هن بلاگ تي احسان دانش طرفان سڀني سڄڻن کي دل جي گھراين سان ڀليڪار

My Interview



ادب ڪڏهن به مدي خارج نه ٿو ٿي سگھي
ناليواري ليکڪ احسان دانش سان ڳالھ ٻولھ
ڳالھ ٻولھ ڪندڙ: جهانگير عباسي

(احسان دانش جديد سنڌي ادب جو نمائنده شاعر، ڪهاڻيڪار، محقق ۽ مضمون نگار آهي. سچ ته اهو آهي ته هن جو نالو ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي. احسان سنڌي ٻوليءَ جي اهڙن چند خوش نصيب اديبن مان هڪ آهي، جنهن جو جنم هڪ ادبي گھراڻي ۾ ٿيو. شايد انهي تربيت ۽ ماحول جو اثر آهي جو هن تمام مختصر عرصي ۾ پنهنجي مختصر ڪهاڻين، دل کي ڇهندڙ شاعري ۽ تحقيقي پورهئي وسيلي ادب ۾ هڪ ڌار سڃاڻپ ٺاهي ورتي آهي. احسان جو تعلق لاڙڪاڻي سان آهي ۽ لاڙڪاڻي جي سرزمين تان سنڌ جي ڪهاڻي کيتر ۾ جمال ابڙي، اياز قادري ۽ سوڀي گيانچنداڻي کان وٺي نئين ٽهي جي نون ليکڪن تائين جيترا عمده ڪهاڻيڪار پيدا ٿيا آهن اوترا سنڌ جي ڪنهن ٻي شهر مان پيدا نه ٿيا آهن. بيشڪ احسان هن شهر جي باشعور اديبن ۽ ڪهاڻيڪارن ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. احسان هڪ خوبصورت ڪهاڻيڪار سان گڏ بهترين شاعر ۽ ريسرچ اسڪالر به آهي.
هڪ دوست جي حيثيت ۾ احسان، دوستيءَ جو ڀرم رکندڙ، دوستن جو ڀرجهلو، کل مک، محبتي ۽ مٺڙو ماڻهو آهي. جڏهن ته هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ هو هڪ پختو ۽ ٻهڳڻو ليکڪ نظر اچي ٿو. هن جي اکين ۾ ڌرتي جي مظلوم انسانن سان اٿاهه محبت ۽ همدردي جو سمنڊ ڇلڪندي محسوس ٿئي ٿو. هڪ تخليقڪار طور احسان جتي، جنهن جاءِ تي ۽ جنهن سان به انياءُ ٿيندي ڏسي ٿو ته هن جي اندر ۾  ويٺل حساس ليکڪ بيچين ٿي پوي ٿو ۽ سندن درد کي پنهنجي اندر ۾ محسوس ڪندي خود به تڙپي اُٿي ٿو. تڏهن ئي ته خاص طور سندس ڪهاڻين ۾ تخليق ڪيل ڪردار اسانجي سماج جا سچا، کرا ۽ جيئرا جاڳندا ڪردار پيا ڀاسن. اها ساڳي تڙپ هن جي شاعريءَ ۾ به محسوس ڪري سگھجي ٿي. هو هڪ محنتي محقق ۽ نقاد آهي، جنهن جي گواهي سندس لکيل تحقيقي ۽ تنقيدي مقالا ڏين ٿا.
هن انٽرويو ۾ مون ساڻس ادب جي مختلف موضوعن تي گفتگو ڪئي آهي، اوهان هي انٽرويو پڙهي يقينن محسوس ڪندئو ته احسان واقعي هڪ ذهين ليکڪ آهي. ــــ جهانگير عباسي)

جهانگير : اوهان پنهنجي ٻاڪپڻي بابت ڪجھ ٻڌايو ۽ اهو پڻ واضح ڪيو ته لکڻ جي پاسي ڪيئن آيا؟
احسان : ٻالڪپڻو ماڻهو جي زندگيءَ جو هڪ خوبصورت دور هوندو آهي، ان وقت ماڻهو هر فڪر ۽ پريشانيءَ کان آجو هوندو آهي. منهنجو ننڍپڻ به ائين ئي نهايت خوبصورت ۽ يادگار لمحن سان ڀرپور آهي. ننڍڙي وهيءَ جون ننڍڙيون ننڍڙيون ۽ خوبصورت شرارتون به ياد ٿيون اچن ۽ گلن مٿان ڪُڏندڙ پوپٽن پويان ڊوڙڻ وارا پيارا پل به ذهن تي تري ٿا اچن، جڏهن پنهنجو بچپن ياد ڪيان ٿو. رانديون اک ٻوٽ کان ونجھ وٽيءَ تائين سڀئي خوبصورت هونديون هيون. ٻال وهيءَ جا اهي سمورا پيارا پل ڏاڍو جلدي الائي ڪاڏي اڏامي ويا يار.! جيتري قدر ادب ڏانهن مائل ٿيڻ جي ڳالھ آهي ته جڏهن آءٌ پائليٽ هاءِ اسڪول ۾ مئٽرڪ ۾ پڙهي رهيو هوس ته مون ۾ لکڻ جو شوق پيدا ٿيو. اها 1988 جي ڳالھ آهي. منهنجي ان شوق جو بنيادي محرڪ منهنجي گھر جو ادبي ماحول هيو، منهنجو والد (ڊاڪٽر بشير احمد شاد) سنڌ ادب جو هڪ اهم نانءُ آهي، تنهن ڪري گھر ۾ ئي علمي، ادبي ماحول ۽ ڪتاب مليا جن مون ۾ لکڻ لاءِ اتساھ پيدا ڪيو. ان کان علاوه ننڍي هوندي کان ئي بابا سائين سان گڏ ڪيترين ئي وڏين ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ شرڪت جو موقعو به مليو، انهن ڪانفرنسن ۾ جيڪي دانشور ۽ ڏاها گفتگو ڪندا هئا سا تڏهن بنھ سمجھ ۾ نه ايندي هئي پر ايترو ضرور سوچيندو هيس ته انهن کي جيڪا عزت ۽ مانُ ملي ٿو سو سندن ڏاهپ جي ڪري ئي آهي. تنهن ڪري منهنجي اندر به اها خواهش پيدا ٿي ته ڪاش اهڙو مانُ ۽ مرتبو مونکي به ملي.
جهانگير : توهان لکڻ جو آغاز نثر سان ڪيو يا شاعريءَ سان؟
احسان : مون لکڻ جي ابتدا شاعريءَ سان ڪئي ۽ منهنجي شروعاتي دور واري شاعريءَ جو موضوع رڳو ”سنڌ“ هيو. ان زماني ۾ به سنڌ اڄ وانگر مسئلن سان ڀريل هئي. پر خاص طور ڌاڙيل فيڪٽر ۽ لساني فسادن جي عروج وارو زمانو هو. سو جڏهن مان شعور جي اک کولي ته سنڌ کي ٻرندي ڏٺو، تنهن ڪري توهان کي منهنجي ابتدائي شاعريءَ ۾ حالتن جي اها تپش نظر ايندي.
جهانگير : بنيادي طور لکڻ لاءِ توهان کي گھر جي ماحول ۽ آس پاس جي حالتن متاثر ڪيو، پوءِ بعد ۾ توهان جو اهو ادبي سفر ڪيئن رهيو ۽ ڪهڙي ڳالھ توهان کي ادب جي ميدان ۾ نمايان ڪري بيهاريو؟
احسان : توهان ڄاڻو ٿا ته لاڙڪاڻي کي ماضي کان حال تائين علمي ۽ ادبي حوالي سان وڏي اهميت حاصل رهي آهي، ايتري قدر جو هڪڙو زمانو هو جڏهن جميعت الشعراء سنڌ ۽ بزمِ ادب طرفان سنڌ سطح جون ڪانفرنسون ۽ مشاعرا ٿيندا هئا ۽ انهن ۾ به توهان ڏسندا ته گھڻي ۾ گھڻيون ڪانفرنسون ۽ مشاعرا لاڙڪاڻي ۾ ئي ٿيا. چوڻ جو مقصد آهي ته لاڙڪاڻي کي هڪ بهترين ادبي ماضي رهيو آهي، ۽ اهو ادبي تسلسل اڄ تائين به قائم آهي. انهي پس منظر ۾ آءٌ اهو چوندس ته جنهن وقت آءٌ ادب ۾ پير پاتو ۽ شاعريءَ سان نينهن لاتو تڏهن به هي شهر ادبي حوالي سان عروج تي هيو ۽ سنڌي ادبي سنگت سميت ڪافي ادبي تنظيمون سرگرم هيون، ڏاڍا ادبي پروگرام ۽ مشاعرا ٿيندا هيا. مون کي ياد آهي اڄ به اهو ڏينهن جڏهن مان هڪ مشاعري ۾ پنهنجو پهريون شعر پڙهيو هيو، اهو هڪ نظم هيو جنهن ۾ ان دور جي سماجي ڀڃ ڊاھ جو عڪس هيو. بهرحال اهو مون ڏاڍي جذباتي انداز ۾ پڙهيو هيو ۽ تمام گھڻو داد مليو هيو، مونکي ياد آهي اهي بهار جا ڏينهن هئا پر جڏهن شعر پڙهي هيٺ لٿو هيس ته پگھر ۾ شل ٿي چڪو هيس، شايد جواد جعفري به ان مشاعري ۾ پهريون ڀيرو شريڪ ٿيو هو. ڪنهن شاعر منهنجي پٺي ٺپي چيو شاباش پر رومال سان پگھر اگھو. اهي لمحا مون کان اڄ تائين ناهن وسرندا. اها ڳالھ ان ڪري ٻڌائي ته منهنجو اهو پهريون نظم جنهن ۾ منهنجا جذبا ته اجھل هئا پر اهو فني لحاظ کان بلڪل ڪچو شعر هيو، ۽ ان وقت شاعر وزن بحر واري تارازيءَ مان هٿ ئي نه ڪڍندا هئا، تنهن جي باوجود به مونکي بيحد داد مليو ۽ ائين وڌيڪ ڪجھ لکڻ لاءِ منهنجي حوصله افزائي ٿي. ان کان علاوه ڊاڪٽر اياز قادري، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي، انيس انصاري، لقمان حڪيم، حاجي علي بخش جمالي، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ناظم چانڊيو ۽ هدايت منگي جهڙن سينيئر اديبن جي همت افزائي به رهي. سو ان ماحول ۾ منهنجي ذهني ۽ ادبي اوسر ٿي، ۽ آهستي آهستي سڃاڻپ ملي. باقي جيتري قدر منهنجي لکڻين ۾ پختگي پيدا ٿيڻ جو سوال آهي ته ان سلسلي ۾ مان ائين چوندس ته منهنجي فني تربيت ۽ فڪري اوسر ۾ لاڙڪاڻي جي هڪ اهم ادبي اداري سچل ادبي مرڪز جو تمام اهم ڪردار آهي. اتي مشاعرا به ٿيندا هئا ته مستقل طور تنقيدي گڏجاڻيون به ٿينديون هيون، انهن گڏجاڻين مان ئي مونکي تنقيدي شعور مليو. اهي گڏجاڻيو 1990 ڌاري شروع ٿيون، ان وقت احسان دانش جنهن 1988 ۾ شاعريءَ سان لکڻ جو آغاز احسان الحق احسان سان ڪيو هو سو هڪ ڪهاڻيڪار به بڻجي چڪو هيو.
جهانگير : توهان هن وقت تائين ڇا ڇا لکيو آهي، پنهنجي تخليقي پورهئي بابت ڪجھ ٻڌايو؟
احسان : مون سان مصيبت اها آهي ته مان تخليق واري معاملي ۾ ڪڏهن به هڪ هنڌ ٽڪي نه سگھيو آهيان. شاعريءَ کان شروعات ڪئي وري ڪهاڻيون لکيون، ان کانپوءِ تحقيق ڏانهن لاڙو ٿيو، گڏوگڏ ڪالم به لکيا، ترجمو به ڪيو ۽ شاھ جي ڪلام جي شرح لکڻ جو به اعزاز حاصل ٿيو. تخليق جا اهي سمورا پهلو ڪوشش ڪري آءٌ گڏ گڏ کڻي آيو آهيان. ادب جي ميدان هي ۾ بندو گذريل 22 سالن کان لکڻ ۾ رڌل آهي ۽ توهان کي حيرت ٿيندي ته منهنجي شاعريءَ ۽ نثري تخليقن جو انگ لڳ ڀڳ هڪ جيترو آهي، شايد اهو لاشعوري طور ٿيندو رهيو آهي. منهجي ان سموري تخليقي پورهيي سان گڏ منهنجون ڊائريون به مون لاءِ وڏو تخليقي سرمايو آهن، جيڪي آءٌ ورهين کان لکندو رهيو آهيان.
جهانگير : سنڌي کان علاوه ٻيو ڪهڙين ٻولين ۾ اوهان لکيو آهي؟ يا ڪهڙين ٻولين ۾ توهان جي تخليقن ۾ ترجمو ٿيو آهي؟
احسان : سنڌي کان علاوه اردو ۾ مون ڪافي لکيو آهي. اهو شوق مونکي اردو ۾ ماسٽرس ڪرڻ کان پوءِ ٿيو. مون پنهنجي شاعري ۽ ڪجھ ڪهاڻين کي به اردو ۾ ترجمو ڪيو آهي، اهڙي طرح منهنجين تخليقن کي ٻين دوستن به انگريزي ۽ اردو ۾ ترجمو ڪيو آهي جيڪي شايع ٿي چڪيون آهن.
جهانگير : توهان ٿوري ئي عرصي ۾ سنڌي ادب ۾ پنهنجي هڪ الڳ جاءِ ٺاهي ورتي آهي ۽ ادب ۾ گھڻ رخو ڪم ڪيو آهي، توهان تخليق جي جن شعبن ۾ لکيو آهي انهن مان ڪهڙي شعبي ۾ ڪم ڪندي وڌيڪ اطمينان ٿيندو آهي؟
احسان : منهنجي خيال ۾ ادب ۾ صحيح معنى ۾ تخليق جون رڳو ٻه ڌارائون آهن. هڪ شاعري ۽ ٻي فڪشن. جنهن ۾ ڪهاڻي، ناول ۽ ڊرامو اچي وڃن ٿا. ادب جو ٻيو اهم شعبو آهي تنقيد پر تنقيد به تخليق جي محتاج هوندي آهي، جڏهن تخليق ئي نه هوندي ته تنقيد ڇا تي ڪبي. ساڳي طرح ٻي آهي تحقيق جيڪا وري تنقيد سان سلهاڙيل آهي، مان مڃان ٿو ته تحقيق ۽ تنقيد هڪ ڏکيو ۽ محنت طلب ڪم آهي پر اهو خالص تخليقي ڪم نه آهي. بهرحال جيئن مون اڳ ۾ ذڪر ڪيو ته ادب جي ميدان ۾ مون پهريون قدم شاعريءَ جي آڳنڌ تي ڌريو، تنهن ڪري منهنجو پهريون عشق شاعري آهي، ائين ئي جڏهن منهنجي اندر جي تڙپ وڌي ويندي آهي ته مان ڪهاڻي لکندو آهيان، تنهن ڪري آءٌ انهن ٻنهي سان بيحد پيار ڪريان ٿو.
جهانگير : ڪهاڻيءَ جي ڳالھ نڪتي ته توهان شروع شروع ۾ ڪهڙن ڪهاڻيڪارن کان متاثر ٿيئو؟
احسان : ظاهر آهي عمر جي مختلف حصن ۾ ماڻهو مختلف ليکڪن کان متاثر ٿيندو آهي. هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ ابتدائي طور آءٌ پنهنجي ئي اردگرد جي ماحول مان متاثر ٿيس، يعني تنقيدي گڏجاڻين مان، جن ۾ گھڻو ڪري منهنجي ئي ٽهيءَ جا دوست ڪهاڻيون پڙهندا هئا. انهيءَ زماني ۾ مون جمال ابڙي، امر جليل، اياز قادري ۽ نسيم کرل کي پڙهيو جن ڏاڍو متاثر ڪيو، ائين جڏهن مطالعي جو دائرو وسيع ٿيو ۽ سنڌي ادب کان عالمي ادب تائين رسائي ٿي ته خليل جبران، چيخوف، موپاسان، اوهينري، ڪافڪا، گارشيا مارڪيز ۽ پائلو ڪوهلو جهڙن ليکڪن کي پڙهڻ جو موقعو مليو.
جهانگير : هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ اوهان اسانجي سماج جي اوڻائين کي ڪهڙي نظر سان ڏسو ٿا؟
احسان : ڳالھ اها آهي ته ڪهاڻي سماج کان ڪا ڌار شي آهي ئي ڪونه. تنهن ڪري هر سٺي ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجي سماج جا عڪس ۽ اولڙا هوندا آهن، ڇو ته هاڻي اسين اهو دور گھڻو پوئتي ڇڏي آيا آهيون جڏهن مافوق الفطرت ڪهاڻيون لکيون وينديون هيون. تنهن ڪري هن وقت سنڌي ۾ جيڪا ڪهاڻي لکي ٿي وڃي اها پنهنجي سماج سان سلهاڙيل آهي. هونءَ به هڪ سٺو ڪهاڻيڪار سماج جي ڪنهن به برائي تي رڳو آڱر رکندو آهي، هو هڪ نبض شناس وانگر ان مرض جي تشخيص ڪندو آهي ۽ علاج ڏسيندو آهي. هن جو ڪم واعض ڪرڻ نه هوندو آهي، تنهن ڪري هڪ بهترين ڪهاڻيڪار جي ڪهاڻي ڪنهن آرٽسٽ جي اهڙي شاهپاري وانگر هوندي آهي، جنهن کي ڪنهن به ڪيپشن جي ضرورت نه هوندي آهي ۽ هر ڏسندڙ ان کي پنهنجي اينگل کان ڏسندي پنهنجي معنى ڏيندو آهي. توهان سماج جي اوڻائين جي ڳالھ ڪئي، اسان جو سماج ته ڏينهون ڏينهن ٽٽندو ۽ ڀرندو ٿو وڃي ۽ مان سمجھان ٿو هڪ ڪهاڻيڪار انهن ٽڪرن کي سميٽڻ ۽ انهن ذرن کي ميڙڻ جي ئي ته ڪوشش ڪري ٿو. سو منهنجين ڪهاڻين ۾ به توهان کي اهو ئي سڀ ڪجھ نظر ايندو.
جهانگير :  توهان ماضي جي پس منظر ۾ موجوده ڪهاڻي کي ڪٿي بيٺل ڏسو ٿا ۽ اڄ جو نوجوان ڪهاڻيڪار ڪيترو بهتر لکي رهيو آهي؟
احسان : توهان کي ڄاڻ آهي ته ڪجھ عرصو اڳ سنڌي ڪهاڻي جي حوالي سان هڪ ننڍڙي جملي وڏي بحث کي جنم ڏنو هو ته ”جنهن رات نسيم کرل کي گولي لڳي، انهيءَ رات سنڌي زبان جي مهان ڪهاڻيءَ کي به گولي لڳي وئي.“ ۽ اهو جملو سنڌ جي هڪ وڏي ڪهاڻيڪار چيو هو. بعد ۾ وري ان بيان جون ترديدون به ٿيون، بهرحال جيئن به هيو پر هڪ مايوسيءَ جو اظهار ضرور ڪيو ويو هو. خير اها ڳالھ ته پراڻي ٿي وئي پر ٿورو عرصو اڳ وري اسان جي ڪجھ ڪهاڻيڪار دوستن اهو بيان جاري ڪيو ته سنڌي ڪهاڻي فالج ۾ آهي. هونءَ ادب ۾ اهڙا بيان جاري ڪرڻ ڪا نئين روايت به نه آهي ڪنهن وقت انگريزي ڪهاڻي لاءِ به اها ڳالھ ڪئي وئي هئي ته هاڻي انگريزي ڪهاڻي جو خاتمو اچي رهيو آهي. اردو ادب ۾ منٽو جي مري وڃڻ کان پوءِ چيو ويو ته اردو ڪهاڻي ان قبر ۾ دفن ٿي وئي جنهن ۾ منٽو کي دفن ڪيو ويو. اهي پراڻيون ڳالهيون آهن، سو ڪنهن هڪڙي ماڻهوءَ جي وڃڻ سان ڪنهن تخليقي صنف جو وجود ختم نه ٿو ٿي سگھي. ها نقصان ضرور ٿئي ٿو. تخليق هڪ تسلسل آهي، جيڪو ڪڏهن ختم نه ٿو ٿئي. ٻه سال کن اڳ ڪراچي ۾ انيس انصاري اڪيڊمي طرفان ڪوٺايل ڪهاڻي ڪانفرنس ۾ امر جليل سنڌي ڪهاڻي جي حوالي سان چيو هو ته ”جيسيتائين هڪ به سنڌي ماڻهو جيئرو آهي، تيسيتائين سنڌي ڪهاڻي جيئري رهندي.“ ان کان علاوه تازو لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين طرفان ڪرايل ڪهاڻي سيمينار ۾ خود اردو جي اديبن ۽ دانشورن وڏي واڪي چيو ته اردو سميت پاڪستان جي سمورين ٻولين ۾ هن وقت به جيڪڏهن سگھاري ڪهاڻي لکي وڃي ٿي ته اها سنڌي ٻوليءَ ۾ لکي وڃي ٿي.“ ۽ مون کين اهڙي دريا دلي واري بيان تي داد ڏنو هيو. خير منهنجي ذاتي راءِ آهي ته ڇوته تخليق هڪ تسلسل آهي تنهن ڪري اسين ان بابت ڪا به حتمي راءِ نه ٿا ڏئي سگھون.
جهانگير : جيڪڏهن تخليق هڪ ٻئي جو تسلسل آهي ته ڇا اڄ جو ڪهاڻيڪار به ڪلھ جي ڪهاڻيڪار وانگر لکي ٿو؟
احسان : ڏسو نه مان اها ئي ڳالھ توهان کي سمجھائڻ جي ڪوشش پيو ڪيان. سنڌي شاعريءَ مان ئي هڪ مثال ٿا وٺون ته سنڌ جو عظيم شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائي، جنهن صحيح معنى ۾ سنڌ جي سينڌ سنواري آهي، ڇا ان جي اثر ۽ سحر هيٺ رهي سنڌ جي ڪنهن ٻي شاعر کي قلم ئي نه کڻڻ کپندو هيو! ائين ته ناهي! ته شاعري هجي يا ڪهاڻي اُهي پنهنجي ماضيءَ جو تسلسل آهن. ٺيڪ آهي ان تسلسل قائم رکڻ سان کڻي ٻيو شاھ لطيف پيدا نه ٿي سگھيو پر شيخ اياز، نارائڻ شيام ۽ استاد بخاري ته پيدا ٿيا. جيڪڏهن ڀٽائي تي ئي اسين سندس عقيدت ۾ ٻڏي اسٽاپ ڏئي ڇڏيون ها ته اسين اتي ئي بيٺا هجون ها، هن وقت تائين سنڌي شاعري جيڪا ترقي ڪئي آهي اها ان ڪري ئي آهي ته اسان وٽ نوان تخليقڪار آيا، نيون صنفون آيون، نوان تجربا ٿيا. سو جيڪڏهن پاڻ ڪلهوڙن جي دور تي ئي تخليق جي ان سفر جي پڄاڻي ڪيون ها ته شايد اسين بيت ۽ وائي کان اڳتي نهارڻ جي لائق نه ٿيون ها. هن وقت اسان جي سنڌي شاعريءَ ۾ غزل به آهي، نظم به آهي ته سانيٽ، ترائيل ۽ هائيڪو جهڙيون نيون صنفون به آهن. ائين ئي ڪيترن نون فني گھاڙيٽن تي ڪم ٿيو آهي. ساڳي ريت ڪهاڻي به بيٺي ناهي ۽ اسان جا نوجوان دوست اڄ به ڏاڍيون سگھاريون ڪهاڻيون لکي رهيا آهن. موجوده دور جا معياري سنڌي رسالا منهنجي ڳالھ جي گواهيءَ لاءِ ڪافي آهن. سو ڪهاڻيءَ جو قافلو روان دوان آهي، نوجوان پنهنجن سينئر ڪهاڻيڪارن جي پٺيان پٺيان وڌيڪ نئين احساس سان اڳتي وڌي رهيا آهن.
جهانگير : سنڌي ٻوليءَ ۾ ناول ايتري ترقي ڇو نه ڪري سگھيو آهي جيتري شاعريءَ ۽ ڪهاڻيءَ ڪئي آهي؟
احسان : اها ڳالھ بلڪل درست آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ناول ڪا جوڳي ترقي نه ڪري سگھيو آهي، خاص طور موجوده دور ۾ اسان وٽ ناول اٽي ۾ لوڻ برابر آهن، پر ان جا ڪيترا ئي سبب آهن. منهنجي خيال ۾ ان جو وڏي ۾ وڏو سبب ورهاڱي جو وڍ آهي. اهو اسان کي مڃڻو پوندو ته Partition اسان کان رام پنجواڻي، گوبند مالهي، ڪرشن کٽواڻي ۽ موهن ڪلپنا جهڙا وڏا ليکڪ ڌار ڪيا. جيتوڻيڪ انڊيا ۾ به هو مسلسل لکندا رهيا پر اهو هڪ کليل سچ آهي ته سنڌي ادب ۾ ڪالھ جيڪا دراڙ پئي هئي اها اڄ تائين ڀرجي نه سگھي آهي. سنڌي ناول جي ماضي ۾ اسان کي مرزا قليچ بيگ جي ”زينت“، رام پنجواڻي جي ”قيدي“، عثمان ڏيپلائي جي ”سانگھڙ“ ۽ خليق مورائي جي ”سندري“ جهڙا بهترين ناول نظر ايندا، پر ان کان پوءِ هڪ وڏي وٿي آهي، هڪ وڏي دراڙ آهي جيڪا ڏينهون ڏينهن وڌندي ٿي وڃي.
جهانگير : هڪڙو خيال آهي ته ادب به هاڻي ٻين ڪيترين ئي شين وانگر هڪ مدي خارج چيز بڻجي ويو آهي يا ان جي اها افاديت نه رهي آهي، اها ڳالھ ڪيتري قدر درست آهي؟
احسان :  مان سمجھان ٿو ائين نه آهي. ادب جو تعلق انسان جي احساسن سان آهن، تنهن ڪري جيسيتائين احساس جيئرا آهن، ادب جيئرو رهندو. سو ادب ڪڏهن به مدي خارج نه ٿو ٿي سگھي. ادب پنهنجي دور جي سماجي تاريخ به آهي، انهيءَ ڪري ادب ۾ اواهان کي نه رڳو فرد جي انفرادي پيڙائن جو عڪس ملندو پر سماج جا اجتماعي مسئلا به ان جو موضوع هجن ٿا. ان ڪري ادب کي اسين ڪڏهن به Date Expired شيءِ نه ٿا چئي سگھون. مسئلا مٽجي سگھن ٿا، دور جون تقاضائون تبديل ٿي سگھن ٿيون پر اسين ادب جي افاديت کان انڪار نه ٿا ڪري سگھون. ڏسو نه جڏهن ڪيميرا وجود ۾ آئي هئي ته ماڻهن چوڻ شروع ڪيو ته هاڻي وڏن وڏن آرٽسٽن (مصورن) جي ضرورت نه آهي، ڇو ته جيڪا تصوير يا لينڊ اسڪيپ ڪو مصور ڏينهن جي محنت کان پوءِ ٺاهي ٿو، تنهن کي گھٽ وقت ۾ وڌيڪ بهتر رزلٽ سان حاصل ڪري سگھجي ٿو، پر دنيا ڏٺو ته اڄ تائين مصوريءَ جي اهميت ۾ ڪا به گھٽتائي نه آئي، ان ڪري جو اهي تصويرون جيڪي ڪو مصور تخليق ڪري ٿو انهن ۾ سندس جذبا ۽ خون شامل هوندو آهي. ائين ئي اليڪٽرونڪ ميڊيا جي ڦهلاءَ کي ڏسندي ڪن چوڻ شروع ڪيو ته هاڻي ادب کي ڪو پڙهڻ وارو نه هوندو، جو سموري ادب کي اليڪٽرونڪ ميڊيا وسيلي ڏسي ۽ ٻڌي سگھجي ٿو، پر توهان ڏسو اها ڳالھ به صحيح نه نڪتي. هاڻي ته اسين Computer Age ۾ گذاريون ٿا، آڱر جي هڪ ڇهاءَ سان دنيا توهان جي آڏو آهي، پر مان سمجھان ٿو اڄ به سڄي دنيا ۾ ادب جي ساڳي اهميت آهي، بلڪه انٽرنيٽ ۽ ٻين تڪڙن وسيلن جي ڪري ادب جا پڙهندڙ وڌيا آهن. سو ان جي باوجود جيڪڏهن ڪوئي چوي ٿو ته تخليق ختم ٿي وئي آ، تخليقيت ختم ٿي وئي آ ۽ تخليقڪار مفلوج ٿي ويو آ ته مان سمجھان ٿو خود ان ماڻهوءَ جي سوچ مفلوج ٿي وئي آهي.
جهانگير : توهان جي عالمي ادب تي به نظر رهي آهي، توهان ڇا ٿا سمجھو ته هن وقت سنڌي ادب عالمي ادب جي ڀيٽ ۾ ڪٿي بيٺو آهي.
احسان : آءٌ ادب جو هڪ ننڍڙو طالبِ علم آهيان، عالمي ادب جو مطالعو وسيع اصطلاح آهي. مون جيڪو ٿورو گھڻو ڪلاسيڪل ۽ جديد ادب جي حوالي سان پڙهيو آهي، ان جي بنياد تي جڏهن سنڌي ادب تي نظر وجھان ٿو مونکي ڪي اهڙا تخليقڪار به نظر اچن ٿا، جن اڪيلي سر تمام وڏو ۽ معياري ڪم ڪيو آهي، کڻي ائين چئجي ته انهن صدين جو سفر لمحن ۾ طئي ڪيو آهي. مرزا قليچ بيگ واري دور کان پوءِ اسان کي جديد سنڌي شاعريءَ ۾ شيخ اياز جهڙو وڏو نالو نظر اچي ٿو، جنهن سنڌي شاعريءَ کي نئين دور جي تقاضائن مطابق اڳتي وڌايو ۽ ڪئين نوان تجربا پڻ ڪيا. هن ترائيل، سانيٽ ۽ هائيڪو جهڙين صنفن کي سنڌي ادب ۾ ڀرپور نموني متعارف ڪرايو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن جديد سنڌي شاعريءَ کي هڪ مضبوط بنياد فراهم ڪيو، سندس نثر به لاجواب آهي. ساڳي طرح تحقيق جي ميدان ۾ موجوده دور ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ڪم Un parallel آهي. ٻولي، ثقافت، تاريخ، لوڪ ادب ۽ لطيفيات هن جي تحقيق جا موضوع رهيا آهن، سچ اهو آهي ته ڊاڪٽر صاحب صحيح معنى ۾ سنڌي ٻوليءَ جو محسن آهي. ان پس منظر ۾ اسان ڏسندا سين ته سنڌي ادب تخليق ۽ تحقيق جي ميدان ۾ ملڪ جي ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ وڏي پد تي نظر ايندو. باقي رهي ڳالھ عالمي ادب سان ڀيٽ جي ته اسين هرو ڀرو ايڏي خوش فهميءَ جو شڪار نه آهيون، جو هر تخليقڪار کي عالمي معيار جو تخليقڪار چئون. دنيا ۾ ماڊرن لٽريچر الائي ڪيڏين تحريڪن ۽ ادبي لاڙن مان رچي اڳتي وڌندو رهيو آهي ۽ بدقسمتيءَ سان اسان وٽ ان حوالي سان باضابطه طور ڪابه وڏي ادبي تحريڪ رهي ئي نه آهي. البته پوءِ به ڪجھ تخليقڪار اهڙا آهن جن کي اسين دنيا جي معياري ادب جي ڀيٽ ۾ فخر سان پيش ڪري سگھون ٿا. جيئن جمال ابڙو آهي، هن زندگيءَ ۾ رڳو 17 ڪهاڻيو لکيون پر انهن ڪهاڻين لاءِ شيخ اياز چيو هو ته جيڪڏهن انهن کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو وڃي ته اهي دنيا جي بهترين افسانوي ادب جو حصو بڻجي سگھن ٿيون. شيخ اياز خود اهڙن شاعرن ۾ شامل آهي هن جي شاعري واقعي به عالمي معيار جي آهي، ڇو ته هن پنهنجي مقامي حالتن کان اڳتي وڌي عالمي انقلابن جي ڳالھ به پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪئي آهي ۽ هن جي شاعريءَ ۾ عالمي سياسي ۽ سماجي حالتن جو اولڙو گھڻو نظر اچي ٿو. سو سنڌي ادب جا ڪجھ نالا اهڙا ضرور آهن، پر ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته اهڙا تخليقڪار جيڪي ٿورا آهن سي گھڻا ٿي پون، تڏهن ئي اسين اها دعوى ڪري سگھندا سين ته اسين دنيا جي بهترين ادب سان بر ميچي سگھون ٿا.
جهانگير : موجوده دور ۾ سنڌ ڪيترن ئي مسئلن جو آماجگاھ بڻجي چڪي آهي، جن ۾ بک، بدحالي، بد امني، بيروزگاري ۽ ڪارو ڪاري سان گڏ و گڏ پاڻيءَ جي کوٽ جهڙا حساس مسئلا شامل آهن. توهان هڪ ليکڪ جي حيثيت سان انهن مسئلن کي ڪيئين ٿا ڏسو ۽ هڪ تخليقڪار انهن جي حل لاءِ ڇا ٿو ڪري سگھي؟
احسان : دنيا ۾ جيڪي به وڏا وڏا انقلاب آيا آهن انهن ۾ اديبن وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. مارڪس چيو هو نه ته ”جيڪڏهن گورڪي Mother ناول نه لکي ها ته فرانس جو انقلاب گھٽ ۾ 10 سالن بعد اچي ها.“ سو هڪ ليکڪ جو هٿيار هن جو قلم آهي، ۽ ان هٿيار مان گوليون نه پر گُل نڪرندا آهن، ڇو ته هر سٺو ليکڪ ماڻهپي جو مانُ مٿاهون ڪندڙ ۽ اعتدال پسند هوندو آهي. هو لفظن جي جنگ وڙهي سماج ۾ شعور جا ڏيئا ٻاريندو آهي. هو سماجي ڏاڍ کي ڪڏهن به برداشت نه ٿو ڪري، هو اهڙي حالت ۾ تڙپي ٿو لڇي ٿو ۽ لفظن کي پنهنجو آواز بڻائي ٿو. سنڌ جو ليکڪ به انهن مسئلن کي ڏسي ساڳي ڀوڳنا مان گذري ٿو ۽ پنهنجي وس آهر شعور جون ڏيئاٽيون ٻاري ٿو. سنڌي اديب ون يونٽ ۽ مارشلا واري دور ۾ به ڏاڍي بيباڪيءَ سان لکيو آهي، تنهن ڪري اسان وٽ توهان کي مزاحمتي ادب ڪافي ملندو. سنڌي اديب ڌارين جي آبادڪاري واري معاملي کان پاڻي جيڪو سنڌ جي جيئاپي جو مسئلو آهي تائين باخبر آهي ۽ اهڙن مسئلن تي نه رڳو قلمي پر عملي طرح به پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي، حالانڪه سڌريل دنيا ۾ عمل جي ميدان ۾ عوامي نمائنده ۽ سياستدان هوندا آهن. مان به هڪ تخليقڪار جي حيثيت ۾ انهن مسئلن کي ڏسي تڙپندو ۽ لکندو رهيو آهيان.
جهانگير : زندگي توهان جي نظر ۾ ؟
احسان : جهانگير ايڏو وڏو سوال پڇڻ ڪيڏو سولو آهي! ان جو جواب ڏاڍو ڏکيو آهي مٺا. مان ته سمجھان ٿو ته زندگي هڪ الجھيل سُٽ آهي، جنهن کي سُلجھائيندي سُلجھائيندي زندگي گذري وڃي ٿي. مان چوندو آهيان زندگيءَ کي لمحن ۾ جيئڻ کپي هر لمحي جو پنهنجو حُسن ۽ ڪَرب آهي، اسان کي جيون جي هر لمحي کي اکين تي رکڻو آهي. مون زندگيءَ جو ذائقو چکيو آهي. مان ان کي ڪڏهن زهر جي گوريءَ وانگر محسوس ڪيو آهي ته ڪڏهن آبِ حيات جيان. مونکي هڪڙو ڪوٽيشن ٿو ياد اچي ته ”زندگي ڪنهن ننديءَ وانگر آهي، جنهن ۾ ڪيئي ور وڪڙ آهن، پر ان جي هر وڪڙ ۽ موڙ مان مزو ماڻڻ کپي، ڇو ته اهي واپس اچڻا نه آهن.“ هڪڙا ماڻهو زندگي ۾ نه ڀرپور نموني کِلي سگھندا آهن ۽ نه ئي ڀرپور نموني روئي سگھندا آهن. مان چوندو آهيان اهڙن ماڻهن جي زندگي ئي اجائي وئي. منهنجي ڪهاڻي ”بي انت مسافت“ زندگيءَ جي انهي اُس ۽ ڇانوَ جي ڪهاڻي آهي. منهنجي هڪ ست رنگيءَ جي سٽ آهي:
زندگي زهر هجي پو به مٺي.
جهانگير : توهان ڪهڙن ماڻهن سان محبت ڪرڻ پسند ڪندا آهيو؟
احسان : پيارا سوال توهان جو ڪافي عجيب آهي. مڌر ٽريسا چيو هو نه ته ”ماڻهن کي اَنَ جي اڻاٺ نه پر محبت جي ڏُڪر ماري وڌو آهي.“ سو معاشري ۾ محبت جو ڏُڪر ضرور آهي، پر شاعر ان معاملي ۾ شاهوڪار هوندا آهن. شاعر ته هوندا ئي محبتن جا پرچارڪ آهن، ۽ مان بنيادي طور شاعر آهيان تنهن ڪري ڪنهن سان نفرت جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، ها ناراضگي ٿي سگھي ٿي، پنهنجن دوستن کان پنهنجن پيارن کان پر مان سچ ٿو چوان ته منهنجي ناراضگي برف وانگر آهي جيڪا ٿورڙي ئي پيار جي گرميءَ سان پگھرجي ويندي آهي. آءٌ ڪنهن ڀيد ڀاو کان بنان هر ان ماڻهوءَ سان پيار ڪندو آهيان جنهن وٽ ماڻهپو آهي پر ان کان به اڳتي مان بُري کان بُري ماڻهوءَ سان به محبت جو جواز ڳولهيندو آهيان. هي فقير سچ پچ ائين ئي آهي.
جهانگير : شاعرن لاءِ اڪثر چيو ويندو آهي ته عشق جي چوٽ لڳڻ کان پوءِ اهي شاعر ٿيندا آهن. ڀلا توهان به ڪنهن سان محبت ڪئي آهي؟
احسان : منهنجي شاعريءَ جو سبب محبت ۾ ناڪامي نه آهي. جيئن مون اڳ ۾ ذڪر ڪيو ته مان پنهنجي سماجي حالتن کان متاثر ٿي شاعري شروع ڪئي. باقي محبت کان سواءِ ته انسان اڌورو آهي، سو مون به محبت ڪئي آهي پنهنجي ڌرتيءَ سان، پنهنجي ٻوليءَ سان، نازڪ رشتن سان ۽ پنهنجن دوستن سان. باقي جيڪڏهن توهان جو ان پرينءَ ڏانهن اشارو آهي جنهن جو منهنجي شاعريءَ ۾ ذڪر آهي ته اهو به هڪ سچ آهي، هڪ اهڙو سچ جيڪو منهنجي خوابن جو به حصو آهي، جيڪو منهنجي اندر کي سگھ بخشي ٿو ۽ جنهن جي ڪري ئي آءٌ پنهنجن لفظن سان به عشق ڪيان ٿو.
جهانگير : هڪ شاعر جي حيثيت ۾ توهان ڪهڙي صنف ۾ پنهنجن جذبن ۽ احساسن کي وڏيڪ ڀرپور نموني اظهاريندا آهيو؟
احسان : جيتوڻيڪ مون لکڻ جو آغاز نظم ۽ هائيڪو سان ڪيو پر جيڪا صنف مونکي سڀ کان وڌيڪ وڻندي آهي اها آهي غزل. ۽ شايد آءٌ پاڻ کي غزل ۾ ئي بهتر نموني اظهاري سگھيو آهيان.
جهانگير : توهان شاعريءَ ۾ ڪي نوان تجربا به ڪيا آهن؟
احسان : ها ڪجھ عرصو اڳ مون سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نئين صنف ”ست رنگي“ جي نالي سان متعارف ڪرائي هئي. جنهن جي ستن سٽن ۾ ست موضوع هوندا آهن. اهڙيون ڪجھ ست رنگيون منهنجي شعري مجموعي ”لفظن جي خوشبو“ ۾ شامل آهن. مونکي بيحد خوشي آهي ته ان تجربي کي سنڌ جي شاعرن نه رڳو قبوليو پر ڪيترن ئي شاعرن ”ست رنگيون“ لکڻ به شروع ڪيون آهن.
جهانگير : توهان هڪ ڪاليجي استاد جي حيثيت سان سنڌ جي موجوده تعليمي صورتحال بابت ڪهڙي راءِ رکو ٿا؟
احسان : تعليم ڪنهن به سماج جو Back Bone آهي. جتي تعليم نه هوندي آهي اتي ذهني مفلسي هوندي آهي. نيپولين چيو هو ته ”توهان مونکي پڙهيل لکيل مائرون ڏيو، مان توهان کي باشعور قوم ڏيندس.“ ان مان ظاهر آهي ته تعليم شعور جو آبشار آهي. ڏک جي ڳالھ اها آهي ته گذريل ٽن ڏهاڪن کان اسانجي تعليمي صورتحال نهايت افسوسناڪ رهي آهي. ان جا ڪيترا ئي سبب آهن. انهن سببن ۾ سياسي منافقتون به شامل آهن. جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ سدائين تعليم ۽ صحت وارن شعبن ۾ گھڻي ۾ گھڻي فنڊنگ به ٿيندي رهي آهي، پر پوءِ به اسان جو تعليمي نظام تباهيءَ ڏانهن ويندو رهيو آهي. ان ۾ شڪ ناهي ته حڪومتون تعليم جي بهتريءَ لاءِ تدبيرون به ڪنديون رهيون آهن، پر هاڻي ان ۾ وڌيڪ سنجيدگيءَ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اسانجي تعليم بيساکين تي بيٺل هوندي ته سمجھو اسان جو معاشرو به بيساکين تي بيٺل هوندو. استاد، شاگرد، والدين ۽ حڪومت کي گڏجي تعليم جو ٻيڙو تارڻو پوندو.
جهانگير : سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واڌاري ۽ ترقيءَ لاءِ جيڪي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، توهان هڪ ليکڪ طور ان ڪم مان ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟
احسان : سنڌي ٻوليءَ کي هن وقت تائين هڪ صوبائي ۽ ريجنل ٻولي سمجھيو ويندو رهيو آهي، پر اسان جو منڍ کان وٺي اهو ئي موقف آهي ته سنڌي هڪ قومي زبان آهي، سنڌيءَ کي قومي زبان تسليم ڪرائڻ لاءِ سنڌي ادبي سنگت سميت سنڌ جا سمورا ادبي ادارا جدوجهد ڪري رهيا آهن. اها هڪ سٺي ڳالھ آهي. اوهان کي خبر هوندي ته سنڌي ملڪ جي سمورن صوبن ۾ ڳالهائي ويندڙ سڀني زبانن کان شاهوڪار ۽ ادبي خزانن سان مالا مال زبان آهي. اسانجي ٻوليءَ جون پاڙون صدين جي تهذيب ۾ کتل آهن، سنڌي ٻوليءَ جي اوسر کي سمجھڻ لاءِ اسان کي پنج هزار سال پوئتي وڃڻو پوندو. اصل ۾ سنڌي ٻولي ڏاڍي وسيع ۽ بليغ زبان آهي، اسانجو ادبي ماضي ۽ روايتون ڪافي پراڻيون آهن. جن تي ڪم ڪرڻ لاءِ سال نه پر صديون گھرجن. هن وقت تائين سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ قائم ادارن طرفان جيڪو ڪم ٿيو آهي اهو بيشڪ گھٽ آهي. پر مان سمجھان ٿو ، اهي ادارا تڏهن ئي صحيح ڪم ڪري سگھندا جڏهن انهن کي مستحڪم ڪيو ويندو.
جهانگير : سنڌ رويو توهان کي ڪيئن لڳندو آهي؟
احسان : حقيقت اها آهي ته وچ ۾ سنڌي ادبي رسالن جو وڏو بحران ٿي ويو هو پر جس آهي ڀاءُ عرفان ۽ ”سنڌ رويو“ جي سموري سٿ کي جن ڏکين کان ڏکين حالتن سان منهن ڏيندي به رسالي کي مستقل طور شايع ڪيو آهي. هي سنڌي ٻوليءَ جي آڱرين تي ڳڻڻ جهڙن معياري ۽ مستقل شايع ٿيندڙ رسالن مان هڪ آهي. خاص طور هن ۾ جيڪي شخصيتن تي ڪارنر ۽ نمبر ڪڍيا ويا آهن، اهي تاريخي دستاويز جهڙي حيثيت رکن ٿا ۽ سانڍڻ جهڙا آهن. هن سوال جو فائدو وٺندي مان اهو به چوندس ته ڀاءُ عرفان مون جهڙي فقير ماڻهوءَ کي سڏي هي ڪارنر شايع ڪيو آهي جنهن لاءِ سچ پچ آءُ سندس ٿورائتو آهيان.
جهانگير : آخر ۾ پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام؟
احسان : قومن جي ترقيءَ جو بنياد عمل تي آهي. خوابن جا محل تعمير ڪرڻ کان بهتر آهي ته ننڍڙو ئي سهي پر ڪو عملي ڪم ڪجي. مان سمجھان ٿو ته اها ئي ڳالھ اسان کي آئيندي جي روشن راهن ڏانهن وٺي وڃي سگھي ٿي.
(ماهوار ”سنڌ رويو“ جي ”احسان دانش نمبر“ آڪٽوبر 2010 ۾ شايع ٿيل)