هن بلاگ تي احسان دانش طرفان سڀني سڄڻن کي دل جي گھراين سان ڀليڪار

My Profile


My Profile

Name : Ahsan Danish                   
Father's Name : DR. Bashir Ahmed Shad

Date Of Birth : 15 . 02. 1974

Education : M.A (Sindhi)     M.A (Urdu)
Ph.D (Sindhi) (Continued)

Job : Lecturer In Sindhi Literature
@ Govt: Degree College Larkana SINDH

Field of Interest : Literature

Identity in Sindhi and Urdu Literature as a Poet, Short Story Writer, Columnist, Critic and Researcher.

Published Books :

1. Be Sukoon Khuwab Jo Sach (Short Stories)
2. LARKANO - Tarikhi ain Tahqiqi Mutalio (Reaserch)
3. Wel Na Wisaryam (Parsonalties)
4. Lafzan ji Khushboo (Poetry)

Connection With Literary and Historical Societies :
1. Larkano Historical Society
2. Sachal Adabi Markaz Larkano
3. Pakistan Arts Council Larkana
4. Indus Literary Forum Larkana

Awards :
1. Shah Latif Award 1999
2. Dr. Tanweer Abbasi Award 1999
3. Dr. Tanweer Abbasi Award  2000
4.  Larkana History Award 2007
5. Shaikh Ayaz Award 2008
Address : H. No: 2077-7 Sami abad Larkana SINDH
Email : ahsandanish1@yahoo.com
Cell : 0300 3431374


پروفائيل

پورو نالو : احسان الحق     ادبي نالو : احسان دانش     ولد : ڊاڪٽر بشير احمد شاد
جنم جي تاريخ ۽ جاءِ : 15 فيبروري 1974 علي گوهر آباد محلو لاڙڪاڻو.
تعليم : ايم. اي (اردو ادب)، ايم. اي (سنڌي ادب). پي ايڇ. ڊي (سنڌي ادب) (جاري)
ادب ۾ شعبو : شاعري، ڪهاڻي، تحقيق، تنقيد، ڪالم ۽ ترجمو.
لکڻ جي شروعات : 1988 شاعريءَ کان.
عملي زندگيءَ جي شروعات : 1992 ۾ روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ ملازمت کان.
تعليمي ادارن سان وابستگي :
1. 1999 کان 2002 تائين پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ بحيثيت ليڪچرار اردو 2. 2002 ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان ليڪچرر شپ لاءِ ورتل امتحان ۾ پهرين پوزيشن کڻي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ بحيثيت ليڪچرار (سنڌي) مقرري، جتي هن وقت تائين درس و تدريس جو عمل جاري. 3. 2009 ۾ لاڙڪاڻي جي هڪ نجي اداري  ۾ سي.ايس.ايس ۽ پي.سي.ايس جي ڪلاسن کي سنڌي ادب پڙهايل.
علمي، ادبي ۽ سماجي تنظيمن سان تعلق :
1. سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي سان گذريل 22 سالن کان ميمبر ۽ عهديدار طور وابستگي. 2. لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي جو 4 سالن تائين جوائنٽ سيڪريٽري، هن وقت ميمبر. 3. پبلڪ اسڪول لٽرري ڪلب لاڙڪاڻي جو 1999 کان 2002 تائين ميمبر. 4. هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (برانچ لاڙڪاڻو) جي ڪور گروپ جو 1998 کان 2001 تائين رڪن. 5. پاڪستان آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻي جو 2008 کان هن وقت تائين ميمبر. 6. انڊس لٽرري ڪلب جو 2008 کان هن وقت تائين وائيس پريزيڊنٽ. 7. سنڌ پروفيسرس اينڊ ليڪچررس ايسوسيئيشن يونٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جو 2004 کان 2005 تائين پريزيڊنٽ.
رسالن ۽ اخبارن سان وابستگي :
1. خصوصي نمائندو ماهوار ”ادبِ پاڪ“ (اردو) انٽرنيشنل ڪراچي. 2. ميمبر ايڊيٽوريل بورڊ ماهوار ”شعور“ لاڙڪاڻو. 3. مستقل ڪالم نگار روزاني ”جاڳو“ (1994 کان 1995 تائين ۽ 1998 کان 1999 تائين) 4. سه ماهي ”بيلاگ“ (اردو) ڪراچي جو بيورو چيف لاڙڪاڻو 5. ماهوار ”سرواڻ“ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر. 6. ماهوار ”سورٺ“ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر.
ڪهاڻين جو ڪل تعداد : 90                        مضمونن ۽ مقالن جو تعداد : 88
ڪالمن جو انگ : 80                                  ادبي رپورٽون : 100          ريڊيو اسڪرپٽ : 100
شخصيتن تي لکيل مضمون، مقالا ۽ خاڪا : 72 جن ۾ شيخ اياز، تنوير عباسي، استاد بخاري، اياز قادري، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، امر جليل، رشيد ڀٽي، انيس انصاري، احمد خان مدهوش، عطا محمد حامي، ذوالفقار راشدي، اياز گل، ادل سومرو، سعيد ميمڻ ۽ ٻيا شامل.
ڪجھ اهم مضمون ۽ مقالا : 
  1. لاڙڪاڻي جا چند اهم ڪهاڻيڪار ــــ ڪتاب ”لاڙڪاڻو صدين کان“ مرتب: ڊاڪٽر بشير احمد شاد 1995
  2. سُر ڪارايل ۾ پکن، جانورن ۽ جيتن جو ذڪر ـــ ڪتاب ”سُر ڪارايل“ مرتب: حميد سنڌي 1996
  3. شاھ لطيف جو ڪلام سونهن جو سرچشمو ـــ ڪتاب ”سُر رپ ــ هڪ مطالعو“ مرتب: تاج جويو 2002
  4. سچل ادبي مرڪز جي ادبي خدمتن جو جائزو ـــ ڪتاب ”لاڙڪاڻو تاريخ جي آئيني ۾“ مرتب: محمد يوسف شيخ 2002
  5. سچل سرمست ڪي شاعري مين عشق و مستي (اردو) ”سرمست“ 2002 مرتب: مولابخش لاڙڪ
  6. ڊاڪٽر تنوير عباسي (شخصيت، فن ۽ فڪر) ڪلاچي تحقيقي جرنل 2003 ايڊيٽر: ڊاڪٽر فهميده حسين
  7. سنڌي ڪهاڻي جو تاريخي جائزو (1914 کان2005) ــــ سنگت پبليڪيشن 2005 ايڊيٽر: تاج جويو
  8. شاھ جي نوري سراپا عجز ۽ نياز ـــــ ماهوار ”سنڌ رويو“ 2007 ايڊيٽر: عرفان عباسي
  9. جديد سنڌي ڪهاڻي ۾ انيس انصاريءَ جو مقام ــــ  سارنگا 2008 ايڊيٽر: اسحاق سميجو
  10. شيخ اياز ڀٽائي جو فڪري تسلسل ــــ ٽه ماهي مهراڻ 2010 ايڊيٽر: طارق عالم ابڙو
مواد جو ترجمو : ڪجھ شاعري ۽ ڪهاڻيون اردو ۽ انگريزي ۾ ترجمو ٿيل.
شايع ٿيل مواد : 1989 کان اڄ تائين سنڌ جي مڙني معياري رسالن، تحقيقي جرنلن توڙي اخبارن ۾ مواد شايع ٿيل.
ڇپيل ڪتاب :
  1. بي سڪون خواب جو سچ   (ڪهاڻيون)                              2005
  2. لاڙڪاڻو ــ تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو           (تحقيق/ ترتيب) 2005
  3. ويل نه وسريام                             (شخصيتون/ سهيڙ)        2007
  4. لفظن جي خوشبو             (شاعري)                                2010
ڇپائيءَ هيٺ ڪتاب :
  1. سنڌو سڀيتا جو عظيم ورثو ـــ موهن جو دڙو (تحقيق، ترجمو ۽ تلخيص)
اڻ ڇپيل ڪتاب :
  1. سنڌي ادب جي ارتقا ـــ تحقيقي جائزو (تحقيقي مقالا)
  2. ڀٽائي جو فڪر (لطيفيات)
  3. سنڌي ڪهاڻي ـــ فن ۽ ارتقا (تحقيق)
  4. اُساٽ (ڪهاڻيون)
  5. ساڃاهو سنسار جا (شخصيتن تي لکيل مضمون ۽ خاڪا)
  6. ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي علمي ۽ ادبي خدمتن جو جائزو (مونوگراف)
اليڪٽرونڪ ميڊيا سان لاڳاپو :
ريڊيو ۽ ٽي. وي جي ڪيترن ئي پروگرامن ۽ مشاعرن ۾ مهمان طور شرڪت. 1996 کان ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي سان بحيثيت ڪمپيئر لاڳاپو. هن وقت به ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تان ادبي پروگرام ”رسالو“ جي ميزباني جنهن ۾ سنڌ جي 30 کن اديبن، دانشورن ۽ شاعرن جا انٽرويو ورتل. انهي عرصي دوران ”لاڙڪاڻو اسپيشل“، ”سرهاڻ“ ۽ ٻيا پروگرام پڻ هوسٽ ڪيل.
ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ مليل ايوارڊ، شيلڊون ۽ سندون :
  1. شاھ لطيف ايوارڊ 1999 سچل ادبي مرڪز
  2. ڊاڪٽر تنوير عباسي ايوارڊ 1999 ڪلهوڙا عباسي تنظيم سنڌ
  3. ڊاڪٽر تنوير عباسي ايوارڊ 2000 ڪلهوڙا عباسي تنظيم سنڌ
  4. لاڙڪاڻو هسٽري شيلڊ 2007 لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽي
  5. شيخ اياز يادگار شيلڊ 2008 ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو
  6. بهترين ڪهاڻيڪار جي سند ”ڪهاڻي ڪانفرنس لاڙڪاڻو“ 1999
  7. بهترين ڪهاڻيڪار جي سند ”ضلعي ڪهاڻي سيمينار“ سنڌي ادبي سنگت قمبر 2003
ڪانفرنسن/ سيمينارن/گڏجاڻين ۾ شرڪت :
300 کن علمي، ادبي پروگرامن ۾ صدر، خاص مهمان، اعزازي مهمان، ميزبان، شاعر ۽ ڪهاڻيڪار طور شرڪت.
ائڊريس : 7/2077 سميع آباد لاڙڪاڻو


موبائيل : 0300 3470052  اي ميل : ahsandanish1@yahoo.com  ويب سائيٽ : www.ahsandanish.webs.com

ناليوارن ليکڪن جا احسان دانش بابت رايا

رائنر ماريا رلڪي چواڻي ”تخليقڪار جي لاءِ نه ڪا ’شئي‘ ننڍي آهي نه ڪوئي ’مڪان‘ بي معنى آهي“ ۽ اهڙين ننڍين ڳالهين کي معنى ڏئي احسان دانش، رلڪي جي نظمن ۾ سمايل ڪيفيتن کي ”ڪهاڻي“ بڻائي ٿو ۽ ڪهاڻيءَ کي نثر جو نظم ثابت ڪرڻ جي ڀرپور سگھ رکي ٿو.
اخلاق انصاري
اڄ ڪلھ ادب ۾ هڪ نئون ٽرم آيو آهي ”منيملزم“ يعني ننڍڙي شي پيش ڪجي پر خوبصورت هجي، احسان دانش اهڙيون مختصر ۽ خوبصورت ڪهاڻيون لکيون آهن جن ۾ ’ڪارنهن‘، ’آزادي‘ ۽ ’سچ ۽ سپنو‘ شامل آهن.
منظور ڪوهيار
احسان دانش سنڌي ادب ۾ هڪ نامياري شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ محقق طور وڏو طاقتور ناءٌ آهي. خاص طور هن جديد سنڌي شاعريءَ جي حوالي سان ڪافي نالو ڪمايو آهي. هن جديد سنڌي شاعريءَ جي حوالي سان هڪ نئين صنف ”ست رنگي“ به تخليق ڪئي آهي، اها نهايت تازي، نئين، سليس ۽ وڻندڙ آهي، جنهن کي اسان جا سنڌي شاعر ضرور پنهنجي جيءَ ۾ جاءِ ڏيندا ۽ مونکي اميد آهي ته هيءَ صنف سنڌي ساهت ۾ ڪافي مشهور ٿيندي ۽ احسان هن صنف جي سڃاڻپ جو حوالو بڻبو.
ڊاڪٽر عابد مظهر
احسان دانش جو پنهنجي شاعريءَ ۾ هر صنف سان غير روايتي نڀاءُ دل ۾ هن لاءِ الڳ جاءِ ۽ احترام پيدا ڪري ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ ڪيتريون ئي تخليقي سٽون کيس موجوده وقت جي اهم شاعرن جي قطار ۾ بيهارين ٿيون. اميد ته احسان پنهنجي ان سفر کي جاري رکندو، ڇوته اهو هن کي ڏاتارن جي ڏيھ ۾ نئين ۽ نرالي سڃاڻپ ڪرائي ٿو. اهڙي سڃاڻپ لاءِ ماڻهو سڪندا ۽ سڌون ڪندا آهن.
محمد علي پٺاڻ
جيڪي دوست مونکي پنهنجي من اندر محسوس ٿيندا آهن، انهن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو محنتي محقق، منفرد ڪهاڻيڪار، سٺو شاعر، مستقل لکندڙ ۽ کاهوڙي ڪارڪن، هميشه مٺڙي ۽ سندر مرڪ منهن تي پکيڙيندڙ، قربائتو ۽ پيارو احسان دانش به شامل آهي. احسان دانش جي ٻين انيڪ خوبين مان جيڪا خوبي مونکي موهي وجھندي آهي، اها سندس بي انتها ۽ پُر خلوص سچائي ۽ سڪ آهي. احسان دانش جا شاعراڻا خيال بنيادي طور پيار ۽ محبت جي محور تي رقص ڪن ٿا ۽ مختلف صنفن جي صورت ۾ منظوم آهن.
احسان دانش جون ڪهاڻيون مون پڙهيون به آهن ته ٻڌيون به آهن. هن جي پڙهڻي صاف ۽ ڪهاڻيءَ جي بيان، واقعن ۽ گفتگوءَ سان ٺهڪندڙ هوندي آهي. احسان دانش جي ڪهاڻين ۾ ڪهاڻيءَ جا سڀئي فني جزا، پنهنجي ڀرپوريت سميت سمايل آهن. سندس ڪهاڻين ۾ موضوع ۽ مواد سميت، خوبصورت پلاٽ، ضروري ڪردار، ٺهڪندڙ گفتگو، گھربل ماحول، ڪٿي اڻ لکو ته ڪٿي واضح ڪلائيمڪس ۽ گھڻ رخي پڇاڙي، پڙهندڙ کي ضرور ملندي. احسان جي ڪهاڻين جي ٽريٽمينٽ (ورتاءُ) پنهنجي لکندڙ کي، پڙهندڙ وٽ ڪنهن نه ڪنهن ريت ضرور محسوس ڪرائي ٿي. احسان دانش جون ڪهاڻيون ڳنڀير، کريون ۽ مڪمل آهن. پنهنجي تخليقي انداز مان، احسان دانش پڙهندڙ تي اثرانداز ٿئي ٿو ۽ کيس سوچن لاءِ آماده ڪري ٿو
رياضت ٻرڙو
احسان دانش جي شاعري اعلى تخيل جي ڌارا ۾ لوڙهيندي، تصور جي ساگر ۾ وٺي وڃي ٿي، جتي پڙهندڙن کي پوپٽن جهڙا سندر، ٻارڙن جي ٽهڪن جهڙا مقدس ۽ گلن جهڙا لطيف رنگ پسڻ ۾ ايندا. احسان جيئن پنهنجي چهري ۾ معصوم آهي تئين پنهنجين تخليقن ۾ به پيار ڪندڙ ڀاسي ٿو. هو نه رڳو سٺو شاعر ۽ ڪهاڻيڪار پر سٺو دوست به آهي.
مسڪين سمون
احسان دانش جي ڪهاڻين جا موضوعات منفرد ۽ دل کي ڇهندڙ آهن. هو انهن موضوعن تي پنهنجي مخصوص اسٽائيل ۽ ڊڪشن سان ڀرپور طرح ڪهاڻي لکڻ ڄاڻي ٿو، اها ئي ڳالهه کيس پنهنجي ٽهي جي باقي سمورن ڪهاڻيڪارن کان جدا ڪري بيهاري ٿي. احسان جون سموريون ڪهاڻيون انهن انساني قدرن جون ترجمان آهن جن جي روز اسانجي سماج ۾ ڀيل ٿي رهي آهي. منهنجي خيال ۾ دانش جون ڪهاڻيون سندس دل جي دردن جو درمان به آهن ته زندگي جي تلخين ۽ سچاين تان پردو کڻندڙ به. مونکي وڏي اميد آهي ته احسان دانش جون ڪهاڻيون سنڌي ڪهاڻي کيتر ۾ بهتر مقام ماڻينديون.
جهانگير عباسي
احسان سان منهنجي واقفيت 1998 ۾ ڪراچي جي ”جاڳو“ اخبار جي آفيس ۾ ٿي هئي جتي هو پنهنجي صحافي دوست عبيد ٻرڙي سان ملڻ آيو هو. بعد ۾ خبر پئي ته ان کان ڪجھ سال اڳ هو ”جاڳو“ ۾ مستقل ڪالم به لکندو هو. مونکي هو نهايت پر خلوص، شائستو، محبتي ۽ دوستن کي مانُ ڏيڻ وارو لڳو.... پر مان ان وقت هن کي اهڙي موٽ نه ڏئي سگھيو هوس، جنهن جو هو لائق هو. عبيد ٻڌايو هو ته احسان سٺو شاعر ۽ ڪهاڻيڪار به آهي. ان کان پوءِ جلد ئي احسان وري ٻيهر ”جاڳو“ ۾ ڪالم به لکڻ شروع ڪيا هئا. پوءِ جڏهن هن سان ويجھڙائي ٿي ته احساس ٿيو ته احسان دانش جنهن جو به دوست آهي سچ پچ اهو شخص ڀاڳوان آهي. سندس لکڻين ۾ انيڪ اتساھ ۽ اڳتي ڪجھ ڪرڻ جو جذبو ملي ٿو. شاعريءَ ۾ سندس خيال گھرا ۽ گھڻ پاساوان نظر ايندا. ڪهاڻيءَ جي فني ۽ فڪري زاوين کان باخبر آهي ۽ ادب ۾ ٿيندڙ نت نون تجربن ۽ تبديلين ۾ ويساھ رکي ٿو.
دين محمد ڪلهوڙو
احسان دانش سچ ته مونکي اهو مٿي ڦريو مصور لڳندو آهي جيڪو ڪاغذ جي ڪينواس تي برش کي رنگ بدران رت ۾ ٻوڙي لکندو هجي. احسان جو قلم ڪاغذ تي رت روئيندو آهي ۽ هڪ ڪهاڻي ٺهي پوندي آهي. احسان جا لفظ ڪهاڻي لکڻ جي عمل مان گذرڻ مهل من اندر ٿيندڙ ڀڃ ڊاھ تي باهيندا آهن. دانش مونکي درد جو سفير سمجھ ۾ ايندو آهي، جيڪو درد کي به هڪ ميراث تصور ڪندو هجي، تنهن ڪري درد جي هن سفير جي ڪهاڻين کي دل جون دريون کولي پڙهڻ کپي.
سڪندر عباسي
شاعريءَ ۾ فطرت جي حسناڪين جا لفظي چتر ٺاهيندڙ احسان دانش پنهنجي سُڀاءَ ۾ به نهايت سلڇڻي طبيعت رکندڙ ماڻهو آهي. سندس گھراڻي جي سرواڻ ڊاڪٽر شاد سان گڏ احسان ۽ رضوان جي ڪري لاڙڪاڻي جي ادبي کيتر نهايت ئي مقبول ۽ معروف آهي. هر فورم تي هن گھراڻي سنڌي ماءُ ٻوليءَ کي ڀيٽا ارپي آهي. هن خاندان ادبي حلقن جون رجشون کڻي به سدائين سڀن جو مرڪي آڌرڀاءُ ڪيو آهي. احسان دانش منهنجن پيارن دوستن ۾ شامل آهي، سندس پيار منهنجي روح سان ڳنڍيون ڏنل آهي.
خالد زخمي