملڻ محال آهي. اهو اياز جي لفظن جو ڪمال آهي، لفظ جيڪي رقص جي زبان سمجھائن ٿا. ”ڇنن“ ۽ ”ڇن“ جا لفظ هر ويلي پنهنجي الڳ سُر ۽ ڪيفيت سان ظاهر ٿين ٿا، اها ڇير جي ڇمڪار ڪڏهن تيز ته ڪڏهن ڌيمي محسوس ٿئي ٿي. هنن لفظن کي پڙهندي ڄڻ تبلي جي ٿاپ به ڪنن ۾ گونجي ٿي. نرتڪيءَ جي پيرن ۾ ٻڌل گنگھرو ڪنن ۾ مڌرتا جا سُر اوتين ٿا ۽ لفظن مان رقص جو منظر اڀري اچي ٿو. اهڙا ئي منظر ۽ سُر ”رني ڪوٽ جا ڌاڙيل“ ۾ پسي سگھجن ٿا. جنهن ۾ وينگس چوي ٿي ته:
پريت به آهي پل جي مايا،
ڪنهن ڇايا جي ڇل جي مايا،

پوءِ به ان بِن چارو ڪونهي،
پريت سوا ڇٽڪارو ڪونهي،

من جي موک انهيءَ ۾ آهي،
ساري اوک انهيءَ ۾ آهي،

پريت جڏهن هي روح رڄي ٿي،
بادل بادل بين وڄي ٿي.
(ڪي جو ٻيجل ٻوليو ص 76 ــ 77)
شيخ اياز جو سنگيت ناٽڪ ”ڀڳت سنگھ کي ڦاسي“ به انهيءَ سحر نغمگيءَ ۽ موسيقيت سان ڀرپور آهي. ”هن سنگيت ناٽڪ ۾ به اياز جي اها جادوگري ۽ سحر انگيزي ڪارفرما نظر اچي ٿي. سندس عام شعر جيان، هن ناٽڪ جا منظوم مڪالما به نغمگي ۽ مڌرتا سان ٽمٽار آهن ۽ ان ڪري پڙهندڙ تي وڌيڪ ۽ گهڻو اثر وجهن ٿا. پڙهندڙ شعر جي نغمگيءَ جي وهڪري ۾ بي خود ٿيو، وهندو لڙهندو ٿو وڃي.“ (16) هن ڊرامي جا مڪالما به سندس ٻين ڊرامن وانگر غنائيت ۽ لفظي رونيءَ سان تار ۽ روح جون تارون ڇيڙڻ جي سگھ رکندڙ آهن. ناٽڪ جو آغاز ئي ڀڳت سنگھ جي اهڙن مڪالمن سان ٿئي ٿو، جيڪي پنهنجي اندر جادوئي اثر رکن ٿا.
هي ديس سڄو ئي اوڳو آ
منُ روڳي آ جو موڳو آ
هر گيان انهيءَ جو گيڙو آ
۽ رات مٿان جو ٽيڙو آ
تنهن ڏانهن اڀو ترسول ڪري
ٿو واريءَ تي ويراڳ ٺري ــــ
هر تياڳ انهيءَ جو روڳي آ
هر ماڳ انهيءَ جو روڳي آ
هر جاڳَ انهيءَ جي جُوٺي آ
هر لاڳَ انهيءَ جي لوٺي آ
جا ڳالهه ڪري ٿو ڳوڙهي آ
پر پرک ته مت جي موڙهي آ.
(ڀڳت سنگھ کي ڦاسي ص 41)
شيخ اياز جي شاعريءَ جي موسيقي ۽ مڌرتا، ساز ۽ سَرلتا، سُر ۽ آهنگ، نغمگي ۽ لطافت، رواني ۽ نفاست جا انيڪ مثال آهن. مٿين صنفن کان علاوه سندس بيت، وايون حتاڪه آزاد نظم به انهن خوبين سان سرشار آهن، جن جو ذڪر وري ڪنهن ٻي ڀيري.

حوالا

  1. گورکپوري مجنون  ”ادب اور زندگي“ مڪتبه دانيال ڪراچي (تيسري بار) 2008 ص 191
  2. شيخ اياز ”وڄون وسڻ آئيون“ ــ ”جل جل مشعل جل جو مهاڳ“ محمد ابراهيم جويو روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ڇاپو چوٿون 2008 ص 318
  3. عباسي تنوير ”شاهه لطيف جي شاعري“  روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ڇاپو ٻيو 2000 ص 176
  4. فهميده حسين ڊاڪٽر ”ادبي تنقيد، فن ۽ تاريخ“  سنڌي ادبي اڪيڊمي ڇاپو پهريون 1997 ص 247
  5. راشدي ذوالفقار مضمون (شاعريءَ ۽ موسيقيءَ جو ميل) ڪتاب  ”ڪسوٽي“ سڳنڌ پبليڪيشن لاڙڪاڻو ڇاپو پهريون 1986  ص 43
  6. شيخ اياز ”وڄون وسڻ آئيون“ ــ ”جل جل مشعل جل جو مهاڳ“ محمد ابراهيم جويو روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ڇاپو چوٿون 2008 ص 318
  7. ملڪ نديم ڊاڪٽر، سومرو ادل ڊاڪٽر (ايڊيٽرس) ”سو ديس مسافر منهنجو ڙي“ ــــ”اياز لفظن جو جادوگر“ (مضمون) ـــ قمر شهباز شيخ اياز چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس 2001 ص 62
  8. شيخ اياز ”ڀونر ڀري آڪاس“ نيو فيلڊس پبليڪيشن ڇاپو ٽيون 1995 ص 3
  9. اياز شيخ  ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ مهاڳ ـــــ محمد ابراهيم جويو روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ڇاپو پهريون ص 37
  10. ملڪ نديم ڊاڪٽر، سومرو ادل ڊاڪٽر (ايڊيٽرس) ”سو ديس مسافر منهنجو ڙي“ ــــ”اياز لفظن جو جادوگر“ (مضمون) ـــ قمر شهباز شيخ اياز چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس 2001 ص 61
  11. جويو تاج  ”مان ورڻو هان مان ورڻو هان“ مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ / حيدرآباد 2000 ص 86
  12. سميجو اسحاق ”ناوَ هلي آ گيت کڻي“ ـــ (شيخ اياز جي گيتن جو ڪُليات) روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2009 ص 20
  13. ملڪ نديم ڊاڪٽر، سومرو ادل ڊاڪٽر (ايڊيٽرس) ”سو ديس مسافر منهنجو ڙي“ ــــ”اياز لفظن جو جادوگر“ (مضمون) ـــ قمر شهباز شيخ اياز چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس 2001 ص 70
  14. سميجو اسحاق ”ناوَ هلي آ گيت کڻي“ ـــ (شيخ اياز جي گيتن جو ڪُليات) روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2009 ص 20
  15. ساڳيو ص 350
  16. شيخ اياز ”ڀڳت سنگھ کي ڦاسي“ مهاڳ ـــ رشيد ڀٽي نيو فيلڊس پبليڪيشن ڇاپو ٻيو 1987 ص 35





مهاڳ
خوبصورت خوابن جهڙا خط

لفظ جب تک وضو نہیں کرتے
ہم   تیری   گفتگو   نہیں   کرتے

فياض لطيف جي ڪتاب جو مهاڳ لکڻ مون لاءِ ڪيترو مشڪل ۽ محال آهي، ان جو اندازو شايد ڪنهن کي به نه هجي. ڇا لاءِ ته، فياض ٻين لاءِ ڀلي ڪو معمو يا راز هجي، پر منهنجي اڳيان کليل ڪتاب وانگر آهي. مون سندس جيون ڪتاب جو ورق ورق اٿلايو آهي. مان ساڻس گڏ ٽهڪ به ڏنا آهن ۽ سندس نير به اگهيا آهن. مان سندس پيار جي ساگر کي ڪناري تان بيهي ناهي ماپيو، مان ان ۾ پيهي ڏٺو آهي، منجهس پيهي پاڻ کي ڦوليو آهي ۽ ائين ڪندي جڏهن به پارِ پڳو آهيان، ڀٽائيءَ جو بيت منهنجي ڪنن ۾ ٻُريو آهي:
پيهي جان پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ،
نه ڪو ڏنگر ڏيهه ۾، نه ڪا ڪيچن ڪاڻ،
پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.

هن مهاڳ ۾ مون کي ٻه ٽي لفظ فياض جي انهن خطن جي باري ۾ لکڻا آهن، جيڪي هن پنهنجي خونِ دل سان تحرير ڪيا آهن ۽ جن ۾ هن جي فڪر جي اڏام اوچي آهي. سنڌي ادب ۾ خطن جي هن مجموعي جو ڪهڙو مقام هوندو ۽ ڇا اهي سنڌي ساهت ۾ ڪو جدت جو جهان جوڙيندا؟ انهن سوالن جا جواب آءٌ ضرور پيش ڪندس، پر ان کان اڳ ۾ خط ۽ خاص طور ادبي خط جي اهميت ۽ افاديت جي باري ۾ ٻه چار ڳالهيون ضرور ڪرڻ چاهيان ٿو.
ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته دنيا ڪافي تيز رفتاريءَ سان مادي  ترقي ڪري رهي آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته ان ڇوهي رفتار ۾ ڪيتريون ئي خوبصورت روايتون ۽ تهذيبي سونهن داغدار ٿي آهي، پر تنهن جي باوجود ڪن حسين روايتن کي جدت جو ڇوهو طوفان به ڇُهي نه سگهيو آهي. خطوط نويسي پڻ هڪ اهڙي ئي بهترين روايت آهي، جيڪا اڄ به پنهنجي سمورين سندرتائن سان زندهه آهي. ڪميونيڪيشن جي جديد ترين سولن ۽ سستن ذريعن اي-ميل ۽ ايس ايم ايس جي موجودگيءَ باوجود اڄ تائين خط پنهنجي روايتي تازگي ۽ احساسن جي انوکي خوشبوءِ سميت پنهنجي اهميت قائم رکيو پيو اچي. خط هونءَ ته ٻن روحن جي وچ ۾ رابطي جو هڪ وسيلو آهن، پر حقيقت ۾ اهي تاريخ جا سچا دستاويز آهن جيڪي دل جي رحل تي رکي پڙهڻ جي قابل هوندا آهن. خطن مان نه رڳو فرد جي انفرادي حالتن، ڳجهه ڳوهه، نفسياتي مونجهارن ۽ زندگيءَ جي ٻين مامرن جي پروڙ پوندي آهي، پر پنهنجي دؤر جي اجتماعي سماجي حالتن کي سمجهڻ ۾ به مدد ملندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪي خط وڃايل تاريخ جون اهم ڪڙيون ثابت ٿيندا آهن.
خط نويسي جي تاريخ ڪافي پراڻي آهي. ايترو ضرور آهي، ته جتي ادب جي ٻين نثري ۽ نظمي صنفن کي اهميت ملي، اتي خط جي علمي ۽ ادبي حيثيت کي گهڻو دير سان اجاگر ڪيو ويو جڏهن خط کي باضابطا طور تي هڪ ادبي صنف طور قبول ڪيو ويو ۽ عالمن، اديبن، ڏاهن ۽ فيلسوفن جا خط عالم آشڪار ٿيا ته دنيا جون اکيون کلي ويون. تاريخ جي تهه خاني ۾ دفن ٿيل اهڙا خط جن جي اکرن ۾ اتهاس جا عڪس نظر اچن ٿا. انهن مان خطوط نويسي جي اهميت ۽ افاديت سمجهي سگهجي ٿي. مصر جي احرامن مان لڌل پٿر جي سرن تي اڪريل اکرن سان جيڪي خط لکيل آهن، اهي ان دؤر جي تهذيب، تمدن ۽ تاريخ جا کليل داستان آهن، پر اڃا به ڪن مها پَرشن جا پتر نه ڄاڻ ڪهڙن گمنامي جي گوشن ۾ غرق آهن!
خطَ، بنيادي طور ماڻهوءَ جي جذبن، احساسن، امنگن ۽ اندر جي اڌمن جي اظهار جو هڪ خوبصورت ذريعو آهن، جن جي وسيلي ماڻهو پنهنجي ڪنهن هم راز، دوست يا عزيز سان دلي طرح پنهنجي اندر جو احوال اوري سگهي ٿو، ان ڪري خط کي جيڪڏهن فرد جي ذات جو پوتامل يا آتم ڪهاڻي جو ڪجهه حصو چئجي، ته به غلط نه ٿيندو. خط بنيادي طور تي هڪ ڳجهو احوال آهي، جنهن ۾ ماڻهو اڪثر هڪ ٻئي سان ذاتي ڳالهيون، معاملا ۽ مسئلا شيئر ڪري ٿو، تنهنڪري ڪنهن جي خط کي بنا اجازت کولي پڙهڻ غير اخلاقي حرڪت سمجهيو ويندو آهي، پر ڪجهه خط ان ڳجهه جي ڳنڍ کان آزاد هوندا آهن ۽ اهي هر ڪنهن کي پڙهائي سگهبا آهن. ان قسم جي خطن کي خالص علمي ۽ ادبي خط سڏيو ويندو آهي. اهڙا خط ڪنهن به ادبي صنف جهڙوڪ ناول، ڪهاڻي، مضمون ۽ شاعري وغيره سان برميچڻ جي قابل هوندا آهن. دنيا جي ادبي تاريخ اهڙن منفرد ادبي خطن سان ڀري پئي آهي.
پرڏيهي ادب ۾ جن ليکڪن جو چؤڏس چوٻول آهي ۽ جن جا خط سندن آتم ڪٿائن جي ورقن جي دز دُور ڪن ٿا، تن ۾ ڪيٽس، جيمس جوائس، ورجينا وولف، ايوان ترگنيف، ورڊس ورٿ، ٽالسٽاءِ، گورڪي، فرانز ڪافڪا، خليل جبران، لارڊ بائرن، آسڪر وائيلڊ، وينسٽ وان گوگ، پشڪن، مائيڪل اينجلو، پال گاگن، مارڪس سسرو، هينري جيمس، جواهر لعل نهرو، مهاتما گانڌي، امرتا پريتم ۽ ٻيا ڪيترائي نالا شامل آهن.
ادب ۽ فن جي شهسوارن مان مائيڪل اينجلو کي دنيا هڪ عظيم آرٽسٽ طور سڃاڻي، پر جڏهن هن جا لکيل خط منظرِ عام تي آيا، ته سندس ڳنڀير شخصيت جا ڪيئي راز کُلي دنيا جي سامهون آيا. هو هڪ عظيم مصور هوندي پاڻ کي هڪ بت تراش سڏائيندي فخر محسوس ڪري ٿو. بيشڪ هن جي آڱرين عظيم تخليقن کي جنم ڏنو، پر هن جي اندر جي ڪائنات جا ڳجهه سندس خطن کوليا. فرانز ڪافڪا دنيا جي ادب جو هڪ بي حد وڏو نالو، پر ان نانءَ جي پٺيان هڪ طويل درد-ڪهاڻي. هُو جنهن ذهني ڪشمڪش، ويڳاڻپ، بي سڪوني ۽ اوجاڳي جو شڪار رهيو، تنهن ادب جي هڪ نئين رجحان کي جنم ڏنو. هن پنهنجي ناول ڪيسل ۾ فرد جي پيڙا کي شدت سان محسوس ڪرايو آهي. ڪافڪا ادب ۾ داخليت ۽ وجوديت جو وڏو ليکڪ آهي. هن جا خط پڻ ادب جي دنيا ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. سندس خطن جو مجموعو “Letter to friends, family & editors” ۾ فيلائس ڏي لکيل يادگار خط به شامل آهن. ائين وري ميلينا ڏي موڪليل پريم پتر به ڇپيل آهن. ڪافڪا جو سؤ صفحن وارو هڪ خط، جيڪو هن پنهنجي والد ڏانهن لکيو هو، اهو سندس يادگار ۽ اهم خطن مان هڪ آهي. انهن خطن مان ڪافڪا جي ڏات جي پيڙا، ذهني عذاب، وياڪلتا ۽ زندگيءَ بابت نظريي جي پروڙ پوي ٿي.
آسڪر وائيلڊ دنيا جي ڏاهن اديبن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو. هُو انگريزي زبان جو هڪ عظيم ڊراما نگار هو. هن جي طرز تحرير رڳو لنڊن ۾ ئي نه پر پوري دنيا ۾ کيس شهرت جي بلندين تي پهچايو. هن جي گفتگوءَ جي مٺاس ۽ بي باڪاڻي انداز گهڻن جو من موهت ڪيو. اڻويهين صديءَ جي پوئين ڏهاڪي ۾ هن ادب جي ميدان ۾ وڏيون ڪاميابيون ماڻيون، پر هن جي زندگيءَ جي دامن تي اوچتو هڪ بدناميءَ جو وڏو داغ لڳو، جنهن کيس ڌوڏي وڌو. ان بدناميءَ جو بنياد الفريڊ ڊگلس جي نالي لکيل اهو خط هيو، جيڪو بعد ۾ گلاب جي پنکڙين جهڙا ڳاڙها چپ جي حوالي سان مشهور ٿيو. بعد ۾، وائيلڊ تي هڪ نوجوان سان غير فطري لاڳاپن جو الزم لڳو، جنهن نه رڳو سندس شهرت کي ڪاپاري ڌڪ هنيو، پر کيس ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۽ پوءِ جيل جي سلاخن پويان اچي بيهاريو. ”ريڊنگ جيل“ ۾ هن اذيت ۽ پيڙا جي لمحن مان گذرندي، وري هڪ طويل خط الفريڊ ڊگلس ڏانهن لکيو، جيڪو اٽڪل 150 صفحن جو هيو ۽ اهو خط گهري سڃاڻ جي نالي سان مشهور ٿيو. “Selected letters of Oscar Wild” ۾ ان تاريخي خط جو ڪجهه حصو شايع ٿيو، جنهن ۾ هن قيد بامشقت جي سزا، جيل جي گهٽيل ماحول/ ذهني اذيت ۽ ڀوڳنا کي پنهنجي لفظن ۾ آندو آهي ۽ ڊگلس کي ان رسوائيءَ ۽ بي جرم سزا جو ڪارڻ ڄاڻايو آهي. هي خط آسڪر وائيلڊ جي زندگيءَ جي تلخ ڏينهنِ تي چِٽي روشني وجهي ٿو. ان ۾ شڪ ناهي ته اهو خط ادبي دنيا جو هڪ شاهپارو آهي.
اهڙيءَ طرح ونسنٽ وان گوگ، ڪيٽس، ورجينا وولف ۽ ايوان ترگنيف جا لکيل خط سندن زندگيءَ جي رازن، رمزن ۽ سندن تخليقي سفر جي پيچيدگين کان ڀلي ڀت آگاهه ڪن ٿا. لبنان جي عظيم فلسفي ۽ ليکڪ خليل جبران جا ميري هيڪل ۽ مي زيده ڏانهن لکيل خط جڏهن منظر عام تي آيا ته هڪ وڏي مصنف ۽ چترڪار جو بنهه نئون رخ دنيا جي اڳيان پڌرو ٿيو. ساڳيءَ ريت لارڊ بائرن جي آتم ڪٿا سندس لکيل خطن کان سواءِ اڌوري ۽ اڻ پوري آهي.
مختصر ائين چئجي ته فڪر ۽ فن جي دنيا ۾ خطن کي نهايت اهم حيثيت حاصل آهي. جڏهن اسين ننڍي کنڊ ۾ مڪتوب نگاريءَ جي تاريخ تي نظر وجهون ٿا ته ان حوالي سان مرزا غالب جو نانءُ سڀ کان مٿاهون نظر اچي ٿو. حقيقت ۾ غالب پنهنجي شاعريءَ ۾ جيترو مشڪل پسند آهي، پنهنجن خطن ۾ وري ايترو ئي سهل پسند. خطن ۾ هن جو اسلوب سادو، ڪنهن به تڪلف کان آجو ۽ گفتگو مڪالمي واري انداز جي آهي. غالب جا اهي خط سندس زندگيءَ ۾ جهاتي پائڻ ۾ وڏي مدد ڏين ٿا.
اردو زبان جي مشهور ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان مشڪل ترين داستان فسانه عجائب جي ليکڪ رجب علي بيگ سرور جا خط جڏهن انشائه سرور جي نالي سان شايع ٿيا، ته موضوعي لحاظ کان انهن خطن هڪ نئون جهان جوڙيو، پر انهن ۾ بيگ جو اندازِ تحرير ساڳيو ئي دقيق، هم معنى لفظن، مشڪل اصطلاحن ۽ قافيه پيمائي سان جنجهيل نظر آيو. جڏهن ته کانئس پوءِ سر سيد احمد خان جي مڪتوب نگاريءَ ۾ جيڪا سلاست، سادگي ۽ بي ساختگي آهي، اها کيس وڃي غالب جي هم پلئه بيهاري ٿي. هن جي اڪثر طويل خطن ۾ علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ مذهبي موضوعن تي کليل اظهارِ خيال نظر اچي ٿو. ڪتاب مڪتوباتِ سر سيد سندس زندگيءَ ۽ نظرين جو آئينو آهي. انهي دوران واجد علي شاهه، ميرامن ۽ ڊپٽي نذير احمد جا خط اردو زبان ۾ پنهنجي اسلوب بيان جي لحاظ کان اهميت جوڳا آهن. مرات العروس ۽ ابن الوقت جهڙا ناول لکي شهرت ماڻيندڙ ليکڪ ڊپٽي نذير جا اهي خط، جيڪي هن پنهنجي پٽ بشير ڏي لکيا، تن ۾ هُو هڪ شفيق پيءُ ۽ رهبر جو ڪردار نڀائيندي نظر اچي ٿو. اهي خط جيڪي بعد ۾ موعظئه حسنه جي نالي سان شايع ٿيا، تن ۾ به سندس ناولن وانگر ناصحاڻو انداز گهڻو نظر اچي ٿو. حقيقت ۾ انهن خطن ۾ هر دؤر جي نئين نسل لاءِ پيغام آهي. ساڳي دؤر ۾ مرزا غالب جي شاگرد الطاف حسين حالي، جنهن مسدس حالي ۽ مقدمهء شعر و شاعري جهڙا ڪتاب لکي اردو ادب ۾ پنهنجو نانءُ نروار ڪيو، ان جي خطوط نويسي ۾ وري هڪ عجيب شائستگي ۽ سادگي جهلڪندي نظر اچي ٿي. هو پنهنجن خطن ۾ گهمنڊ ۽ غرور بجاءِ عجز ۽ انڪساريءَ جو دامن جهليو بيٺو آهي. سندس خط مڪاتيب حالي جي نالي سان شايع ٿيل آهن. علامه شبلي نعماني جي خطن ۾ وري غالب واري شگفتگي ۽ بي تڪلفي نظر اچي ٿي. هن جي اڪثر خطن ۾ پردو، عورتن جي تعليم ۽ موسيقي موضوع بڻيل آهن. مختصر نويسي هن جي خطن جي خاص خوبي آهي.
اردو ۾ شايع ٿيل علمي ۽ ادبي خطن مان جن ليکڪن جي خطن کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، تن مان مولانا ابوالڪلام آزاد جو نالو نهايت اهميت جوڳو آهي، جنهن جي خطن جي مجموعي غبار خاطر مقبوليت جو معراج ماڻيو، جن مان اڪثر هن جيل جي سلاخن پويان ويهي لکيا. انهن خطن ۾ هن قيد تنهائي ۽ اندر جي خلوت کي محسوس ڪندي خود ڪلاميءَ جي انداز ۾ جيڪي رنگ ڀريا آهن، تن جو جواب نه آهي. آزاد جا اهي خط جن ۾ خاص طور فارسي ۽ اردو شعرن جي خوبصورت آميزش آهي، انهن کي چار چنڊ لڳائي ٿي ۽ اهي اردو ادب جو سرمايو آهن.
اردو ادب ۾ قديم کان جديد دؤر تائين ادبي خطن جا سوين مجموعا شايع ٿي چڪا آهن. مڪتوب نگاري جي حوالي سان اردو ادب وڏي حد تائين شاهوڪار آهي. اردو جي مڪتوب نگارن ۾ مٿين کان سواءِ محمد حسين آزاد، مولانا عبدالباري فرنگي محلي، اڪبر الهه آبادي، خواجه حسن نظامي، مولانا محمد علي جوهر، مولانا حسرت موهاني، بهادر يار جنگ، شوق قدوائي، سيد سليمان ندوي، جليل مانڪ پوري، مولوي عبدالحق، رشيد احمد صديقي، اثر لکنوي، شوڪت ٿانوي، جگر مراد آبادي، ميراجي، غلام رسول مهر، حافظ محمد شيراني، نياز فتح پُوري، سجاد ظهير، راجا انور، ابن انشا، پطرس بخاري، ڊاڪٽر وزير آغا، ن م راشد، احمد نديم قاسمي، فيض، حبيب جالب، امجد اسلام امجد، حسن نثار، انيس ناگي، احمد شميم، ڪشور ناهيد، ايم آر ڪياني، محمد علي ردولي ۽ اسلم فرخي وغيره اهم آهن. مٿين ليکڪن جا خط پنهنجي دؤر جي تاريخ ۽ معاشرت جا امين آهن. اردو زبان ۾ لکيل خطن جي سلسلي ۾ اردو جي مشهور رسالي ”نقوش“ جي خطوط نمبر، جيڪو چئن جلدن جي هزارين صفحن تي مشتمل آهي، کي تاريخي اهميت حاصل آهي.
    سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان جڏهن خط نويسي جي جهان ۾ جهاتي پائي ڏسون ٿا، ته سنڌي اب جي تاريخ ۾ آڱرين جيترا خطن جا مجموعا شايع ٿيل ملن ٿا. انهن مان به اڪثر ادبي چاشني، لطافت ۽ لذت کان خالي ۽ بنهه ذاتي ۽ سياسي خط آهن. اهڙيءَ طرح خالص علمي ۽ ادبي خطن جي مجموعن جو انگ ڏهن پندرهن کان وڌيڪ نه هوندو. سنڌي ٻوليءَ ۾ جتي ٻين ادبي صنفن پنهنجا ارتقائي مرحلا طئي ڪري خاطر خواهه اهميت ۽ حيثيث ماڻي آهي، اتي ادبي مڪتوب نگاري جي حولي سان اهو انگ مايوس ڪندڙ آهي.
     هن وقت تائين سنڌيءَ ۾ جيڪي خطن جا مجموعا ڇپجي منظر عام تي آيا آهن، تن ۾ ”رهاڻ“ (ميران محمد شاهه جا جي ايم سيد ڏي لکيل خط)، ”ساهڙ جا سينگار“ (علامه آءِ  آءِ قاضي جا جي ايم سيد ڏي لکيل خط)، ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ (شيخ اياز جا محمد ابراهيم جويي ڏي لکيل خط)، ”اڄ پڻ چيڪم چاڪ“ (جي ايم سيد ڏانهن مختلف دوستن اديبن ۽ ڪارڪنن جا خط)، ”خط ۽ مضمون“ ( علي محمد راشدي جا جي ايم سيد ڏي خط)، ”واڄٽ ويراڳين جا“ (محمد امين کوسي ۽ جي ايم سيد جا خط، ٻه جلد)، ”وفائيءَ جا خط“ (علي نواز وفائي جا اخبار ”آزاد“ لاءِ لکيل خط)، ”سير و سفر“ (غلام مصطفيٰ شاهه جا ” الوحيد “ اخبار ڏانهن لکيل خط)، ”ڪجهه خط“ (جي ايم سيد ڏي سياستدانن ۽ سياسي ڪارڪنن جا لکيل خط)، ”اڌ ملاقات“ (طارق اشرف جا لکيل خط)، ”هٿين هٿ ڪڙول“ (طارق اشرف جا لکيل خط)، ”خط ٻن اديبن جا“ (عبدالقادر جوڻيجو ۽ محمد ابرهيم جويو جا خط )، ”خط ٻن استادن جا“ (محمد ابراهيم جويو ۽ غلام علي چنه جا خط)، ”جيءُ منهنجو جن  سين“ (عبدالحميد خان جا سهيڙيل خط)، ”آريجن کان الهاس نگر“ (تاجل بيوس ڏي ليکڪن جا خط)، ”ڪينجهر“ خط نمبر (مختلف اديبن جا خط)، ”پيارن جا پيغام“ ( ڊاڪٽر بلوچ ڏانهن لکيل خط)، ”جي مارن مون ڏي مڪا“ (ولي رام ولڀ ڏي هند سنڌ جي اديبن جا خط)، ”سڄڻن جا سلام“ (ڊاڪٽر بلوچ ڏانهن لکيل خط)، ”سڄڻ ساريندي“ (ڊاڪٽر بلوچ جا عالمن ۽ اديبن جا ڏي لکيل خط)، ”ياد گهر“ (ڪوثر ٻرڙي ڏي مختلف ليکڪن ۽ دوستن جا لکيل خط)، ”سنيهڙا“ (ولي رام ولڀ ڏي ڌيئرن جا لکيل خط)، ”جبل مٿي باهڙي“ (نجم عباسي جا يوسف سنڌي ڏي خط)، ”ڏونگر سي ڏورينديون“ (جي ايم سيد ۽ درشهوار سيد جا هڪ ٻي ڏي لکيل خط)، ”ماکيءَ مٺا ماڻهو“ (مهتاب محبوب ڏانهن هند ۽ سنڌ جي اديبن جا لکيل خط)، ”خيال خطن ۾ خواب اکين ۾“ (منصور ملڪ جا دوستن ۽ ليکڪن ڏي لکيل خط)، ”سور سنيها نينهن نياپا“ (منصور ملڪ جا دوستن ڏي لکيل خط)، ”تو لکيو مون پڙهيو“ (منصور ملڪ کي لکيل خط)، ۽ ڪجهه ٻيا شامل آهن.
مٿين مجموعن مان ادبي نوعيت وارن خطن جي مجموعن کي الڳ ڪبو ته مهان شاعر شيخ اياز جو ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“  ٻوليءَ جي حسن توڙي ادبي چاشنيءَ جي حوالي سان منفرد ۽ نمايان نطر ايندو. ان ڪتاب ۾ ڇپيل خط محمد ابرهيم جويي ڏانهن لکيل آهن، جيڪي دراصل ”مهراڻ“ ۾ ادبي خطن جي سلسلي تحت جويي صاحبَ اياز کان لکرايا. اياز اهي خط ملڪ جي مختلف حصن مان ويهي لکيا ۽ اڪثر ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿيا. سنڌي ادب ۾ اياز جا اهي خط صحيح معنى ۾ ادبي خطن جو جنم چئي سگهجن ٿا. جيتوڻيڪ انهن ۾ اياز ڪي ذاتي ڳالهيون به لکيون آهن، پر گهڻو ڪري منجهن منظر نگاري، فڪر ۽ ڏاهپ جو جهان پسي سگهجي ٿو. ابراهيم جويي صحيح لکيو آهي ته ”ماڻهوءَ جي هٿن جي حاصلات ئي ان ماڻهوءَ جي تشريح آهي.“ اياز جي تشريح اياز جا هي خط آهن.
سنڌي ٻوليءَ ۾ مختلف قسم جي خطن کي منظر عام تي آڻڻ جي حوالي سان سائين جي ايم سيد جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. جيتوڻيڪ هن جا پنهنجا خط جيڪي هن مختلف عالمن، اديبن ۽ سياستدانن ڏانهن لکيا آهن، باضابطا طور سامهون نه آيا آهن، پر ڏانهس لکيل خطن جو ججهو انگ ڇپجي پڙهندڙن اڳيان آيو آهي. خطن جي انهن مجموعن مان وري ٻه ”رهاڻ“ ۽ ”ساهڙ جا سينگار“ خصوصي اهميت رکن ٿا. ”رهاڻ“۾ سنڌ جي تاريخ جي اهم ڪردار سيد ميران محمد شاهه جا اهي خط آهن، جيڪي هن وقت بوقت جي ايم سيد ڏي لکيا. هنن خطن مان ميران محمد شاهه جي ذات کي بي پرده پسي سگهجي ٿو. سندس پسند، ناپسند، شوق شڪار، سياسي بصيرت، سماجي ڪارگذاري، مطلب ته هن جا خط کليل ڪتاب وانگر آهن. هن بنا ڪنهن هٽڪ ۽ هٻڪ جي محبت جي معاملن کي به کولي بيان ڪيو آهي. انهن خطن ۾ سندس رنگين ٻولي پڙهڻ وٽان آهي، پر جڏهن هو ڪنهن سنجيده سياسي مسئلي تي ڳالهائي ٿو ته هن جي اندازِ تخاطب ۾ مدبراڻي سنجيدگي نظر اچي ٿي. ميران محمد شاهه جا اهي خط سنڌي ٻوليءَ جو سرمايو آهن. اهڙيءَ طرح ”ساهڙ جا سينگار“ ۾ وري مهان ڏاهي ليکڪ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جا، جي ايم سيد ڏي لکيل خط آهن. ان مجموعي ۾ جيتوڻيڪ ڪجهه خط ايلسا قاضيءَ جا به آهن، پر گهڻائي علامه صاحب جي خطن جي آهي. انهن مان اڪثر خط انگريزيءَ مان ترجمو ڪيا ويا آهن، پر اهو ترجمو به نهايت سُپڪ ۽ سولي ٻوليءَ ۾ ٿيل آهي. هنن خطن ۾ علامه صاحب هڪ فلسفي ۽ ڏاهي کان علاوه هڪ گائيڊ ۽ رهبر طور نظر اچي ٿو. ٻوليءَ جي شائستگي ۽ اندازِ بيان جي ڇا ڳالهه ڪجي! انهن خطن ۾ نه رڳو جي ايم سيد سان محبت ۽ ويجهڙائيءَ جو اظهار ٿيل آهي، پر انهن مان علامه آءِ آءِ قاضي جي طبيعت ۽ فڪري لاڙن جي پڻ پروڙ پوي ٿي.
سنڌيءَ ۾ ڇپيل خطن جي مجموعن ۾ علي نواز وفائيءَ جي خطن جو مجموعو ”وفائيءَ جا خط“ الڳ رنگ ۽ ڍنگ ۾ نظر اچي ٿو. هن اهي خط ڪنهن خيالي نوجوان جي نالي لکيا آهن، جيڪي اخبار ”آزاد“ ۾ ڇپيا ۽ بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ آيا. وفائيءَ جي قافيه پيمائيءَ ۽ لفظي جادوگريءَ جو متعرف ڪير ناهي! ساڳيو انداز هنن خطن ۾ به نظر اچي ٿو، پر پڙهندڙ کي گهڻيءَ دير تائين لفظن جي ريشمي ڏوريءَ ۾ نه ٿو ڦاسائي سگهجي. موضوعي لحاظ کان هي خط ڄڻ ڊپٽي نذير احمد جي ناصحاڻن خطن جو تسلسل نظر اچن ٿا. اهڙيءَ طرح غلام مصطفى شاهه جي خطن جو ڪتاب ”سير و سفر“ به خطوط نويسيءَ ۾ هڪ جدا طرز جو ڪتاب آهي. سندس اهي خط آمريڪا جي دوري دوران اخبار ”الوحيد“ لاءِ لکيل هئا، جيڪي اخبار ۾ ڇپبا رهيا. هي ڪتاب اصل ۾ هڪ سفرنامو آهي، جيڪو خطن جي روپ ۾ لکيو ويو آهي. ليکڪ اهي خط لکندي آمريڪا، ڪينيڊا، مصر وغيره جي باري ۾ تمام سٺي ڄاڻ ڏني آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن اهي خط تقرير جو روپ وٺي وڃن ٿا. هي خط دلچسپ هجڻ باوجود ادبي خطن واري ماڻ ۽ ماپ تي پورا نه ٿا اچن.
سنڌي ٻوليءَ جي صحيح معنى ۾ اورچ، ڏاهي، محقق ۽ دانشور ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا لکيل خط به ڪافي اهميت رکن ٿا. سندس خطن جو مجموعو ”سڄڻ ساريندي“ سنڌي ادب جي تاريخ جي ڪيترن ئي گوشن تي روشني وجهي ٿو. ڊاڪٽر صاحب جو سلوڻو انداز تحرير يقينن خوبصورت آهي. هن وٽ تصنح ۽ ڏيکاءٌ نالي ماتر به نه آهي. خطن جي هن مجموعي ۾ ڊاڪٽر صاحب جي ٽڙيل پکڙيل خطن کي سهيڙيو ويو آهي. انهن خطن مان ڪيترائي خط تاريخي نوعيت جا آهن. اهڙن خطن ۾ عثمان علي انصاري، جي ايم سيد، علامه دائود پوٽو، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ غلام رباني آگرو جي نالي لکيل خط شمار ڪري هنن خطن ۾ ڊاڪٽر بلوچ پاڻ سان ٿيل ويساهه گهاتين جو به ذڪر ڪيو آهي ته پنهنجن دوستن سان شڪوه شڪايتون به ڪيون آهن. ڪيترن ئي خطن ۾ نون ۽ پراڻن ليکڪن جي پڇيل سوالن ۽ مخلف ادبي مونجهارن کي سلجهائيندو هو هڪ رهنما طور نظر اچي ٿو. ادبي نوعيت جي خطن جي مجموعي مان طارق اشرف جو ”اڌ ملاقات “ به نمايان آهي. هي اهي جيڪي طارق مختلف ڪيفيتن جي سنمڊ ۾ ترندي لکيا آهن. خاص طور سندس اهي خط جيڪي ”هن“ (محبوبه) ڏانهن لکيل آهن، پڙهڻ وٽان آهن. جيڪي پيار ڪندڙن جي روح جي تارن کي ڇيڙن ٿا وجهن. هن وٽ غالب جيان مڪالمي / ڊائلاگ وارو انداز به نظر اچي ٿو. جيڪو سندس کي وڌيڪ خوبصورت بڻائي ٿو. هن ڪتاب ۾ طارق اشرف جا اهي خط آهن. جيڪي هن 22 مهينا جيل ۾ رهڻ دوران دوستن، عزيزن ۽ پيارن ڏي لکيا. هو جيئن ته بنيادي طور ڪهاڻيڪار هو تنهن ڪري سندس خطن ۾ به رومانوي لهجو ۽ افسانوي انداز نظر اچي ٿو. هن خطن ۾ جهڙِي ٻولي خوبصورت آهي. تهڙي سندس تصورات جي دنيا. ڪافي خط بنهه ذاتي نوعيت جا آهن.
       سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل خطن جي مجموعن جي ان محدود تعداد کي ڏسندي جيڪڏهن مجموعي جائزو ورتو ويندو ته ادبي خط جي صنف ارتقائي حوالي سان اسان کي بانبڙا پائيندي نظر ايندي. ايترو ضرور آهي ته ڪيترن ئي اديبن جا ڪارائتا خط جيڪي اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن. جيڪڏهن چپجي منظر عام تي آيا ته سنڌي ادب ۾ مڪتوب نگاري جي صنف کي هٿي ملندي . اسان وٽ جيڪي ڳاڻ ڳڻيا نوجوان نثر نگار موجود آهن ۽ جن جي نثر ۾ به شاعراڻي شگفتگي ۽ ترنم موجود آهي. انهن مان ڪو شڪ ناهي ته فياض لطيف جو نالو پنهنجي نرالي حيثيت رکي ٿو. جيتوڻيڪ هن وقت تائين لوڪ اڳيان فياض جي سڃاڻپ جا ٻه چٽا حوالا آهن. هڪ مترجم ۽ ٻيو شاعر، ڇو ته هن جي ڇپيل ڪتابن مان هڪ شاعريءُ جو ۽ ٽي ترجمي تي مشتمل آهن . جيئن هن جي شاعريءَ ۾ آبشار ڌارائن وانگر هڪڙو وهڪرو آهي. تيئن هن جي ترجمن ۾ به سندس نثر جي حسناڪين کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. هونءَ ته فياض هڪ نثر نگار طور به سنڌي ادب ۾ ڪو نئون نانءٌ نه آهي. پر ڪتابي شڪل ۾ اوهان سندس نثر جي جادو کان پهريون دفعو واقف ٿيندا ۽ مونکي يقين آهي ته سندس هي ڪتاب هن جي سڃاڻپ جو هڪ مضبوط حوالو بڻبو.
فياض لطيف جي هن ڪتاب ۾ سندس اهي خط آهن. جيڪي هن دل جي لهوءَ سان تحرير ڪيا آهن. اهي خط هن پنهنجي دوستن، محبوبن ۽ هم عصر اديبن ڏانهن وڏي چاهه ۽ پنهنجائپ سان لکيا آهن. انهن خطن ۾ هن پنهنجي دل جا دفتر کولي رکيا آهن. سندس لکيل هر سٽ ۾ اظهار جي انوکائپ ۽ احساس جي سچائي کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. لفظ هن وٽ رڳو کيڏوڻن وانگر نه آهن. جن سان پنهنجي دوستن جي دل وندرائيندو هجي. پر اهي پنهنجي پوري سگهه ۽ فڪري اڏام سان جلوگر ٿين ٿا. فياض جي خطن ۾ ڇا آهي؟ ان سوال جو جواب اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته انهن ۾ ڇا نه آهي. ڇو ته سندس مذڪوره خطن ۾ فڪر ۽ فلسفي جي ڳوڙاهپ به آهي ته عشق ۽ عقل جي مامرن تي بحث پڻ اهي خط غم، خوشي، آس، نراس، يقين، بيقيني، اضطراب ۽ بي چيني جهڙن ڪيئي احساسن جو رنگ محل سجائين ٿا. هنن خطن ۾ فياض پنهنجهي اندر جي ڪائنات کي پنهنجي پوري سندرتا توڙي ڪرب سان جيئن جو تيئن ۽ کولي پيش ڪيو آهي.
فياض لطيف جي هن ڪتاب ۾ موجود خطن جو عرصو 14 سالن تي محيط آهي. انهن چوڏهن سالن ۾ هو پنهنجي پيارن سان ڪيئن مخاطب ٿيو آهي ۽ ڪهڙيون روح رچنديون ڪيون اهن. ان لاءِ سندس ڪتاب ۾ جهاتي پائڻ ضروري آهي.
هن مجموعي ۾ ٽن قسمن جا خط شامل آهن. هڪجهڙا ذاتي خط آهن. جن ۾ فياض پنهنجي دوستن ۽ پيارن جي اڳيان پنهنجي اندر جي ڪائنات کي کولي رهيو آهي ۽ پنهنجي ذات جي بريڪ کان باريڪ حوالن تي به گفتگو ڪئي آهي. انهن خطن ۾ سندس درد فو صحرا به پسي سگهجي ٿو ته مشڪلاتن ۽ مصيبتن جا ٿوهر به ڏسي سگهجن ٿا. پر جيڪڏهن هن جي رڃ ۾ خوشيءَ جي ڪا ننڍڙي مکڙي به ادبي لطافت سان ڀرپور آهن. ٻيا نج ادبي خط آهن. جم جو موضوع ئي ادب آهي. اهڙا خط گهڻو ڪري هن پهنهجي ليکڪ دوستن ڏي لکيا خط آهن، سندس ان قسم جي خطن ۾ گلزار، احسان دانيش، مونس اياز، اسحاق انصاري، ڊاڪٽر مبارڪ جتوئي، مظهر ابڙو، اعجاز منگي، ناز نائي، ضمير لاشاري ۽ منظور ٿهيم، ڏانهن لکيل خط خاص اهميت رکن ٿا، انهن خطن ۾ هن ادب جي مختلف رجحانن، ڪهاڻي، شاعري ۽ دنيا جي ادب کي موضوع بڻايو آهي ۽ نهايت ڀرپور اظهار خيال ڪيو آهي، هن ڪتاب ۾ ٽئين قسم جا خط رومانوي آهن، هي خط فياض لطيف پنهنجي محبوبه جي نالي لکيا آهن، اها محبوبه جنهن سان هو عبادت جي حد تائين محبت ڪري ٿو. هنن خطن ۾ ڪو احساسن جو سمنڊ آهي. جڳڪو اٿلون کائيندو کاغذ جي سيني کي سيراب ڪندو ٿو وڃي. هونءَ به محبت جا معاملا نرالا هوندا آهن. انهن کي لوڪ ڪٿي ٿو ساڃاهي سگهي! شاعر صحيح چيو آهي ته؛

سو فياض جي اهڙي قسن جي خطن کي پڙهيدي، اهو ضرور سوچيو ۽ ويچاريو وڃي ته هن ان عشق جي اڳ ۾ ڪُڏندي لفظن کي ڪندن بڻائي اهي خط تحرير ڪيا آهن.
فياض لطيف جا خط خوبصورت لفظن جي، رنگين ۽ ريشمي ڏورين سان ٻڌل آهن. جيتو ڻيڪ ڪٿي ڪٿي انهن ۾ پيچيدگي به محسوس ٿئي ٿي. پر حقيقت ۾ اهي پيچيده هوندي به سليس آهن. ڇو ته اهي محبت سان لکيل آهن.....۽ محبت سان لکيل هر حرف پنهنجي الڳ سڳنڌ ۽ سرهاڻ کنيو ايندو آهي، تنهنڪري سندس هن پورهيي کي پيار جي پر ڪيف نگاهن سان پڙهبو ته ان ۾ ازلي سچائي ۽ هن جي اندر جي اجري ڪائنات کي پسي سگهبو، فياض دل جو سودو به محبت جي معيار تي ڪيو آهي، تنهن ڪري ڀٽائي جي بيت ”محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن“ وانگر چاهه جي بازار ۾ ان وکر کي وڪ اٿم ته اوهان مان ڪيئي صراف (پارکو/پڙهندڙ) قدر جي نگاهه سان ڏسندا.
فياض لطيف جي خطن جو جائزو وٺبو ته انهن ۾ روايتي سلام دعا، خوش خير عفيت ۽ ادب وڌي ويو تسليمان نه ملندي، هونءَ به هو رسمي حال احوال جو قائل نه آهي، اهو ئي سبب آهي جو هن جو ڪو به خط ادبي لطافت کان وانجهيل نه آهي. هن جا ڪافي خط موضوعاتي آهن. جن ۾ هن پنهنجي دوستن سان دل کولي ڳالهايو آهي. هن جي دوستن سان گفتگو بي تڪلف ۽ پنهنجائپ واري آهي.
ڀائو، جنهن کي فيض ڀيڻ جي مقدس رشتي سان تعبير ڪري ٿو. ان جي نالي لکيل هڪ خط ۾ فيض ساڻس پيار، پاٻوهه ۽ پنهنجائپ جو هن طرح اظهار ڪيو آهي. ”ڀائو! تون ڀلي مون سان کوڙ شڪوه شڪايتون رکندي ڪر، ناراضگيون ۽ رنجشون اّظهاريندي ڪر، من جون بي چينيون ۽ دنيا جون بي رخيون بيان ڪندي ڪر، آءَ هر لمعي توسان احساس جي ڳراٽڙي پائي ساٿ ۾ شامل هجڻ جو آٿت آڇيندو رهندس. پر اڄ کانپوءِ خودڪشي جهڙي بزدليءَ جو خيال به سوچيو اٿئي ته پوءِ نه صرف توکاان ناراض ٿي ويندس. پر آءَ پنهنجي پوري پيار کي پنهنجي وجود ۾ ئي بي معنيٰ ڀائڻ لڳندس، ڇو ته منهنجو وجود ۽ اهي محبتون ئي ڪهڙي ڪم جون. جيڪي تو کي آٿت ۽ آجپو آڇي نه ٿيون سگهن!“
مظهر ابڙو جڏهن خودڪشي جو اٽيمپٽ ٿو ڪري ته فياض جا لفظ رت جا ڳوڙها روئن ٿا.؛ ”پيارا ڪنڊن لاءِ ته مڙئي موسمون ساڳيون هونديون آهن. پر هڪ آدرشِي انسار ئي ته ڪنول جيان هوندو آهي. جنهن عمر ڀر لفظن جي بي جان بتن ۾ هميشه جياپي، جان، امنگ، انس اتساهه جو روح پئي ڀريو آهي. سو پنهنجي ئي جيون جي لاٽ کي خودڪشيءِ جي ٻاٽ جو بَک بڻائڻ جو عمل ادا ڪندو، تنهن جي عملي مظاهري منهنجي احاساتي وجود کي سچ پچ وکيري ڇڏيو آهي.“ (28 فيبروري 2001)
ايڏي آٿت، تسلي ۽ همت افزائي ڏيندڙ شخص، جيڪو پنهنجي دوستن سان بي انتها پيار ڪري ٿو، پنهنجي اندر ۾ ڪيترو ٽٽل ۽ ڀڳل آهي. ان جو ادازو سندس ڪيترن ئي  خطن مان لڳائي سگهجي ٿو. هو خود عجيب محرومين جو شڪار رهيو آهي. انهن محرومين جا لڙڪ سندس لفظن مان جهلڪن ٿا.
منهنجا هٿ خطائن کان خالي هوندي به هر ڀيري عتابن جي اڳيان رهيا آهن. مون پنهنجي جياپي جي جواز لاءِ انيڪ فريبن کي دريافت ڪيو آهي.
منهنجي وجود جي مٽيءَ ۾ ازلي پياس آهي. خبر ناهي خدا منهنجي تقدير ۾ اڻ پورائي جو انگ ڇو لکيو آهي!”(پرينءَ ڏي لکيل خط-31مئي 2004ع).
”مون تنهائيءَ ۾ جڏهن به پنهنجي جيون جي ڪٿا جو ڪاٿو ڪيو آهي. منهنجي حاصلاتن جا هٿ ڪنڊن سان ڀرجي ويا آهن.آءُ پوري عمر تلاش جي صحرا ۾ پياسي هرڻ جيان ڊوڙيو آهيان، پر پوءِ به پياسو ئي رهيو آهيان. پياس مهننجي ساٿ ۾ سدئين رهي آهي... منهنجي پرورش اهڙي ماحول ۾ ٿي آهي. جنهن ۾ علم ۽ دانش جو دهو پراڻين پيڙهين تائين ڪو نه ٿو ملي... آءُ پنهنجي وجود جي ڪستيءَ جو اهو بچي ويل حصو آهيان. جيڪو لهرن جي هٿن مان کسڪي ڪنهن ڪناري جي آغوش ۾ اچڻ لاءِ آتو آهي. پر هر ڀيري ڪناري جي آس منهنجي آرزو جي هٿن ۾ هيڪلايون ئي ڏنيون آهن!”(مبارڪ ڏي لکيل خط – 2 ڊسمبر 1998ع)“
انهيءَ گُهٽ ٻوسٽ، بي يقيني ۽ محروميءَ جي احساس جي ڪري فياض لطيف جو رشتن تان ويساهه ئي کڄي ويو آهي.۽ بار بار پنهنجن خطن ۾ رشتن جي ناپائداري ۽ تعلقات جي ڇڄندڙ تند جو ذڪر ڪري ٿو.پر فياض اهڙين ڪيفيتن جي سمنڊ ۾ ٻڏندي اپڙندي ٻه دوستيءَ جو دوستيءَ جو داامن هٿان نه ٿو ڇڏي ۽ سرڪس جي جوڪر وانگر پنهنجي وانگر پنهنجي اندر ۾ سوين درد سانڊي، پنهنجا لڙڪ لڪائي. پنهنجي مَکَ تي اطمينان جو ماسڪ چنبڙائي دوستن کي مايوسيءَ جي موسم ارپڻ بدران سندس نيڻن کي محبتن جا خواب ٿو آڇي. دوستي هن مايوسيءَ جي موسم ارپڻ بدران سندن نيڻن کي محبتن جا خواب ٿو آڇي. دوستي هن لاءِ هڪ مقدس رشتو آهي هو ان رشتي جي اهميت کا واقف آهي.امتياز ڏي لکيل هڪ خط ۾ جيتوڻيڪ فياض ساڻس شڪوه ڪري ٿو، پر ان شڪوي سان گڏ کيس دوستيءَ جو احساس پڻ ڏياري ٿو.
”امتياز! دوست ته دلين جي ڀرندڙ ڀتين جي ٽيڪ ۽ من جي گهاون جو مرهم ٿيندا آهن. دوست ته رڃ ۾ پاڻيءَ جو شفاف چشمو ۽ تنهائي جي تاريڪ راتين ۾ آشا ۽ اميد جو ڪرڻو ٿيندا آهن.....
دوست ته دلين جي چهاڙيون چولي تي آٿٿ جي چتي ۽ غم جي درياءَ ۾ دلين جي ٻڏندڙ ٻيڙن جا سڙهه ٿيندا آهن!! پر تو وٽ
حبيب ساجد ڏي سٺن دوستن ۽ سٺن ڪتابن کي پنهنجي ڪمزوري سڏيو آهي.
 ڪتاب ٻئي منهنجي محبوب ڪمزوري رهيا آهن ۽ اڄ آءُ جو ڪجهه به آهيان، اهو فقط ۽ فقط پرخلوص دوستن جي ساٿ ۽ ڪتابن جي قرابت سبب ئي آهيان..“ (13 مارچ 2001 )
فياض شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جي سچل چيئر ۾ ڪجهه عرصي ۾ هن پنهنجي محنتي طبيعت ۽ سهڻي سڀاءَ سبب ڪيئي دوست ٺاهيا. جڏهن کيس نوڪريءَ تان هٽايو ويو ته هن پنهجن انهن دوستن، جن سبب سان سندس روح رهاڻيون ۽ جن سان خيرپور جون خوبصورتيون شامون ٽهڪندڙ گزاريون، تن هن جا اهڙا خط اسحاق انصاري، مونس اياز، سجاد ميراڻي ۽ حاجي خان ڏاهري وغيره ڏانهن لکيل آهن. سچ ته فياض جي اهڙن خطن ۾ پنهنجو حسن ۽ حقيقت آهي. انهن خطن ۾ اداسيءَ جي واءُ به گهلندي محسوس ٿئي ٿي ۽ خوبيصورت منظر به ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
موهن جي دڙي جي کنڊن ۾ ڪجهه ملڻ ۽ واپسيءَ تي ڄڻ ته اتي ڪجهه وسري وڃڻ جو احساس هر ڀيري شدت سان ٿيندو اٿم. اهو ساڳيو احساس خيرپور ۽ لطيف يونيورسٽي مان به هر ڀيري واپسي تي ڏاڍو وياڪل ڪيري ڇڏيندو آهي...پيارا سچ پڇين ته منهنجي اندي جي ٽئگور لاءِ لطيف يونيووسٽي شانتي نڪتين جو ٻيو روپ آهي....
(اصحاق انصاري ڏي لکيل خط -18 نومبر 1996 ع ).
فياض لطيف جا اهي خط جيڪي هن پنهنجي اديب دوستن ۽ ادب دوست سڄڻن ڏي لکيا آهن، انهن ۾علمي ۽ ادبي معاملن تي هن نظر گهري محسوس ٿئي ٿي اهڙي خطن ۾هن ادب جي فڪري ۽ نظرياتي پهلوئن ته به ڪافي ڳالهايو آهي، سندس انهن خطن مان هن جي ڳوڙهن مطالعي ۽ مشاهدي جي پروڙ پوي ٿي. ان حوالي سسان 1996 ع ۾ مونس اياز جي نالي لکيل سڪ خط ڪافي اهم آهي، جيڪو پڙهڻ سان تعلق رکي ٿو.
“مونس سائين! پر يقين ڪريو، مون جيستائين گرو رجنيش کي نه پڙهيو هو، تيستائين سڌارٿ ۽ چتر اندر ۾ لهرون پيدي ڪندڙ ناول پوري طرح سمجهي به سگهو هوس. هينئر جڏهن انهن کي ٻيهر پڙهيو اٿم، تڏهن گوتم جي ” سروم دکم دکم“  جي فلسفي کان وٺي ڀٽائي جي ”ٻوڙو ٿي ٻڌيج گونگو ٿي ڏسيج “  جي گيان love is your self in to the  arms of darkness, behold un consciousness there. You will feel equity and expose of your eternal beloved.) منهنجي تخيل جي تاڪين کي وڌيڪ کولي ڇڏيو آهي،“ (-نومبر 1996ع).
ان قسم جا ٻيا به ڪجهه ادبي خط هن مجموعي ۾ شامل آهن.
خطن جي هن مجموعي ۾ فياض جا اهي خط جيڪي هن پنهنجي محبوبه ڏي لکيا آهن، هڪ نرالي حيثيت رکن ٿا. اهي خط هن اندر جي اٿاهه گهرائين سان لکيل آهن، جن ۾سندس مذبن ۽ احساسن جو ڇوهو طوفانبه نظر اچي ٿو، ته لمحي لمحي انوکين ڪيفيتن جون لهرون به ڏسجن ٿيون، اهي پريم. پتر سچ ته پريم نگر جي واسين لاءِ هڪ تحفو آهن، ڇو ته ف فياض پنهنجن روميانوي خطن ۾ جن ڪيفيتن جا چٽ چٽا آهن، اهڙِيون ڪيفيتون محبت جي راهن تي هلندڙ هر پرمي تي طاري ٿينديون آهن. پر فياض انهن سمورين ڪيفيتن کي جنهن انوکي فن ۽ خوبصورت لفظن جي بازڪ ڏور ۾ ٻڌجڻ کان اڳ، اها ئي محبت، جيڪا ماڻهون جي اندر جي ڪائنات کي ڪوڙين رنگ، رونقون ۽ سڳنڌون ارپي سندس وجود کي مهڪائي ڇڏيندي آهي، جنهن جو اّظهار هن ان محبت کي ”خوبيورت ۽ فريب“ سڏيندو هڪ خط ۾ هن طرح ڪيو آهي
۽ جڏهن فياض ان خوبصورت محبت ۾ ڦاسي ٿو ته هڪ عجيب بي خودي جي عالم ۾ غرق ٿي وڃي ٿو ۽ محبت جي گهرائين ۽ وسعتن جي ڪَٿَ ئي نه ٿو ڪري سگهي، محبت جي ديوي دل تي حڪومت ڪري ۽ آهستي آهستي اها اندر جي ڪائنات کي ڪيئن ٿي تبديل ڪري، هو اهو سمورو لقاءُ محسوس ري ٿو ۽ حالت ۾ هن جي سل جي ڪيفيت شيخ ايازجي هن شعر جهڙي ٿي پوي ٿي؛
خبر ناهي ته ڇو آهي ۽ ڇا آهي.
محبت زندگيءَ جي انتها آهي.
بنگال جي عظيم  ليکڪ ٽئگور صحيح چيو هو ته ” محبت مڪمل زندگي آهي ۽ ان جو نشو سڄي حياتي انسان کي مدهوش رکي ٿو.“ حقيقت اها آهي ته مون فياض جي اکين ۾ اها مدهوشِي ڏٺي آهي. جنهن ڏينهن هو پيار جي حسين ڄار ۾ جڪڙجي ويو، تنهن ڏينهن مون سندس اکين عجيب چمڪ ڏٺي. اها چمڪ پاڻي جي جنهن شفاف چشمي تي پوندڙ سج جي پهرين ڪرڻن کان به حسين هئي ان ڏينهن هن مون کي پاڻ مرڪي ٻڌايو هو dear am in love ۽ مون کيس ڀاڪر ۾ ڀري ڳل تي مٺي ڏني هئي، پر جيڪڏهن هو اهو مون کي به ٻڌائي ها ته به آءُ سندس نيڻن مان لفظ لفظ ڪري سندس اندر جي ڪيفيتن کي پڙندو وڃان ها.
جڏهن فياض کي محبت جي موٽ ۾ پيار جا گل پلئه پون ٿا ته سندس من ۾ خوشين ۽ خوبصورتين جي سرنهن ڦولارجي وڃي ٿي ۽ جڏهن وري پرينءَ سان ملاقاتن جي موسن اچي ٿي ته سندس اندر جون خزائون خودڪشي ڪري ڇڏين ٿيون ۽ بار ان قرب جي ڪٺ کان پوءِ جڏهن هو پنهنجي سانئڻ ڏي پرين پتر لکي ٿو ته لفظ سندس دل جي اجري نديءَ مان وضو ڪري نڪرن ٿا ۽ ڪٿي ڪٿي اهي خود ڪنهن سيل روان وانگر تيز تيز وهندا ٿا وڃن. احساس جي ڍنڍ مان لفظن جا ڪنول چنڊيندي ڪٿي ڪٿي فياض لطيف جو اظهار عقل ۽ منطق کان ماورا به محسوس ٿئي ٿو. پر ان کي محبت جي اکين سان پڙهي بنا دليل قبول ڪري سگهجي ٿو. هوءَ به جتي عقل جا دليل ختم ٿنيدا آهن. اتان عشق جو سفر شروع ٿيندو آهي. فياض جي هيٺين خط جي سٽن مان اهو سڀ ڪجهه محسوس ڪري سگهجي ٿو.
”تون منهنجي لازوال پياس جو اهو چشمو آهي، جنهن جي سحر ۽ پوتر ڌارائن اڳيان جُهڪندي، اڄ واقعي ئي اها سرهائي ۽ مسرت محسوس پئي ٿئيم.جنهن جي سرمستيءَ جي بيان ۽ اظهار لاءِ، منهنجي لفظن جي پوري اميري سچ ته ڏاڍي مفلس ٿي ڀاسي، ٿنهن ڪري ”تون“ جيڪا منهنجي محبت جي ٽاريءَ تي ٽڙندڙ گل جيان آهين، تنهن کي هڪ ڀيرو ٻيهر پرنام ڪرڻ لاءِ آءٌ وري به سر بسحود آهيان... تو جنهن محبت جي روح سان، منهنجي پيار کي پڪاريو ۽ منهنجي جيون کي مانُ ۽ مريادا عطا ڪئي آهي، جيڪڏهن منهنجو وجود واقعي بي جان به هجي ها، تڏهن به مونکي وشواس آهي. ته اهو تنهنجي سڏ جي وراڻيءَ لاءِ، هڪ لمحو ئي سهي پر ضرور زنده پوي ها.....!“ (سائنڻ ڏي لکيل خط – 28 ڊسمبر 2001). 
فياض لطيف جو جڏهن به پنهنجي سانئڻ سان ميلو ٿئي ٿو ته سندس دل جا دڳ روشن ٿي وڃن ٿا، نيڻ مرڪڻ ۽ لفظ مهڪڻ لڳن ٿا. هن جا اهڙا خط جن جي لفظن ۾ محبوبه سان ملاقات کان پوءِ جو سحر ڇانيل آهي. اهڙا خط پڙهيدي احمد نديم قاسمي جو شعر بار بار ذهن تي تري اچي ٿو.


فياض جو پنهنجي سانئڻ، پنهنجي جانان سان روح جو رشتو رهيو، هن پنهنجي محبوبه کي اندر جي اٿاهه گهرائين سان چاهيو پر اها چاهنا جي لاٽ جيڪا عشق جي آتش بڻجي. جنون جون حدون به اورانگهي ويندي آهي، جڏهن وقت جي طوفانن سان وڙهندي وڙهندي موت جون هڏڪيون ڏيڻ لڳي، ته هن جا لفظ لڙڪ بڻجي ويا. فياض پنهنجي دل تي جدائي جو ڏوگر جيڏو ڏک سٺو آهي. تڏهن ئي ته پرينءَ سان تعلق جي تند ڪمزور ٿيڻ کان پوءِ وارن خطن ۾ سندس لفظ سڏڪندي ٿا محسوس ٿين.
”تو بن آءٌ هي پنهنجي بي قراري ۽ اضراب جي هڙ ڪهڙي ڪمري جي ڪنڊ ۾ رکان. منهنجي ڪمري جو هنج ته ڪتابن ۽ درد جي صدائن سان ڀريو پيو آهي. جتي هاڻي ته منهنجي هيڪلائي جو هينئون به ڪنهن زخمي پنڇي جيان پنهنجي پرواز جا پر وڃائڻ لڳو آهي، خاموشي، مسلسل پنهنجي ئي پڪار جا پڙڏا ۽ ڪتابن جي خاموش وجود کي جنجهوڙڻ جي باوجود آواز کان خالي احساس جو درد، ڪنهن خنجر جيان منهنجي نس نس ۾ ايترو ته اونهو لهي چڪو آهي. جو هنيئر مون لاءِ درد جي شدت ۽ ماٺار جي احساس واريون معنائون ئي معمولي بڻجي چڪيون آهن... غم جا پهاڙ ڪيتري تائين صبر جي سيني ۾ سانڍي رکجن! آڳ ته آخر پنهنجو پيچرو خود ئي ووڙي وٺندي آهي..“ (15 اپريل 2002)
فياض لطيف جي هن ڪتاب ۾ مجمعي طور فڪر جي گهرائي ۽ تخيل جي جوهر کان سواءِ ٻوليءَ جو حسن، جادوگري ۽ مٺاس هيئين سان هنڊائڻ جهڙو آهي. پر هن ڪٿي ڪٿي عجب جهڙا اصطلاح، محاورا، تشبيهون ۽ استتعارا به استعمال ڪيا آهن. اهي بنهه نوان آهن. ۽ انهن کي سمجهڻ لاءِ سرت ۽ ساڃاهه جون اکيون ۽ سڻڻ لاءِ سماعتون اصطلاحن، محاورن، تشبيهن ۽ استعارن ۾ دل جا نيڻ نپورڻ، احساس جا پند آلا ڪڻ، ڪلمي جهڙا چپ، پوپٽن جي آوارگيءَ جهڙو جياپور، ڪوڪ جو قافلو، خواب جي مٽي، خوشبو جو بدن، غرض جو ڇتو ڪتو، آڱرين جي بيچيني، عقل جون آڱريون، اوجاڳيل سمنڊ، اوجاڳيل آڱريون، بي روح جياپو، سنڍ ٿيل معاشرو وغيره شامل آهن. انهن جو استعمال سندس خطن ۾ مختلف جڳهن تي ٿيل آهي.
هن جي اظهار ۾ نماڻپ به آهي ته فلسفياڻو انداز به جيتوڻيڪ سندس بيان پيچيده آهي. پر احساس جي تازگي ان کي سليس بڻائي ڇڏي ٿي. فياض جي هيٺين خط جي چيد سٽن کي پڙهي ڏسو جن مان شيخ اياز جي سوات ۽ ڀورين مان لکيل خطن واري منظر نگاري ۽ موهه به نظر اچي ٿو ته احساس جي خوشبو پڻ.
”خبر ناهي آدميءَ جي مٽيءَ ۾ ڪهڙي محبوبيت جي مهڪ سمايل آهي. جو خود خالق ڪائنات به ان سڳنڌ جي معرفت سڃاپجڻ کي ترجيح پئي ڏني آهي. واقعي هي سارو سنسار ڏاڍو سندر آهي. چنڊ سان ڀريل هي آڪاش، هي بادلن جا سرمئي سلسلا، هي پهاڙن جي آغش ۾ آهلجندڙ ننڍاکڙو سج، هي پرهه ڦٽيءِ جو پرندن جون پياريون ٻوليون، هي رنگ برنگي گلن سان ٽنڊڙيل ڌرتيءَ جون رونقون، هي سمبنڊ جون ساحرانه موجون، هي بجارن جو معطر هوئون، هي خزئن جي پُرآشوب موسم.....پر جا حسناڪي حوا ۽ آدم جي اولاد. انسان جي وجود جي ميراث آهي. سا ٻي مخلوق جي مقدر ۾، گهٽ مون کي ته نظر ڪو نه آئي آهي....“(سانئڻ ڏي لکيل خط، 5 نومبر 2001ع)
فياض لطيف انسان جي ڪامل وجود ۽ عظمت تي رقين رکي ٿو. هو انساني محبتن جو معرف آهي. هن پا۾ لکيو آهي. ”آءٌ انساني محبتن جو معترف آهيان، تنهن ڪري مٽيءَ جي خوشبو منهنجي ڪمزوري ۽ ماڻهوءَ جو موهه منهنجو محبوب ترين احساس آهي...“ زندگيءَ ۾ محبتون هن لاءِ وڏي معنيٰ رکن ٿيون. اهوئي سبب آهي. جو سندس اکر اکر ۾ چاهت جو هڳاءَ ۽ سچائيءَ جي سڳنڌ آهي.
خطن جي هن مجموعي ۾ ڪيترين ئي جڳهن تي ايڏا ته خوبصورت جملا ملن ٿا. جن کي ڊائريءَ ۾ نوٽ ڪري سگهجي ٿو. اهڙا جملا شايد فياض آگهيءَ جي آڱر وٺي نه لکيا آهن. ڇو ته اهي سندس اندر جي اڇل ٿا ڀاسن. انهن ۾ جيڪا بيساختگي آهي. ان کي محسوس ڪري سگهجي ٿو.
جڏهن اعتماد جي ديوي ئي عصمت فورشي تي آماده ٿي وڃي ته پوءِ مخلصيءَ جي مجذوبي ڪهڙي ليلا جي وفا جي ڪلمي تي پاڻ ڪُهائي؟
زندگيءِ جي دشت ۾ جن پَرشن کي پيار جي ڇانو، دوستيءِ جي دلبري ۽ علم جي آگهي حاصل ٿي ويندي آهي، انهن جي ننڊ عبادت ۽ جاڳ جياپو بڻجي ويندي آهي.
سڪون لاءِ هيءَ ڌرتي ڪيتري نه محدود ۽ مسافت لاءِ ڪيڏي نه اکٽ ٿي هجي.
ٽٽي جڙڻ ۽ جڙي ٽٽڻ ته جياپي جي حسين حقيقت ٿي هجي. پٿرن جي شهر ۾ رهجي ۽ زخمن جي حقيقتن کي وساري ڇڏجي. اها ڪيڏي نه ڀورڙائي چئبي....!
جڏهن اکين کي خواب ۽ حقيقتون حاصل ٿينديون آهن. تڏهن زندگي هزارين ڏکن ۽ پيڙائن جي باوجود ڏاڍي پياري ۽ حسناڪ ڀاسندي آهي.
چارل ڊڪنس ۽ هينري جيمس پاڻ ڏي آيل سمورا خط ساڙي رک ڪري ڇڏيا هئا. سندن خيال هو ته خط سانڍڻ جي شيءَ نه آهن. هنن خبر ناهي ڪهڙي احساس جي وهڪري ۾ وهي اهو فيصلو ڪيو هو.... پر حقيقت اها آهي. ته خط ۽ خاص طور ڪنهن تخليقڪار جا خط سندس زندگيءَ جي انهن گوشن تي به روشني وجهن ٿا. جيڪي نه ته آتم ڪٿائن ۾ عيان ٿي سگهندا آهن ۽ نه ئي وري ڪن ٻين ادبي شاهپارن ۾ هينري جيمس پنهنجي گهرجي آڳر تي پاڻ ڏي آيل سمورا خط ته کوڙ ڪر ساڙي ڇڏيا هئا، پر هن جا پنهنجا لکيل خط جيڪي هن اڌ صدي جي عرصي ۾ پنهنجن پيارن ڏي لکيا هئا، اهي محفوظ رهيا ۽ جڏهن شايع ٿي. ميدان تي آيا ته اهي ادب جي دنيا جي بهترين خطن ۾ شمار ٿيڻ لڳا، فياض لطيف، چارلس ڊڪنس ۽ هينري جيمس جيان پاڻ ڏي آيل خطن کي نذر آتش نه ڪيو آهي. پر ساهه ۾ سانڍي رکيو آهي. هن نه رڳو ٻين جا خط سنڀالي رکيا آهن. پر پنهنجن لکيل خطن جي به حفاظت ڪئي آهي. هن پاڻ هڪ خط ۾ لکيو آهي” خط ۽ خواب مون کي ڏاڍا پيارا آهن.“ فياض جڳ هي مجموعو سندسن خطن سان پيار ۽ سانڍ جو ثبوت آهي. مٿين مختصر تجزيي مان اوهان بخوبي اندازو لڳائي ورتو هوندو ته فياض جي خطن جو هي مموعو سنڌي ادب ۾ خطوط نويسي جي حوالي سان ڪيترو لاڀائتو ثابت ٿيندو، مون کي پڪ آهي ته توهان فياض لطيف جا هي خط پيار ۽ پنهنجائپ سان پڙهندا.
احسان دانش
سميع آباد، لاڙڪاڻو
8 آگسٽ 2009




احسان دانش

سعيد ميمڻ جي شاعريءَ جا فڪري دڳ

عام طور شاعرن لاءِ اها راءِ هوندي آهي ته اهي ”خلائن ۾ اڏندا آهن ۽ خلائن ۾ جيئندا آهن.“ منهنجي خيال ۾ جيڪي شاعر رڳو خلائن ۾ جيئندا آهن ۽ زميني حقيقتن جا منڪر هوندا آهن، انهن جي ڪابه دائمي حيثيت نه هوندي آهي. بقول شاعر :

ملي هوائون مين اڙني ڪي وه سزا يارو
که مين زمين ڪي رشتون سي ڪٽ گيا يارو

سو جيڪڏهن ڪو شاعر ايڏو اڏرڻ لڳي جو زمين جي رشتن کان ئي ڪٽجي وڃي ته سندس شاعريءَ جو ڪهڙو ڪارج رهندو؟ اٽليءَ جي مشهور شاعر سَيلوا توري ڪو اسي مودُو لکيو آهي ته ” شاعريءَ ۾ هڪ اهڙي قوت لڪل آهي جيڪا کيس خلائن ۾ اڏرڻ کان روڪي ڇڏيندي آهي. ان جون جڙون پنهنجي دور جي تاريخي شعور ۾ ان طرح پيوست هونديون آهن جو انهن کي کانئن جدا نه ٿو ڪري سگھجي. انهيءَ ڪري هڪڙي قوم پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي ٻي قوم ۾ پنهنجي جھجھي تهذيبي سرمايي سميت پنهنجو گھر ٺاهي وٺندي آهي.” سيلوا توري جي راءِ وزنائتي آهي. اهو سچ آهي ته هڪ شاعر پنهنجي سماج جو اٽوٽ انگ ٿئي ٿو، هو پنهنجي فڪر کي جيستائين پنهنجي دور جي تاريخي شعور سان نه ٿو ڳنڍي تيسيتائين ڄڻ هو خلائن ۾ سفر ڪندو ٿو رهي.
سنڌي شاعري پنهنجي ڌرتيءَ سان ائين سلهاڙيل آهي، جو ان مان هن ڀونءِ جي چيڪي مٽيءَ جي سڳنڌ ڌار نه ٿي ڪري سگھجي. سنڌ جو هر باشعور شاعر پنهنجي اردگرد جي ناتن رشتن توڙي تهذيبي روايتن کي گڏ گڏ کڻي هلي ٿو، هن وٽ ماضي جو تاريخي سرمايو به آهي ته عظيم تهذيبي ورثو پڻ. ان ڪري هن وٽ جيڪا اظهار جي طاقت آهي اها سندس ڌرتيءَ سان مضبوط تعلق جي گواهي ڏئي ٿي. موجوده دور ۾ به سنڌ ۾ اهڙن شاعرن جي ڪمي نه آهي جيڪي پنهنجي دور جي تاريخي شعور سان هم آهنگ آهن. بيشڪ سنڌ جي اهڙن شاعرن ۾ سعيد ميمڻ جو نالو اهميت رکي ٿو.
سعيد ميمڻ جديد سنڌي شاعريءَ جي انهن ڳاڻ ڳڻين سگھارن نوجوان شاعرن مان هڪ آهي جن سنڌي شاعريءَ کي فڪري تازگي ۽ نئون لهجو ڏنو آهي. سعيد جي شاعري ان شفاف چشمي وانگر آهي جنهن مان ڪئي ٿڪل مسافرن پنهنجي پياس اجھائي آهي. هن اظهار جو جيڪو دڳ ورتو آهي اهو هر صورت ڪاميابين جي ماڳ تي رسي ٿو. سعيد جي شاعري اها امرت ڌارا آهي جنهن کي ڪو به ٿوڪاري نه ٿو سگھي.
مان سمجھان ٿو سعيد ميمڻ جي شاعريءَ جي فني پهلوئن کان وڌيڪ سندس فڪري ۽ احساساتي پاسن تي ڳالهائڻ جي ضرورت آهي. هن جي ڪوتائن ۾ تشبيهن، محاورن، استعارن ۽ اهڃاڻن جي خوبصورتين ۽ نج ٻوليءَ جي حسناڪين کان ڪوبه انڪاري ناهي، پر هن جي شاعريءَ مان ان ڀوڳنا کي دريافت ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪا سندس لفظن ۾ دفن ٿيل آهي. اسين سندس شاعريءَ مان هن جي داخلي ۽ خارجي دنيا ڏسي سگھون ٿا. ان درد کي محسوس ڪري سگھون ٿا جنهن کي هن پنهنجي دل جو روڳ بڻائي ڇڏيو آهي، ان تنهائي ۽ سڪوت کي سمجھي سگھون ٿا جنهن کي سالن کان هن پنهنجو ساٿي بڻايو  آهي.
سعيد ميمڻ جي شاعري اهڙي ٽه واٽي وانگر آهي جنهن جي هڪ واٽ فطرت جي هنج ۾ وٺي وڃي ٿي ته ٻي سندس محبوب جا نقشِ قدم ڏسي ٿي ۽ ٽين وري ناسور بڻجي ويل سماجي سورن جو ڏسُ ڏئي ٿي.
سعيد جي جنم ڀومي عاقل فطري حسن جو کليل ميوزم آهي. هڪ پاسي زيتونن جا باغ آهن ته ٻي پاسي وهندڙ واھ. هو روز قسمين قسمين گل ۽ پکي به ڏسي ٿو ته سج ۽ چنڊ جي فطري نظارن کي به نيڻن ۾ اوتي ٿو. تڏهن ئي ته هن اهو اقرار ڪيو آهي ته :

مان هان فطرت جي هنج ۾ نپنو
شــــاعريءَ ۾ تــڏهن نکـــــار آهي   ( خواب چارا ص 102)

سعيد جي شاعريءَ جي ان نکار کي سندس هيٺين شعرن ۾ به محسوس ڪري سگھجي ٿو:

چوڏس ڳاڙهي روشني،
ڌنڌلا ساوا وڻ
             سج لهي ٿو جھنگ ۾  ( خواب چارا ص 57)

        ª... ـــــــــ ...ª

اڇا اڇا ڪنگ
            نيري نيري اڀ ڏي
ڪارين ڪاريون ڪڪريون،
مينهون بنا ونگ
              نيري نيري اڀ ڏي   ( درد جو آيتون ص 60)
      
        ª... ـــــــــ ...ª

نڪتو سورج لال،
اڃان تائين ماڪ ۾،
آلو آھ پلال.        ( خواب چارا ص 124)

مرزا غالب جو هڪ فارسي شعر آهي ته ؛

نبود سخن سرائي ما رايگان که دوست
دل مي برد ز ما و زبان مي دهد عوض

يعني : منهنجي شاعري ڪا بيڪار شي ناهي، اها ته منهنجي پرين جي عنايت آهي جو هن منهنجي دل وٺي ان جي بدلي مونکي زبان ڏني آهي.
سعيد جي شاعريءَ جو معاملو به ڪجھ اهڙو ئي آهي. هو به هڪ حسينا جي نيڻن جي ناوڪ جو شهيد ٿيل آهي، ۽ ان قربانيءَ جي نتيجي ۾ هن کي شاعريءَ جي طلسمي اظهار جو ڏانءُ مليو آهي. ان ڳالھ جو اظهار هن پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪافي جڳهن تي ڪيو آهي. اهو به حسين اتفاق آهي جو وري هن جي پرينءَ جي چاهنا جو سبب به سندس شاعري آهي.

شاعري تون اڃان به چمڪي پئه
هوءَ اسان کي نه توکي چاهي ٿي   (نيڻ سفر ۾ ص 72)

سعيد جي شاعريءَ جو ٽيون دڳ جتي هو هڪ سماجي حقيقت نگار طور نظر اچي ٿو، حقيقت ۾ اهو ئي اهڙو دڳ آهي جيڪو ڪنهن شاعر کي خلائن ۾ ترڻ کان روڪي زمين جي رشتن سان ٻڌي ڇڏي ٿو. جيڪڏهن ڪو شاعر جيءَ کي جڪڙيل حساسيت جي ڏور ڇني ماڻهپي جي اڌ مئل لاش کي لتاڙي آسمانن تي اڏرڻ جي ڪوشش ڪندو ته ڌرتي هن کي ڪڏهن به قبول نه ڪندي. سعيد جئين فطرت جي هنج ۾ نپني، سرتيءَ جي سونهن کي سمجھو آهي، تئين ئي ڌرتيءَ جي دکن کي به ڳلي لاتو آهي. هو پنهنجي مٽجندڙ تهذيبي حقيقت کان به چڱيءَ پر واقف آهي ته هتان جي جلادي سياست کان پڻ.

ڪنهن کي ڏيکاريان هاڻ کنڊر هلي
پنهنجي تهذيب ساري مٽي ٿي وئي   ( خواب چارا ص 80)

              ª... ـــــــــ ...ª

ها جلادي آ سياست هتان جي پرين
داغ ڳاڙها ته ڏس هن جي چادر مٿان   ( درد جون آيتون ص 120)

ٽي ايس ايليٽ لکيو آهي ته ”ڪوبه شاعر ۽ فنڪار، چاهي اهو ڪهڙي به فن سان تعلق رکندو هجي، ان جي اهميت ۽ وڏائي انهيءَ ڳالھ ۾ آهي ته پوين شاعرن ۽ فنڪارن سان هن جو ڪهڙو رشتو آهي؟ انهن کان الڳ ڪري سندس اهميت متعين نه ٿي ڪري سگھجي.“ ان حوالي سان سعيد جي شاعري ڏسجي ٿي ته هو پنهنجي پيش رو جي دڳ تي هلندي محسوس ٿئي ٿو. هن جي شاعري شاھ ۽ شيخ جي ڇانو ۾ پلي، اسري ۽ نسري آهي، اهو ئي سبب آهي جو هن جي شاعريءَ ۾ جو هڳاءُ آهي اهو روح جي گهرائين تائين محسوس ٿئي ٿو. اياز کان سعيد تائين جن به ڀٽائيءَ جي آڱر پڪڙي آهي تن عجيب ڪائناتون پسيون آهن.

سعيد آڱر وٺي ڀٽائيءَ جي
ڪائناتون گھمي ويا آهيون   ( نيڻ سفر ۾ ص 31)

ڪجھ ڪائناتون انسان جي اندر ۾ ٿين ٿيون، جن جي حسن توڙي ڪرب کي هر ڪو محسوس نه ٿو ڪري سگھي. شاعرَ پنهنجي اندر ۾ عجيب ڪائناتون دريافت ڪندا آهن، هر لمحي مَٽجندڙ ڪيفيتون انهن ڪائناتن کي عجب رنگ ارپينديون آهن. ڪڏهن انهن ۾ من چليون موسمون رقص ڪندي نظر اينديون آهن ته ڪڏهن اداسيءَ جي هيڊ هاريل محسوس ٿيندي آهي. ڀٽائي ان رنگ ۽ رقص کي پنهنجي اندر جي گھرائين تائين محسوس ڪندي چيو هو : ”ڪڏهن من ماڪوڙي، ڪڏهن ڪيهر شينهن.“ سعيد جي شاعريءَ مان به اندر جون اهي ڪائناتون تسخير ڪري سگھجن ٿيون :

پاڻ ۾ مان نه ٿو سگھان ماپي
جـــــيءَ ۾ ڪـــــائـنــات آئــــــي آ    ( درد جون آيتون ص 92)

        ª... ـــــــــ ...ª

پائي تنهنجي پريت
لُنءَ لُنءَ ۾ سنگيت
                ساز وڄن ٿا ساھ ۾   ( درد جون آيتون ص 110)

        ª... ـــــــــ ...ª

عشق جو ڪو گواھ ئي ڪونهي
دل چريءَ جـــو بيـــان ڊاهي ڇـــــڏ       ( نيڻ سفر ۾ ص 30)

شاعر هونءَ به آس ۽ نراس جي سير مان گذرندي زندگي گھاريندا آهن. ڪڏهن سندن من ۾ محبت جا چنگ وڄندا آهن، ڪڏهن نراشا جي ريت اڏندي آهي. سعيد جي شاعريءَ ۾ به اهي ڪيفيتون جڳھ جڳھ نظر اچن ٿيون. هڪ لمحي هو پنهنجي اندر ۾ ڪائنات جي وشالتا کي سمايل محسوس ڪري ٿو ته ٻي پل محبت جي حصول کان پوءِ سندس من ۾ ساز ۽ سنگيت وڄندي ڀاسن ٿا...... چوندا آهن ته جڏهن دل ٽٽندي آهي ته ڪو آواز نه ايندو آهي، پر حقيقت اها نه آهي. ان سڪوت ۾ به هڪ آواز، هڪ گونج ٿئي ٿي جنهن کي هر ڪو سڻي نه سگھندو آهي. سعيد جي شعر ”دل چريءَ جو گواھ ئي ڪونهي .....“ مان اهو درد ۽ پڙاڏو محسوس ڪري سگھجي ٿو.
حضرت سلطان باهو جڏهن عشق نماز نيتي هئي ته سندس لبن تي هي لفظ ڇوليون هڻندا آيا هئا :

اسان عشق نمازان جدو نيتي هي
تــــدو ڀـــل گئي منـدر مسيتي هي

سعيد وري جڏهن عشق عبادت ۾ غرق ٿي وڃي ٿو ته چوي ٿو :

مسجد جوڙي سون ، تنهنجي نيڻن ۾ پرين
عشق امامت ٿو ڪري ،  پويان سڪ صفون
ســـامهون آهين تون ،  آهيــون پــــاڻ نمـاز ۾  ( خواب چارا ص 34)

محبوب جي نيڻن ۾ مسجد جوڙي عشق جي امامت ۾ نماز ادا ڪرڻ بنهه نئون ۽ انوکو خيال آهي ۽ ان انوکي تصور جو جنم سعيد جي محبت واري رياضت آهي. عشق جي نماز هونءَ به وجود کان بي خبر ڪري ڇڏي ٿي، زمان ۽ مڪان جا سنڌا ۽ سيڙها ختم ڪري ڇڏي ٿي ۽ ماڻهو پنهنجي اندر ۾ ”مي رقصم“ جي تال تي جھومي پوي ٿو. سعيد نه رڳو جھوميو آهي پر تڙپيو به آهي. اها تڙپ ڪٿي سندس داخلي درد جو نتيجو آهي ته ڪٿي خارجي حالتن جي سبب.

دل ۾ جو ڪجھ هيو ، سڀ دفن ٿي ويو
جـــــو اڻيو زندگي سو ڪفـــن ٿــي ويـــــو     ( خواب چارا ص 84)
                    
                    ª... ـــــــــ ...ª

تازو ڄاول ٻار، ڪنهن اڇليو گند مٿــان
پيلو ٿي ويو چنڊ جو چهرو خوف وچــان
ڪاري بادل سان ، چهرو چنڊَ ڍڪي ڇڏيو ( درد جون آيتون ص 49)

حقيقت اها ئي آهي ته ماڻهو حياتيءَ ۾ پنهنجي ئي درد جو کاڄ بڻجي ٿو، جنهن جي جھلڪ سعيد جي پهرين شعر مان محسوس ڪري سگھجي ٿي ”جو اڻيو زندگي سو ڪفن ٿي ويو“ واري سٽ ۾ سعيد نه رڳو پنهنجي انفرادي پيڙا کي ظاهر ڪيو آهي پر ان ۾ هن زندگي جي فلاسافي به سمجھائي آهي. جڏهن ته سندس مٿين بيت ۾ گند پيتيءَ تي اڇلايل تازي ٻار کي ڏسي چنڊ جو چهرو زرد ٿي وڃڻ ۽ بادلن ۾ منهن لڪائڻ، ماڻهپي جي ڳل تي چماٽ وانگر محسوس ٿئي ٿو.
سعيد هر ان خارجي درد کي محسوس ڪري ٿو جنهن سان ڪنهن حساس شاعر جي دل رت ڳوڙها روئيندي هجي. بشير بدر جو شعر آهي ته :

ان هوائون سي تــو بــــادور کي بــــــو آتي هي
ان فضائون مين تو مر جائين گي ساري بچي

۽ سعيد چيو ته :

ڪنهن نه ڌماڪن ۾ ٻڌيون ، ٻارن جون چيخون
اکــيون شاعـــر جون لڙڪـــن ســان ڀـرجي ويون  (درد جون آيتون ص 65)

سعيد ميمڻ اهو شاعر آهي جنهن ايڪويهين صدي جي ڪرب کي پوري شدت سان محسوس ڪيو آهي. هن رڳو پنهنجي اندر جي ٽوڙ ڦوڙ کي محسوس نه ڪيو آهي پر دنيا ۾ وڌندڙ انتشار تي به نظر رکي آهي. هن کي عالمي امن جي بگڙجندڙ صورتحال به نظر ۾ آهي ته پنهنجي ڌرتيءَ جي مسئلن کان به آگاھ آهي. هن جي شاعريءَ ۾ نئين صديءَ جو چهرو به نظر اچي ٿو ۽ ان مان سنڌ جي ڏتڙيل حالتن جي به واقفيت ملي ٿي. هو منزل جي جستجو ۾ ٿڪل مسافرن کي مايوسي بدران حوصلو ڏئي ٿو :

ڪــيـو دل نه ماندي اڃان پنڌ پيـو آ
اجــــالن جــا پانڌي اڃــان پنڌ پيـــو آ

نه ائين پاڻ پوريو سڙيل ٻج وانگر
کڻي ڳاٽ گھوريو نئين سج وانگر
ٿيو ڪين سانجھي اڃان پنڌ پيـو آ
اجـــالن جـا پــانڌي اڃــان پنــڌ پيــو آ    ( درد جون آيتون ص 44)

سعيد ميمڻ جي سڄي شاعري درد جي ڏور سان اڻيل آهي، هن جي دل تي نه رڳو خارجي درد تيزاب بڻجي ڪري ٿو پر کيس سماجي رشتن ۽ ناتن مان به رڳو پيڙا ئي مليل محسوس ٿئي ٿي. هن جي شاعريءَ ۾ ڪافي جڳهن تي ان پيڙا ۽ ڀوڳنا جو رفليڪشن نظر اچي ٿو.

درد جـــاڳي پيـــو نــيــڻ ڀــرجــــي ويـا
رات جو ماڪ ۾ خــواب ڌوپــــي پيا

هي جُڳن جو سفر جو کٽي ئي نه ٿو
مان مُڙي ٿو ڏسان دوست ڪاڏي ويا! ( درد جون آيتون ص 62)

”دوست ڪاڏي ويا!“ وارو احساس ڪيڏو نه تڪليف ڏيندڙ آهي..... جن رشتن ۽ ناتن سان ماڻهوءَ جون اميدون وابسته ٿي وڃن ٿيون ۽ اهي اچانڪ ڇڄي وڃن ٿا ته ماڻهوءَ جي اندر ۾ هزارين حيرتن جا ٿوهر ڦٽي پون ٿا. مون جڏهن سعيد جو اهو شعر پڙهيو ته منهنجي ذهن تي امالڪ گلزار جي هيءَ تروين اچي وئي:

وه ميـــري ســـاتهه هــي تها دور تک، مگـــــر اک دن
جو مڙ کـــي ديکها تو وه دوست ميري ساتهه نه تها

پهٽي هو جيب تو کچهه سکي کهو بهي جاتي هين

سعيد هڪ عرصي کان بيماريءَ سان جنگ جوٽي رهيو آهي. بيماري جنهن کيس جوانيءَ ۾ ئي پيري ارپي آهي، پر ان جي باوجود هو لفظن سان ڪيل عشق (شاعريءَ) تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار نه آهي. هڪ شاعر تيسيتائين لفظن سان عشق ڪري ٿو جيسيتائين هو سوچي ٿو. هونءَ به جيڪو ماڻهو تڙپي ٿو سو سوچي ٿو........ ته سعيد به سوچي ٿو. هن کي پنهنجي اڄ تي نه فخر آهي نه شرمندگي. هو پنهنجا احساس، پنهنجي شاعري آئيندي جي شهر ڏي اماڻي ٿو. آئيندو جيڪو هميشه پنهنجي تاريخ ۽ ماضيءَ سان محبت ڪندو آهي.

ڳنڍڙيءَ منجھ ٻڌان پيو ، ميڙي سڀ صفحا
آئيندي جي شهـــر جــي ، ٽــريـن وڃـي ٿي جا
ان ۾ سڀ پنهنجا ،  شعر اماڻي ٿـــو ڇـــڏيان.



Ahsan Danish
Sami Abad Larkano
Cell: 03003431374
03313917517



احساس جي ڪتڪائي
احسان دانش
خوشيءَ جو تِـــڙڪو
  
ڏسان دل ڏي ته ديوانو لڳان ٿو
اڃان اڳتي ته ويرانو لڳان ٿو
جو ڳايو پنڌ ۾ اسَ ڇانوَ گڏجي
اهــو  دک  سک جــو  دوگـانو  لڳـان   ٿــو.
(استاد بخاري)

زندگي واقعي به دک سک جو دوگانو آهي. ڏک ۽ سک جيون ۾ اُسَ ۽ ڇانوَ وانگر ئي آهن يا وري رات ۽ ڏينهن وانگر. انسان سڄي حياتي جن ڪيفيتن مان گذري ٿو انهن مان هر ڪيفيت جي الڳ معنى ۽ لطف هجي ٿو. خوشي به هڪ اهڙي ئي ڪيفيت آهي. جئين ڪنهن به ڪيفيت کي لفظن ۾ ماپائڻ مشڪل ۽ محال هوندو آهي تئين ئي خوشيءَ کي به لفظن ۾ Explain ڪرڻ ناممڪن آهي.
خوشي هڪ اهڙي ڪيفيت، هڪ اهڙو احساس آهي جنهن کي رڳو محسوس ئي ڪري سگھجي ٿو. شايد رولينڊ تڏهن ئي چيو هو ته  ”خوشيءَ بابت هر ڪو ڳالهائيندو آهي پر ٿورا ماڻهو ان کي سمجھندا آهن.“ هيلن ڪيلر ڪيڏو نه صحيح چيو هو ته Happiness cannot come from without. It must come from within. It is not what we see and touch or that which others do for us which makes us happy; it is that which we think and feel and do, first for the other fellow and then for ourselves”
 مان سمجھان ٿو ته ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ خوشيءَ ۽ سک جون گھڙيون سياري ۾ اُسَ جي تِڙڪي وانگر آهن، ان تڙڪي ۾ ماڻهو پاڻ کي ٿوري وقت لاءِ ئي سيڪي سگھي ٿو، يا وري خوشي ان ٽانڊاڻي وانگر آهي جيڪو انڌيري رات ۾ ڪي پل ٽمڪي اماس کي حسن ڏئي ڏينهن جي ڪرڻن ۾ الوپ ٿي ويندو آهي. خوشي پاڻيءَ جي ڦوٽي جيان به آهي جيڪو گھڙي اڌ گھڙي ئي جيون ماڻي سگھندو آهي.... خير ڪجھ به هجي انسان جي زندگيءَ ۾ خوشيءَ جا چند لمحا به وڏي اهميت رکن ٿا، حياتيءَ جي جنگ ۾ سُک جا اهي ٻه پل به وڏو ٻل ڏين ٿا ۽ ماڻهو انهي پل اڌ پل جي تڙڪي جي سهاري جيئڻ جي سگھ ساري سگھي ٿو.
خوشي انسان جي اندر جي ڪائنات مان ڦٽي ٿي. اها ائين ئي آهي جئين باغ ۾ ٽڙيل ماڪ ڀنل ڪو تازو گلاب. جئين ان گلاب جي تازگي، ڪوملتا ۽ سڳنڌ کي محسوس ڪري سگھبو آهي تئين ئي خوشي ماڻهوءَ جي وجود کي سوين سڳنڌون ارپي ڇڏيندي آهي، اهو احساس ڪڏهن ماڻهوءَ جي نيڻن مان جھلڪندو آهي ڪڏهن لفظن جي ڪوملتا مان بکندو آهي ته ڪڏهن مرڪ جي ريکائن مان اڀرندو آهي..... پر ها ڪڏهن ڪڏهن چهرا دوکا به ڏيندا آهن ۽ ماڻهو پنهنجي اندر کي جلائي نيڻن جا ڏيئا ٻاريندو آهي، هزار تلخين کي لڪائي لفظن کي گداز ڪندو آهي ۽ مرڪ جي پردي ۾ لڙڪ لڪائي جيئندو آهي، بقول امداد حسيني :

ڦٽَ تي هٿ ڌري ڇڏيو اٿم
       مرڪ ۾ لڙڪ لڪا پيا آهن

پر خوشي ان ناڪام اداڪاري ۽ ڪامياب فنڪاريءَ جو نالو نه آهي. مک تي مرڪ جو اسٽڪر هڻڻ سان خوشيءَ جي احساس کي خريدڻ ممڪن نه آهي. سچ ته زندگيءَ ۾ خوشيءَ جا لمحا ان ماڪ ڦڙن وانگر ئي آهن جن جي وجود کي سورج ڪرڻا پل اڌ پل ۾ ئي وڃائي ڇڏيندا آهن..... ته درد سورج آهي ۽ خوشي شبنم. سو شبنم جِي شعاع اڳيان ڪهڙي حيثيت..!
اسين پنهنجي حياتيءَ ۾ مرڪندڙ چهرن کي ڏسي ان کي خوشيءَ جو ناءٌ ڏيندا آهيون، اسين ڏاڍا سادا آهيون! امر جليل ڪيڏو نه سچ لکيو هو ته ” زندگيءَ جي اسٽيج تي اسين سرڪس جا اهي جوڪر آهيون جيڪي پنهنجو پارٽ پورو ٿيڻ بعد اسٽيج پويان روئيندا آهيون.“ ها اهو ئي سچ آهي...... اسين پنهنجي مرڪن پويان پنهنجي غم کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون پر اکيون اهڙيون آرسيون آهن جن مان دل جي تصوير جو عڪس چٽو ڏسي سگھجي ٿو.

تم اتنا جو مسکرا رهي هو
کيا غم هي جس کو چهپا رهي هو

هونءَ به اسين جنهن  سماج ۾ ساھ کڻون ٿا اتي خوشي ڪيئن جنم وٺي سگھي ٿي؟! جنهن سماج ۾ حياتيءَ جي سلامتي مسئلو هجي، جتي خودڪش حملن جو خوف هجي، جتي مسئلن جا انبار هجن اتي خوشي ڪٿي لڀي سگھندي! خليل جبران بلڪل صحيح لکيو هو ته ”خوشي آزاديءَ جو گيت آهي پر آزادي نه آهي.“
 خوشي ڪو بازار جو سودو نه آهي جو خريد ڪري سگھجي..... پر اسين ته ان سماج جا باشندا آهيون جتي نظر کڻي ڏسو ته عيدون به اداسيءَ جو ويس اوڍي اچن ٿيون. جتي ڪو غريب پنهنجين عارضي خوشين تي کنڊ به خريد نه ٿو ڪري سگھي.....!!

اکيون تان عيد، ڪانهي عيد اکين ري
       خوشي ۽ خريد ، ويئي ويچارين وسري

شاعر ۽ اديب زندگيءَ جي هر احساس ۽ ڪيفيت کي لفظن ۾ ماپائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن اسان جي سماج ۾ اڻلڀ ئي سهي پر دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ايڏي ڪشادگي نه آهي جو خوشيءَ جي احساس کي پوري طرح اظهاريو وڃي. حقيقي خوشيءَ جي بوند ۾ به ساگر جيڏي وشالتا هجي ٿي، اها وشالتا لفظن جي ڪُپڙين ۾ ڪٿي ٿي ماپي سگھي....!
اچو ته خوشيءَ جي چهري تان دک جي چادر هٽائڻ جي ڪوشش ڪيون ۽ زندگيءَ جي باغ مان خوشيءَ جا ڦول چونڊيئون، ائين نه ٿئي جو درد جي ڌوپ اسان جي ڇهڻ کان اڳ ۾ ئي انهن کي ساڙي ڇڏي.





درد جي لذت
احسان دانش

درد دنيا جو وڏي ۾ وڏو سچ آهي. اهڙو سچ جنهن کي ڪوئي امرت پيالو سمجھي پيئي ٿو ته ڪوئي زهر ڪٽورو ڀانئي سُرڪون ڀري ٿو. ڪٿي ڪو سور جي سَٽَ نه سهي ساڻو ٿي پوي ٿو ته ڪٿي وري سور ئي ماڻهوءَ لاءِ سگھ بڻجي ٿو. بهرحال ڪجھ به هجي ان حقيقت کان انڪار ڪرڻ ته ممڪن ئي ڪونهي ته درد ۾ به هڪ الڳ لذت هجي ٿي، اهڙي لذت جيڪا خوشيءَ جو مفهوم سمجھائي ٿي. درد جي حقيقت کي سمجھڻو آهي ته هن ڪوٽيشن کي هر هر پڙهڻ کپي ته “Every one wants Happiness. No one needs pain, but its not possible to get a rainbow without a little rain” سو سچ ته خوشيءَ جو احساس تيسيتائين اڻ پورو ۽ اڌورو هوندو جيسيتائين ماڻهو ڀوڳنا جي چڪيءَ مان پيسجي نه نڪرندو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو سج وانگر چمڪڻ جو خواهشمند آهي ته پهريان کيس سورج وانگر جلڻو به پوندو، بلڪل ائين ئي جيڪو آدمي خوشيءَ جا سنگ چونڊڻ جو آرزومند آهي ان کي پهريان درد جي ٿوهرن سان منهن مقابل ٿيڻو پوندو، ۽ درد جي ٿوهرن مان زخم کائي خوشيءَ جا سنگ چونڊڻ جو لطف ئي ڪجھ اور آهي. ڀٽائي شايد تڏهن ئي چيو آهي :
                              
ڏک سکن جي سونهن ، گھوريا سک ڏکن ري
جنين جي ورونهن ، سڄڻ آيو مان ڳري

جيڪڏهن درد ۾ لذت نه هجي ها ته گوتم تخت ۽ تاج ڇڏي ويرانا نه وسائي ها ۽ ائين نه آکي ها ته ”سروم دکم دکم“ (هي سڄي حياتي، سڄو وجود رڳو دک آهي.) هونءَ به وقت جي ميزان ۾ ماپي ڏسبو ته خوشيءَ جا پل ڏاڍا هلڪا لڳندا ۽ درد جو دائمي بار زندگيءَ ۾ هميشه حاوي نظر ايندو. بقول شاعر :

ڪٿيان ٿو وقت جي ميزان ۾ حياتيءَ کي
خوشي آ ٿورڙي ۽ درد بي حساب آهي

حقيقت ۾ دک جي بٺيءَ ۾ جلڻ وارا ئي ڪُندن بڻبا آهن..... جيڪي ماڻهو سکن جي سيج تي ويهي خوشين جي خريدار ٿيڻ جي خوشفهميءَ ۾ هوندا آهن انهن کي اهو اندازو ئي نه هوندو آهي ته درد جي چوٽ چکڻ کان پوءِ جيڪا سڪون جي ساعت ملي ٿي ان جي ملھ اڳيان خوشيءَ جا سمورا سڪا کوٽا ڀاسن ٿا.

لاڏلا هن سکن ۾ پليا
غم اسان جي هٿن ۾ پليا
ڪا خوشي ڏور مرڪي پئي
نيڻ غم جي صحن ۾ پليا
                       
   (ساجد سنڌي)

درد ماڻهوءَ کي هر لمحي هڪ نئون سبق سيکاري ٿو، هڪ نئين تجربي مان گذاري ٿو. هونءَ به ماڻهو جي حياتي هڪ تجربي گاھ ئي ته آهي جتي هر احساس نوان تجربا کڻي اچي ٿو، پر هن تجربي گاھ ۾ ڏکُ ۽ گوندر اهڙو گسُ ڏيکاري ٿو جيڪو هر حال ۾ ڪاميابي جي منزل تي ئي کُٽي ٿو. تڏهن ئي ته لطيف چيو :

ڏيکاريس ڏکن ، گوندر گسُ پرينءَ جو
سونها ئي ســـــــورن  ،  هيڪاندي هوت   سين
                                 (شاھ لطيف)

ڏک ڪنهن به تخليق جو بنيادي محرڪ آهي، تخليقڪار جيسيتائين ڀوڳي نه ٿو تيسيتائين ڪجھ سرجي نه ٿو. هڪ ماءُ جي تخليقي عمل کان وٺي هڪ ليکڪ جي اندر جي اڻ تڻ تائين درد ئي تخليق جو باعث بڻجي ٿو. جيڪي ماڻو مسرتن ۾ مستان رهي دکن کان دور ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندا آهن اهي ڪڏهن به سرجڻهار نه ٿي سگھندا آهن. لطيف سائين ته ڏکن کان ڏڪڻ ۽ ڏرڻ کي ڏوھ سمجھي ٿو.

سکين ٿي مَ سنري ، پسي ڏکَ مَ ڏر

دنيا جي سمورن وڏن تخليقڪارن دکن کي ئي پنهنجي دل جي دولت بڻايو آهي. لبنان جي وڏي ڏاهي ليکڪ خليل جبران چيو هو ته ”ڏک جڏهن پردي ۾ آهي ته ڏک آهي ۽ جڏهن بي نقاب ٿئي ٿو تڏهن سک بڻجي وڃي ٿو، پوءِ ڇاٿو ٿئي جو جنهن چشمي کي اوهان پنهنجي لڙڪن جي پاڻيءَ سان ڀرپور ڪيو ٿا، انهيءَ ساڳي چشمي مان اوهان خوشيءَ جا جام پيئندا رهو ٿا.... ڏک جيترو اونهو اوهان جي وجود ۾ ويندو، اوتري وڌيڪ توهان وٽ خوشيءَ جي ماپڻ لاءِ جاءِ پيدا ڪندو.“
سو اچو ته پنهنجن ڏکن کي پنهنجي سگھ بڻايون ۽ درد جي هر لمحي مان نئين لذت ماڻيون.


 
  احساس جي ڪتڪائي
احسان دانش
                       ڪُھ ڄاڻان هي ڳجھ

زندگيءَ جا پل ۽ پهر ڪيئن هوا جي جھوٽي وانگر تيز تيز گذري وڃن ٿا، هوا جو جھوٽو جنهن کي گذرڻ کان ڪو به روڪي نه ٿو سگھي. حياتي پاڻيءَ جو ڦوٽو آهي...... سچ چيو اٿن ... ۽ ان حقيقت کي مڃڻو پوندو ته زندگي، موت کان چند وکن جي فاصلي تي آهي، موت جي ديوار هر لمحي ڀرندي رهي ٿي نه ڄاڻ ڪهڙي پل ڪهڙي حياتي ان ديوار جي پيرن ۾ ڪچلجي وڃي! زندگي خواب جي حقيقت آهي يا حقيقت جو خواب ..... ڪھ ڄاڻان هي ڳجھ!
ڳجھ ڳجھاندر ڳالهڙيون ڪي سامي ئي سمجھن.... آءٌ ته پنهنجي عمر ۾ رڳو ايترو ئي سمجھي سگھيو آهيان ته ”زندگيءَ جي حقيقت کي سمجھڻ لاءِ سرابن جو سفر ڪرڻو ٿو پوي.“ سراب جيڪي دوکي جي پڪ هجڻ باوجود دل لڀائيندڙ هوندا آهن. پر حقيقت اها آهي ته اهو رڃ ۽ سڃ جو سفر ئي ماڻهوءَ جي اندر ۾ سک جي باک ڦٽڻ جو سبب بڻجي ٿو.

سرتيون سُڄي سڃ ، متان ڪا مون سين هلي
پاڻي ناهي پنڌ گھڻو ، اڳيان رائو رڃ
متان مري اڃ ، ڪا ڏ.ي پاراتو پرينءَ کي
                            (سُرحسيني)

هر اهو ماڻهو جيڪو زندگيءَ جي سچائيءَ کي سمجھي وٺي ٿو اهو هر پل موت جي ٻانهن ۾ جھومڻ لاءِ منتظر هوندو، ڇو ته موت ئي هر ان ماڻهوءَ جي زندگيءَ کي معنى ڏئي ٿو جيڪو ماڻهو زندگيءَ م ڪجھ چڱو ڪري وڃي ٿو ۽ چڱائيءَ جو سڀ کان وڏو معيار محبت آهي. محبت جيڪا ماڻهپي جي سڃاڻپ آهي، محبت جيڪا دلين جي ڪَسُ ڪوري ٿي، اهڙي محبت جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي من کي پنهنجو مسڪن بڻائي ٿي ته سندس اندر اطمينان جي روشنيءَ سان جرڪي ٿو پوي ...... ۽ ماڻهو مرڪندي موت جي ٻانهن ۾ جھومڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو....
اچو ته زندگيءَ جي حسين لمحن جي چاشنيءَ کي چپن سان چکون ۽ جيون جي سموري ڪرب کي ڳلي لڳائڻ لاءِ تيار ٿيون، ڇو ته جيسيتائين زندگيءَ جا پير درد جي ڪنڊن سان زخمي نه ٿيندا تيسيتائين سندس لهوءَ مان خوشيءَ جا گلاب ڪيئن ٽڙي سگھندا .......!
پنهنجي غم جي گھڙين کي واريءَ تي لکو ۽ ّخوشيءَ جي ڏينهن کي پٿر تي اُڪيريو. (ارسطو)
ahsandanish1@yahoo.com